Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 7:13 - Sindhi Bible

13 ۽ هن چيو تہ اي دائود جا گهراڻا، هاڻي اوهين ٻڌو؛ ماڻهن کي ٿڪائڻ اوهان جي لاءِ ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو اوهين منهنجي خدا کي بہ ٿڪائيندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تنهن تي يسعياہ آخز کي چيو تہ ”اي دائود جو اولاد! هاڻي تون ٻڌ. ڇا تنهنجي نظر ۾ اها ڪا معمولي ڳالهہ آهي جو تون ماڻهن جي صبر کي آزمائين ٿو ۽ وري هاڻي تون منهنجي خدا جي صبر کي بہ آزمائڻ چاهين ٿو!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 7:13
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن چيس تہ اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا، جو تو منهنجي مڙس کي پنهنجو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي منهنجي پٽ جا دودا بہ وٺڻ ٿي گهرين؟ تنهن تي راخل چيس تہ چڱو ڀلا تنهنجي پٽ جي دودن جي عيوض اڄ رات هو توسان سمهندو.


انهيءَ هوندي بہ خداوند دائود جي گهراڻي کي ناس ڪرڻ نہ گهريو، ڇالاءِ جو دائود سان عهد اقرار ڪيو هئائين ۽ انجام ڪيو هئائين تہ هن کي ۽ سندس اولاد کي هميشہ هڪڙو ڏيئو ڏيندو رهندو.


تنهنجا تير تکا آهن؛ اهي بادشاهہ جي دشمنن جي دلين ۾ لڳن ٿا، ۽ قومون تنهنجي تابع ٿينديون.


منهنجو روح اوهان جن نون چنڊن کي ۽ اوهان جن مقرر ڪيل عيدن کي ڌڪاري ٿو: اهي منهنجي لاءِ تڪليف آهن: آءٌ انهن کان بيزار آهيان ۽ اهي برداشت ڪري نٿو سگهان.


تنهن ڪري، خداوند، لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو قادر فرمائي ٿو، تہ آءٌ دشمن کان پنهنجي جند آزاد ڪندس، ۽ پنهنجن ويرين کان وير وٺندس:


۽ دائود جي گهراڻي جي ڪنجي آءٌ انهيءَ جي ڪلهي تي رکندس؛ ۽ هو کوليندو، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونہ بند ڪندو؛ ۽ هو پوريندو ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونہ کولي سگهندو.


اي خداوند تون منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي جي تعريف؛ ڇالاءِ جو تو عجب ۽ غريب ڪم ڪيا آهن، يعني تنهنجون مصلحتون قديم کان وفاداري ۽ سچيون آهن.


تو منهنجي لاءِ پئسا خرچي لوبان ڪونہ ورتو، نڪي تو مون کي پنهنجي قربانيءَ جي چرٻيءَ سان ڍءُ ڪرايو: پر تو پنهنجن گناهن جو بار مون تي وڌو، ۽ پنهنجن ڏوهن سان مون کي ٿڪائي ڇڏيو.


پر انهن بغاوت ڪئي ۽ هن جي پاڪ روح کي رنجايائون: تنهن ڪري هو ڦري انهن جو دشمن ٿيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


پر آخز چيو تہ آءٌ ڪين گهرندس ۽ نہ آءٌ خداوند جي آزمائش ڪندس.


۽ دائود جي گهراڻي کي ماڻهن ٻڌايو تہ ارام ۽ افرائيم پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي. تنهن تي هن جي ۽ هن جي ماڻهن جي دل ائين چُرڻ لڳي جيئن ٻيلي جا وڻ واءُ لڳڻ ڪري چرندا آهن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اي دائود جا گهراڻا صبح جي وقت عدالت ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي نڪري، ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳي جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.


جنهن ڪري اوهان جن ڪمن جي بڇڙائي سبب، ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن تن جي سبب خداوند وڌيڪ صبر ڪري نہ سگهيو؛ تنهن ڪري اوهان جو ملڪ ويران، ۽ حيرت، ۽ لعنت ٿيو آهي، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


تنهن ڪري آءٌ خداوند جي ڪاوڙ سان ڀرجي ويو آهيان؛ آءٌ جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان: اُها بازار ۾ ٻارن تي، ۽ جوان ماڻهن جي جماعت تي گڏي اوتي وجهہ: ڇالاءِ جو مرد زال سميت پڪڙيو ويندو، ۽ ٻڍو، پوريءَ عمر واري ماڻهوءَ سميت.


تنهن کانسواءِ تو پنهنجا پٽ ۽ پنهنجون ڌيئون، جي مون تو مان ڄڻيون هيون، سي کڻي تو هنن تي قربان ڪيون تہ اُهي کاڄي وڃن. تنهنجون زناڪاريون ڪي گهٽ آهن ڇا؟


انهي هوندي بہ تون هنن جي راهہ تي نہ هلينءَ، ۽ نہ رڳو هنن جهڙا بڇڙا ڪم ڪيا اٿيئي، ڄڻ تہ اها تمام ٿوري ڳالهہ هئي، پر تو پنهنجن سڀني ڪمن ۾ هنن کان بہ وڌيڪ برائي ڪئي آهي.


اها ڪا اوهان جي نظر ۾ هلڪي ڳالهہ آهي ڇا تہ اوهين چڱو چارو پئي چريا آهيو، ۽ جيڪي باقي بچيو سو اوهان پنهنجن پيرن سان لتاڙي خراب ڪيو؟ يا اوهان صاف پاڻي پيتو، ۽ جيڪي باقي بچيو سو اوهان پنهنجن پيرن سان لتاڙي ڪِنو ڪيو؟


۽ جيڪي اوهان مان ڀڄي نڪرندا، سي جن قومن ۾ قيد ٿي کڄي ويندا، تن ۾ مون کي ياد ڪندا، تہ ڪيئن نہ مون سندن زناڪار دل، جا مون کان پري ٿي آهي، ۽ سندن اکيون، جي سندن بُتن جي پٺيان زناڪاري ڪنديون وتن، تن کي ڀڃي ڇڏيو آهي: ۽ جيڪي خرابيون هنن پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن سان ڪيون آهن، تن جي ڪري هو خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي نفرتي ڄاڻندا.


اوهين ٻڌو، ۽ يعقوب جي گهراڻي جي برخلاف شاهدي ڏيو؛ خداوند خدا لشڪرن جو خدا ائين ٿو فرمائي.


اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪيو آهي، تہ بہ اوهين ٿا چئو تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ هن کي بيزار ڪيو آهي؟ انهي ڳالهہ ۾ جو اوهين چئو ٿا تہ جيڪو ماڻهو برائي ٿو ڪري، سو خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي، ۽ هو انهن مان خوش آهي؛ يا انهيءَ ڳالهہ ۾ جو چئو ٿا تہ عدل جو خدا ڪٿي آهي؟


اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو تون اسان کي انهي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهين، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ انهي لاءِ تہ اسان کي بيابان ۾ مارين، ۽ وري اسان جي مٿان حڪومت ٿو هلائين؟


اوهين اها خسيس ڳالهہ ٿا سمجهو ڇا جو خدا اوهان کي بني اسرائيل جي جماعت مان چونڊي ڌار ڪيو آهي، ۽ اوهان کي پاڻ وٽ سڏيو اٿس؛ انهي لاءِ تہ اوهين خداوند جي خيمي جي خدمت ڪريو، ۽ جماعت جي سامهون بيهي سندن ٽهل ڪريو؛


۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي گهراڻي ۾، اسان لاءِ نجات جو سڱ کڙو ڪيو اٿس،


اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو.


تنهنڪري انهيءَ پيڙهيءَ سان آئون ناراض ٿيس، ۽ چيم تہ هو هميشہ پنهنجي دل ۾ گمراهہ ٿا ٿين: پر انهن منهنجين واٽن کي ڪين سڃاتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ