Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 7:18 - Sindhi Bible

18 ۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ خداوند مصر جي ندين جي تمام مٿانهين ڀاڱي مان مکين کي، ۽ اسور جي زمين مان ماکيءَ جي مکين کي سينڍ وڄائي سڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو جو خداوند سينڍ وڄائيندو تہ مصر جي نيل نديءَ مان نڪرندڙ ڏورانهين نهرن وٽان مکين وانگر ۽ اشور جي ملڪ مان ماکيءَ جي مکين وانگر دشمن لشڪر ڪاهي ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 7:18
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن فرمايو، ۽ انهن جي سڀني سرحدن ۾ مکين جا ميڙ اچي گڏ ٿيا، ۽ جُوئون اچي پيون.


اهي مون کي ماکيءَ جي مکين وانگي ويڙهي ويون؛ پر ڪنڊن جي باهہ وانگيان وسامي ويون: آءٌ خداوند جي نالي انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس.


جيڪڏهن تون منهنجي اُمت کي وڃڻ نہ ڏيندين، تہ آءٌ تو تي، تنهنجن نوڪرن تي، تنهنجيءَ رعيت تي، ۽ تنهنجن گهرن ۾ مکين جا ميڙ موڪليندس؛ پوءِ مصرين جا گهر، ۽ جنهن زمين تي اُهي رهن ٿا، سا سموري مکين سان ڀرجي ويندي.


سو خداوند ائين ئي ڪيو ۽ فرعون جي گهر ۾، ۽ سندس نوڪرن جي گهرن ۾، ۽ ساري مصر جي ملڪ ۾، مکين جا ميڙ اچي گڏ ٿيا، ۽ مکين جي ميڙن جي ڪري ملڪ ڏاڍو هلاک ٿيو.


هو هڪڙي پرانهين ملڪ مان، آسمان جي تمام ٻاهرين ڀاڱي مان اچن ٿا، يعني خداوند ۽ اُن جي ڪاوڙ جا هٿيار، انهيءَ لاءِ تہ ساري زمين ناس ڪن.


انهن تي افسوس آهي جي مدد جي لاءِ مصر ڏانهن ٿا وڃن، ۽ جي گهوڙن تي ۽ گهڻين جنگي گاڏين تي، ۽ زور وارن سوارن تي ڀروسو ٿا رکن؛ پر هو اسرائيل جي قدوس ڏانهن نٿا نهارين، نڪي خداوند کي ٿا ڳولين!


۽ هو قومن جي لاءِ پري کان جهنڊو کڙو ڪندو، ۽ زمين جي ڪناري کان هنن کي سينڍ وڄائي سڏيندو: ۽ ڏسو، هو جلد هليا ايندا.


خداوند توتي، ۽ تنهنجي قوم تي، ۽ تنهنجي پيءُ جي گهراڻي تي اهڙا ڏينهن آڻيندو جهڙا افرائيم جي يهوداہ مان نڪرڻ واري ڏينهن کان وٺي هيستائين نہ آيا آهن، يعني اسور جي بادشاهہ جا ڏينهن.


آءٌ سيٽي وڄائي کين گڏ ڪندس؛ ڇالاءِ تہ مون سندن قيمت ڏني آهي: ۽ هو ائين وڌندا ويجهندا جيئن اڳي هئا.


۽ اموري، جي انهي جبل ۾ رهندا هئا، سي اوهان سان وڙهڻ لاءِ نڪري آيا، ۽ ائين اوهان جي پٺيان پيا جيئن ماکيءَ جون مکيون پونديون آهن، ۽ شعير ۾ اوهان کي ماري، حرمہ تائين ڀڄائي ڪڍيائون.


خداوند پري کان يعني زمين جي ڇيڙي کان، هڪڙي قوم عقاب وانگر تنهنجي مٿان چاڙهي آڻيندو؛ تون انهيءَ جي ٻولي بہ ڪين سمجهندين؛


انهي کان سواءِ خداوند تنهنجو خدا انهن ۾ چيلاٽا موڪليندو، ۽ جيڪي انهن مان بچي ويا هوندا، ۽ توکان لڪي ويا هوندا، تن کي تنهنجي اڳيان تباهہ ڪري ڇڏيندو.


۽ مون اوهان جي اڳيان چيلاٽو موڪليو، جنهن هنن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍيو، يعني امورين جي ٻنهي بادشاهن کي، نہ اوهان جي ترار سان، نڪي اوهان جي ڪمان سان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ