Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 7:16 - Sindhi Bible

16 ڇالاءِ جو انهي ٻار کي بدي ڇڏي ڏيڻ ۽ نيڪي پسند ڪرڻ جي خبر پوي تنهن کان اڳي جنهن زمين جي ٻن بادشاهن کي تون ڌڪارين ٿو، سا ويران ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 7:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسور جي بادشاهہ هن جي ڳالهہ مڃي: ۽ اسور جو بادشاهہ دمشق تي چڙهي ويو ۽ اُهو ورتائين، ۽ اُنهيءَ جا ماڻهو قيد ڪري قير ڏانهن وٺي ويو، ۽ رضين کي قتل ڪيائين.


۽ اهو پاڪ مڪان جي بجاءِ ٿيندو؛ مگر اسرائيل جي ٻنهي گهراڻن لاءِ آٿڙڻ جي پٿر، ۽ ٿاٻي کائڻ جي ٽڪر جي بجاءِ ٿيندو، ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ ڦندي ۽ دام جي بجاءِ ٿيندو.


ڇالاءِ جو اهو ٻار بابا ۽ امان چوڻ سکي، تنهن کان اڳي دمشق جي دولت ۽ سامريہ جو لٽ جو مال، اسور جي بادشاهہ وٽ کڄي ويندو.


تنهن ڪري خداوند رضين جي دشمنن کي مٿي چاڙهي انهن جي برخلاف ڪندو، ۽ هن جي ويرين کي جوش ڏياريندو؛


۽ آءٌ اوهان کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪندس، جيئن مون اوهان جن سڀني ڀائرن کي، يعني افرائيم جي سڄي نسل کي اُڇلائي ڇڏيو آهي.


آءٌ افرائيم کي سڃاڻان ٿو، ۽ اسرائيل بہ مون کان لڪل نہ آهي: ڇالاءِ جو اي افرائيم، تو زنا ڪئي آهي، ۽ اسرائيل پليت ٿيو آهي.


افرائيم عتاب جي ڏينهن ويران ٿي ويندو: اسرائيل جي فرقن ۾ مون اها ڳالهہ پڌري ڪئي آهي جا ضرور ٿيڻي آهي.


تڏهن آءٌ نينوہ جي وڏي شهر تي رحم نہ ڪريان، جنهن ۾ هڪ لک ويهہ هزار ماڻهو آهن، جن کي پنهنجي سڄي ۽ کٻي هٿ جي وچ ۾ فرق جي خبر ڪانهي، ۽ گهڻو چوپايو مال بہ آهي؟


انهي کان سواءِ اوهان جا ٻار ٻچا، جن جي لاءِ اوهين چئو ٿا تہ اهي گرفتار ٿي ويندا، يعني اوهان جا ٻار جن کي اڄ چڱي ۽ مٺي جي ڪا خبر ڪانهي، سي انهي ۾ داخل ٿيندا، ۽ آءٌ هنن کي اهو ملڪ ڏيندس، ۽ هو انهي جا مالڪ ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ