Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 7:6 - Sindhi Bible

6 هلو تہ هلي يهوداہ تي ڪاهي انهن کي ستايون، ۽ انهي ۾ پنهنجي لاءِ ڀڃي رستو ڪريون، ۽ انهي منجهہ طابيل جي پٽ کي بادشاهہ ڪري ويهاريون:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هو تنهنجي ملڪ يهوداہ تي چڙهائي ڪن ۽ اتي وارن کي ڏهڪائي سندن ملڪ تي قبضو ڪن، پوءِ انهيءَ منجھہ طابيل جي پٽ کي بادشاهہ ڪري ويهارين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 7:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن ساري اسرائيل قوم ڏٺو تہ بادشاهہ سندس ڳالهہ نہ مڃي تڏهن ماڻهن بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪهڙي پتي آهي؟ اسان جو يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي: اي اسرائيليو، پنهنجن تنبن ڏي هليا وڃو: هاڻي اي دائود، تون پنهنجي گهر جي نظر ڪج. تڏهن اسرائيلي پنهنجن تنبن ڏي هليا ويا.


پر يورام بادشاهہ جي ڌيءَ، اخزياہ جي ڀيڻ يهوسبع، جيڪي بادشاهہ جا پٽ قتل ٿيا، تن منجهان اخزياہ جي پٽ يوآس کي سندس دائيءَ سميت چورائي کڻي ويئي، ۽ انهن کي سمهڻ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪائي ڇڏيائين؛ ۽ انهيءَ کي عتلياہ کان لڪائي ڇڏيائين، جنهنڪري هو مارجي نہ ويو.


۽ هاڻي اوهين سمجهو ٿا تہ خداوند جي بادشاهت، جا دائود جي پٽن جي هٿ ۾ آهي، تنهن سان مقابلو ڪريو؛ ۽ اوهين گهڻا ماڻهو آهيو، ۽ اوهان سان سونا گابا آهن، جي يربعام جوڙي اوهان کي معبود ڪري ڏنا آهن.


انهيءَ هوندي بہ خداوند دائود جي گهراڻي کي ناس ڪرڻ نہ گهريو، ڇالاءِ جو دائود سان عهد اقرار ڪيو هئائين ۽ انجام ڪيو هئائين تہ هن کي ۽ سندس اولاد کي هميشہ هڪڙو ڏيئو ڏيندو رهندو.


تنهنڪري خداوند سندس خدا هن کي ارام جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو؛ ۽ انهن هن کي شڪست ڏيئي، ۽ سندس ماڻهن مان تمام گهڻا قيدي کڻي دمشق ۾ آندا. ۽ هو اسرائيل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ بہ ڏنو ويو، جنهن ڏاڍي ڪوس سان هن کي شڪست ڏني.


ڇالاءِ جو اُنهن تنهنجي برخلاف برائي جو ارادو ڪيو: ۽ تجويز رٿيائون جا اُهي پوري ڪري نہ سگهيا.


اهي تُنهنجي اُمت جي برخلاف چالاڪيءَ جون صلاحون ٿا ڪن، ۽ جن تُنهنجي پناهہ ورتي آهي، تن جي برخلاف منصوبا ٿا رٿين.


ماڻهوءَ جي دل ۾ گهڻيون ئي تجويزون آهن؛ پر قائم فقط خداوند جي رٿ رهندي.


۽ يهوداہ جي بادشاهہ آخز بن عزياہ جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو، تہ ارام جو بادشاهہ رضين، ۽ اسرائيل جو بادشاهہ فقحہ بن رملياہ، يروشلم سان جنگ ڪرڻ لاءِ اوڏي ويا؛ پر انهيءَ تي غالب پئي نہ سگهيا.


ڇالاءِ جو آرام، ۽ افرائيم، ۽ رملياہ جي پٽ، تنهنجي برخلاف خرابي سٽي آهي، ۽ چون ٿا تہ


پر خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اها رِٿ ڪين بيهندي، ۽ ائين ڪين ٿيندو.


شيلوخ جو پاڻي جو آهستي پيو وهي تنهن کي هن قوم رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اُهي رضين ۽ رملياہ جي پٽ تي فخر ٿا ڪن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ