7 پر خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اها رِٿ ڪين بيهندي، ۽ ائين ڪين ٿيندو.
7 پر آءٌ خداوند واعدو ٿو ڪريان تہ ائين ڪڏهن بہ نہ ٿيندو،
خداوند جي صلاح هميشہ تائين قائم رهندي، ۽ سندس دل جا خيال پيڙهين تائين.
بيشڪ انسان جو غضب تنهنجي تعريف جو سبب ٿيندو؛ ۽ باقي رهيل غضب سان تون پنهنجي ڪمر ٻڌندين.
ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.
۽ موت سان ٻڌل اوهان جو عهد اقرار رد ٿي ويندو، ۽ دوزخ سان اوهان جو انجام قائم نہ رهندو، جڏهن سزا جي اُٿل ايندي، تڏهن اوهين انهي جي هيٺ لتاڙجي ويندا.
تون مون تي ڪاوڙيو آهين، ۽ تنهنجي بي ادبي منهنجن ڪنن تائين پهتي آهي؛ تنهنڪري آءٌ پنهنجو ڪنڍو تنهنجي نڪ ۾ وجهندس، ۽ پنهنجو لغام تنهنجي وات ۾ وجهندس، ۽ جنهن رستي تون آيو آهين تنهن رستي توکي پٺ تي موٽائيندس.
۽ يهوداہ جي بادشاهہ آخز بن عزياہ جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو، تہ ارام جو بادشاهہ رضين، ۽ اسرائيل جو بادشاهہ فقحہ بن رملياہ، يروشلم سان جنگ ڪرڻ لاءِ اوڏي ويا؛ پر انهيءَ تي غالب پئي نہ سگهيا.
هلو تہ هلي يهوداہ تي ڪاهي انهن کي ستايون، ۽ انهي ۾ پنهنجي لاءِ ڀڃي رستو ڪريون، ۽ انهي منجهہ طابيل جي پٽ کي بادشاهہ ڪري ويهاريون:
گڏجي صلاح مصلحت ڪريو، پر اها ڪنهن ڪم جي نہ ٿيندي؛ ڪا ڳالهہ ڪريو پر اها بيهڪ نہ وٺندي: ڇالاءِ جو خدا اسان سان آهي.
اُهو ڪير آهي جو چوي ٿو تہ ائين ٿئي ٿو، جڏهن خداوند اهڙو ڪم نٿو ڪري؟
۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.