Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 7:14 - Sindhi Bible

14 تنهن ڪري خداوند پاڻ اوهان کي هڪڙو نشان ڏيندو؛ ڏسو، هڪڙي ڪنواري زال پيٽ سان ٿيندي، ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيندي، ۽ انهيءَ جو نالو عمانوايل رکندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تنهن هوندي بہ پروردگار پاڻ تو کي هڪڙي نشاني ڏيکاريندو. ڏس، هڪ ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، جنهن کي پٽ ڄمندو. هوءَ انهيءَ جو نالو ’عمانوايل‘ رکندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 7:14
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند جي فرشتي چيو تہ ڏس تون حاملہ آهين ۽ پٽ ڄڻيندينءَ: ۽ انهيءَ جو نالو اسماعيل رکج؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي ڏک جي دانهن ٻڌي آهي.


۽ لياہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس، ۽ انهيءَ جو نالو روبن رکيائين: ڇالاءِ جو هن چيو تہ خداوند منهنجي ڏک تي نظر ڪئي آهي، هاڻي منهنجو مڙس مون کي پيار ڪندو.


۽ آءٌ تنهنجي ۽ زال جي وچ ۾ دشمني، ۽ تنهنجي نسل ۽ زال جي نسل جي وچ ۾ دشمني وجهندس: هو تنهنجو مٿو چٿيندو ۽ تون هن جي کڙي ڏنگيندين.


تڏهن راخل چيو تہ خدا منهنجو انصاف ڪيو آهي، ۽ منهنجي دانهن بہ ٻڌي اٿس ۽ مون کي پٽ ڏنو اٿس، تنهنڪري انهيءَ جو نالو دان رکيائين.


تڏهن راخل چيو تہ مون خدا کي ڏاڍيون نيزاريون ڪري پنهنجيءَ ڀيڻ سان مقابلو ڪيو، ۽ مٿس غالب پيئي آهيان، تنهنڪري انهيءَ جو نالو نفتالي رکيائين.


۽ آدم وري پنهنجيءَ زال وٽ ويو؛ ۽ هن کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو سيت رکيائين: ۽ هوءَ چوڻ لڳي تہ هابل جي بدران، جنهن کي قائن قتل ڪيو هو، خدا مون کي ٻيو پٽ ڏنو آهي.


۽ انهيءَ ڏينهن هن هڪڙو نشان ڏيئي چيو تہ جنهن نشان جو خداوند ذڪر ڪيو آهي سو هي آهي: ڏسو، هيءَ قربانگاهہ ڦاٽي پوندي، ۽ جيڪا خاڪ انهيءَ تي آهي سا هارجي ويندي.


اچو خداوند جا ڪم ڏسو، تہ زمين تي ڪهڙي نہ تباهي ڪئي اٿس.


۽ جيڪا هيءَ ڳالهہ خداوند فرمائي آهي سا پوري ڪندو تنهنجي خداوند وٽان تو لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي:


گڏجي صلاح مصلحت ڪريو، پر اها ڪنهن ڪم جي نہ ٿيندي؛ ڪا ڳالهہ ڪريو پر اها بيهڪ نہ وٺندي: ڇالاءِ جو خدا اسان سان آهي.


۽ اهو وهندو اڳتي يهوداہ ۾ هليو ويندو؛ اهو اُٿلي پوندو ۽ لنگهيو هليو ويندو اهو ڳچيءَ تائين بہ وڃي پهچندو؛ اي عمانوايل. ان جي کنڀن جي پکڙجڻ سان تنهنجي زمين جو شڪم ڀرجي ويندو.


ڇالاءِ جو اسان کي هڪڙو ٻار ڄائو آهي، اسان کي هڪڙو پٽ ڏنو ويو آهي؛ ۽ حڪومت انهيءَ جي ڪلهن تي هوندي: ۽ اُنهيءَ جو نالو عجيب، مشير، قادر خدا، دائم قائم ابو، ۽ سلامتيءَ جو شهزادو رکيو ويندو.


انهي جي ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ اسرائيل صحيح سلامت رهندو: ۽ جنهن نالي سان هو سڏبو سو هي آهي تہ خداوند اسان جي راستبازي آهي.


اي نٺر ڌيءَ، ڪيستائين تون هيڏي هوڏي پئي رلندينءَ؟ خداوند زمين تي هڪڙي نئين شيءِ پيدا ڪئي آهي، يعني زال مڙس کي گهيري ويندي.


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان جي لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي، تہ آءٌ اوهان کي هن ئي هنڌ سزا ڏيندس، تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجون ڳالهيون اوهان کي خرابي پهچائڻ لاءِ ضرور قائم رهنديون:


پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.


”ڏسو هڪڙي ڪنواري حاملہ ٿيندي ۽ کيس پٽ ڄمندو، ۽ انهي جو نالو عمانوئيل رکندا؛“ جنهن جي معنيٰ آهي، ”خدا اسان سان“.


۽ ڏس، توکي حمل ٿيندو ۽ پٽ ڄمندئي، جنهن جو نالو يسوع رکج.


تنهن تي ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس، تہ پاڪ روح توتي نازل ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت توتي ڇانوَ ڪندي: تنهنڪري اُهو پاڪ جو ڄمندو سو خدا جو فرزند ڪوٺبو.


۽ هن جي هيءَ نشاني اٿوَ، تہ اوهين هڪ ٻار کي ٻاروتن ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا.


سو جڏهن دائود کيس خداوند ڪري ٿو سڏي، تڏهن ڪيئن هو سندس پٽ ٿيو؟


۽ ڪلام مجسم ٿيو، ۽ فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ٿي اسان وٽ اچي رهيو؛ (۽ اسان سندس اهڙو جلال ڏٺو، جهڙو پيءُ جي هڪڙي ئي جو جلال).


۽ جسم جي لاڳاپي ڪري مسيح بہ اُنهن ئي جو آهي، جو سڀني جي مٿان هميشہ تائين سڳورو خدا آهي. آمين.


بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.


۽ جدعون خدا کي چيو تہ جيڪڏهن تون اسرائيل کي منهنجي هٿان بچائڻ ٿو گهرين، جيئن تو فرمايو آهي،


۽ هيئن ٿيو تہ پوري وقت تي حنہ پيٽ سان ٿي، ۽ پٽ ڄڻيائين؛ ۽ هن انهي جو نالو سموئيل رکيو، ڇالاءِ جو چيائين تہ مون هن کي خداوند کان گهري ورتو آهي.


۽ هن ٻار جو نالو يڪبود رکيو، جو چيائين تہ اسرائيل مان جلال ويندو رهيو: ڇالاءِ جو خدا جي صندوق جهلجي ويئي ۽ سندس سهرو ۽ سندس مڙس مري ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ