Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 7:21 - Sindhi Bible

21 ۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙو ماڻهو هڪڙي جوان ڳئون، ۽ ٻہ رڍون پاليندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21-22 جڏهن اهو وقت ايندو تڏهن جنهن ماڻهوءَ وٽ رڳو هڪڙي ڳئون ۽ ٻہ ٻڪريون پاليل هونديون، سو بہ انهن مان مليل کير کي ايترو تہ جھجھو سمجھندو جو انهن جو مکڻ کائڻ کي پنهنجي خوش‌نصيبي ڄاڻيندو. هائو، انهيءَ ملڪ ۾ بچي ويلن منجھہ اهڙي قسم جي حالت کي بہ نهايت آسودگي ۽ خوشحالي سمجھيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 7:21
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن غريبن جا پهريان ڄاول ٻار کائيندو، ۽ محتاج سلامتيءَ سان سمهي آرام ڪندا: ۽ آءٌ تنهنجي نسل کي ڏڪار سان ماريندس، ۽ جيڪي تنهنجا باقي بچيل هوندا سي قتل ڪيا ويندا.


عروعير جا شهر ويران ٿي ويا آهن؛ اهي ڌڻن جي لاءِ آهن، جي اتي سمهندا ۽ ڪوبہ انهن کي نہ ڊيڄاريندو.


ڇالاءِ جو ڪوٽ وارو شهر خالي آهي، ۽ رهڻ جو هنڌ بيابان جهڙو ويران ۽ سڃو آهي: اتي گابو چرندو، ۽ اتي ئي سمهي رهندو، ۽ انهي جون ٽاريون کائي کپائيندو.


بيابان ۽ ويران پٽ سرهو ٿيندو؛ ۽ رڻ پٽ خوشي ڪندو، ۽ گلاب وانگي گل ڪندو.


۽ تو لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي، تہ هن سال اوهين اهو کائيندا، جو پاڻيهي اُڀرندو، ۽ ٻئي سال اهو کائيندا جو انهي جي پاڙ مان ڦٽندو، ٽئين سال اوهين پوکجو ۽ لڻجو؛ ڊاک جا منهہ ٺاهجو ۽ انجو ميوو کائجو.


تڏهن گهيٽا ڄڻ تہ پنهنجي چراگاهہ ۾ چرندا، ۽ دولتمندن جي ويران ٻنين ۾ ڌارين جا ڌڻ چرندا.


۽ سڀ ٽڪريون، جي چنجورن سان کوٽيون ويون آهن، انهن تي ڪانڊيرن ۽ ڪنڊن جي ڊپ کان تون ڪين ايندين، پر اهو هنڌ رڳو ڏاندن جي چرڻ ۽ رڍن جي لتاڙڻ جي لاءِ هوندو.


پر پهري وارن جي سردار نبوزرادان، غريب ماڻهن مان جن کي يهوداہ ۾ ڪي بہ ڪين هو تن کي ڇڏي ڏنو، ۽ ساڳئي وقت ۾ هنن کي ڊاک جا منهہ ۽ ٻنيون بہ ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ