Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 7:2 - Sindhi Bible

2 ۽ دائود جي گهراڻي کي ماڻهن ٻڌايو تہ ارام ۽ افرائيم پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي. تنهن تي هن جي ۽ هن جي ماڻهن جي دل ائين چُرڻ لڳي جيئن ٻيلي جا وڻ واءُ لڳڻ ڪري چرندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 يروشلم تي سندن حملي کان اڳ آخز بادشاهہ کي اها خبر ڏني ويئي تہ ارام ۽ اسرائيل پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي، تنهن تي آخز ۽ سندس قوم جي دل خوف وچان ائين لڏي ويئي جيئن جھنگ جا وڻ واءُ لڳڻ ڪري لڏندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 7:2
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تنهنجو گهر، ۽ تنهنجي بادشاهت، هميشہ جي لاءِ قائم ڪئي ويندي: تنهنجو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪيو ويندو.


(پر هن کي منهنجي ٻانهي دائود جي خاطر، ۽ اسرائيل جي سڀني فرقن مان جيڪو يروشلم جو شهر مون پسند ڪيو آهي، تنهن جي خاطر، هڪڙو فرقو ملندو:)


۽ جڏهن ساري اسرائيل قوم ڏٺو تہ بادشاهہ سندس ڳالهہ نہ مڃي تڏهن ماڻهن بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪهڙي پتي آهي؟ اسان جو يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي: اي اسرائيليو، پنهنجن تنبن ڏي هليا وڃو: هاڻي اي دائود، تون پنهنجي گهر جي نظر ڪج. تڏهن اسرائيلي پنهنجن تنبن ڏي هليا ويا.


۽ خداوند جي حڪم سان هو قربانگاهہ جي برخلاف وڏي سڏ چوڻ لڳو تہ اي قربانگاهہ، قربانگاهہ، خداوند هيئن ٿو فرمائي: ڏس، دائود جي گهراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو؛ ۽ اُهو تو تي انهن مٿانهين جاين جي ڪاهنن کي قرباني ڪندو، جي تو تي لوبان ٿا ساڙين؛ ۽ تو تي ماڻهن جا هڏا ساڙيندا.


تڏهن امصياہ انهن کي يعني افرائيم مان جيڪو لشڪر وٽس آيو، تنهن کي ڌار ڪيو تہ پنهنجي پنهنجي گهر هليا وڃن: انهيءَ ڪري هو يهوداہ تي ڏاڍو ڪاوڙيا، ۽ ڏاڍي غصي ۾ موٽي گهر آيا.


تڏهن بني افرائيم جي ڪن رئيسن، يعني عزرياہ بن يهوحنان، ۽ برڪياہ بن مسليموت، ۽ يحزقياہ بن سلوم، ۽ عماسا بن خدلي، جيڪي ماڻهو جنگ تان آيا هئا تن سان مقابلو ڪيو،


منهنجو ڀروسو خداوند تي آهي، اوهين منهنجيءَ جان کي ڪيئن ٿا چئو تہ پکيءَ وانگي پنهنجي جبل ڏانهن اُڏامي وڃ؟


شرير ڀڄندا آهن، جڏهن ڪوبہ سندن پٺيان نٿو پوي، پر سچا شينهن وانگي بهادر آهن.


تڏهن افرائيم جو حسد بہ هليو ويندو، ۽ جيڪي يهوداہ کي ستائيندا سي بہ وڍجي ويندا: افرائيم يهوداہ تي حسد نہ ڪندو، ۽ يهوداہ افرائيم کي نہ ستائيندو.


۽ دائود جي گهراڻي جي ڪنجي آءٌ انهيءَ جي ڪلهي تي رکندس؛ ۽ هو کوليندو، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونہ بند ڪندو؛ ۽ هو پوريندو ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونہ کولي سگهندو.


تنهن ڪري انهن جا رهاڪو ڪمزور ٿيا، اهي ڊڄي ۽ منجهي ويا؛ جهنگ جي گاهہ جهڙا، ۽ ساون ٻوٽن جهڙا، ۽ ڇتين تي بيٺل گاهہ جهڙا، ۽ اُڀرڻ کان اڳي (ڪومايل) پوک جهڙا ٿيا.


ڇالاءِ جو آءٌ خود پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هن شهر جي حفاظت ڪري هن کي بچائيندس.


۽ جيڪڏهن انهيءَ ۾ ڏهين حصي جيترو رهجي ويندو هوندو، تہ اهو بہ وري کاڄي ويندو: جيئن ڪو تارپين ۽ شاهہ بلوط جو وڻ وڍجي جنهن کي وڍڻ کان پوءِ هن جو ٿُڙ بچيل هجي تيئن پاڪ نسل هن جو ٿُڙ آهي.


۽ هن چيو تہ اي دائود جا گهراڻا، هاڻي اوهين ٻڌو؛ ماڻهن کي ٿڪائڻ اوهان جي لاءِ ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو اوهين منهنجي خدا کي بہ ٿڪائيندا؟


خداوند توتي، ۽ تنهنجي قوم تي، ۽ تنهنجي پيءُ جي گهراڻي تي اهڙا ڏينهن آڻيندو جهڙا افرائيم جي يهوداہ مان نڪرڻ واري ڏينهن کان وٺي هيستائين نہ آيا آهن، يعني اسور جي بادشاهہ جا ڏينهن.


ڇالاءِ جو آرام، ۽ افرائيم، ۽ رملياہ جي پٽ، تنهنجي برخلاف خرابي سٽي آهي، ۽ چون ٿا تہ


جن سڀني ڳالهين جي نسبت ۾ هيءَ قوم منصوبو ٿي چوي، تنهن کي اوهين منصوبو نہ چئو؛ ۽ نہ انهي جي ڊپ کان اوهين ڊڄو، نڪي انهن جو ڪو خوف ڪريو.


۽ سڀ ماڻهو ڄاڻندا، يعني افرائيم ۽ سامريہ جا ماڻهو، جي مغروريءَ ۽ سخت دليءَ سان چون ٿا، تہ


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اي دائود جا گهراڻا صبح جي وقت عدالت ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي نڪري، ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳي جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.


افرائيم هوا تي گذران ٿو ڪري، ۽ اُڀرندي جي واءُ جي پٺيان ٿو وڃي: هو هميشہ ڪوڙ ۽ ظلم وڌائيندو وڃي: هو اسور سان عهد اقرار ڪري ٿو، ۽ تيل مصر ۾ پهچايو ٿو وڃي.


۽ جڏهن هيروديس بادشاهہ اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هن کي ۽ ساڻس گڏ سڄي يروشلم کي اچي فڪر ورايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ