Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 7:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن خداوند يسعياہ کي چيو تہ هاڻي تون ۽ تنهنجو پٽ شيارياشوب نڪري وڃي ميٽ جي کاڻ واري شاهي سڙڪ تي، مٿين ڍنڍ جي نهر جي پڇڙيءَ وٽ، آخز کي گڏجو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن خداوند يسعياہ کي فرمايو تہ ”تون ۽ تنهنجو پٽ شيارياشوب نڪري وڃي مٿين ڍنڍ، جيڪا ڌوٻي گھاٽ جي شاهي رستي تي آهي، تنهن جي موريءَ جي آخري ڇيڙي وٽ آخز سان ملو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 7:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فقحہ بن رملياہ جي سترهين ورهيہ ۾، آخز بن يوتام، يهوداہ جو بادشاهہ بادشاهي ڪرڻ لڳو.


پوءِ اسور جي بادشاهہ ترتان، ۽ رب سارس ۽ ربشاقيءَ کي لڪيس مان وڏو لشڪر ساڻ ڏيئي بادشاهہ حزقياہ ڏانهن يروشلم ۾ موڪليو. ۽ هو روانا ٿيا ۽ يروشلم ۾ آيا. ۽ جڏهن هو اُتي پهتا تڏهن مٿين ڍنڍ، جا ڌوٻي گهاٽ جي شاهي رستي تي آهي، تنهن جي موريءَ تي اچي بيهي رهيا.


هاڻي حزقياہ جا باقي ٻيا ڪم ۽ سندس طاقت ۽ ڪيئن هن حوض موڙي جوڙي ۽ شهر ۾ پاڻي آندائين، اهو سڀ يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟


انهيءَ کانپوءِ جيڪا جڳهہ دائود جي قبرستان جي سامهون آهي تنهن تائين، ۽ جيڪا ڍنڍ جُڙي هئي تنهن تائين، ۽ بهادر مردن جي گهر تائين، نحمياہ بن عزبوق مرمت جو ڪم ڪيو، جو بيت سور جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو.


هاڻي تون صبح جو سوير فرعون وٽ وڃج، ۽ ڏس، هو انهيءَ مهل درياهہ تي ويندو؛ ۽ تون کيس گڏجڻ لاءِ درياهہ جي ڪپ تي وڃي بيهہ، ۽ جيڪا لٺ بدلجي نانگ ٿي پئي هئي، سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃج.


باقي رهيل، يعني يعقوب جا باقي رهيل، قادر خدا ڏي موٽندا.


۽ اوهان يروشلم جي گهرن جو شمار ڪيو، ۽ ڀت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اوهان مڪان ڀڃي ڊاهي وڌا.


۽ پراڻي ڍنڍ جي پاڻيءَ لاءِ اوهان ٻن ڀتين جي وچ ۾ هڪڙو حوض بہ بنايو: پر جنهن اهو حڪم ڪيو تنهن ڏي اوهان نہ نهاريو، نڪي جنهن گهڻا ڏينهن اڳي انهيءَ کي رٿيو هو تنهن ڏانهن اوهين ڦريا.


۽ اسور جي بادشاهہ، ربشاقيءَ کي لڪيس مان هڪڙي وڏي لشڪر سان، حزقياہ بادشاهہ وٽ يروشلم ڏانهن موڪليو، ۽ هو ميٽ جي کاڻ واري شاهي رستي تي مٿئين تلاءَ جي موريءَ وٽ اچي بيٺو.


شرير ماڻهو پنهنجو رستو ڇڏي، ۽ ناراست پنهنجا خيال ڇڏي ڏئي: اهو خداوند ڏانهن موٽي تہ هو مٿس رحم ڪندو؛ ۽ اسان جي خدا ڏانهن اچي، ڇالاءِ جو هو گهڻي معافي ڏيندو.


۽ جيڪڏهن انهيءَ ۾ ڏهين حصي جيترو رهجي ويندو هوندو، تہ اهو بہ وري کاڄي ويندو: جيئن ڪو تارپين ۽ شاهہ بلوط جو وڻ وڍجي جنهن کي وڍڻ کان پوءِ هن جو ٿُڙ بچيل هجي تيئن پاڪ نسل هن جو ٿُڙ آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر وڃ ۽ اُتي هي ڳالهہ ٻڌاءِ،


۽ يسعياہ، اسرائيل جي نسبت ۾ پڪاري چوي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو هوندو، تہ بہ اُنهن مان ڪي ٿورا ئي بچندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ