Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 7:11 - Sindhi Bible

11 خداوند پنهنجي خدا کان ڪو نشان گهر؛ اهو هيٺ پاتال ۾ يا مٿي آسمان ۾ گهر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ”مون خداوند پنهنجي خدا کان منهنجي واعدي جي سچائيءَ جي ڪا نشاني گھُر، پوءِ اها هيٺ پاتال ۾ هجي يا مٿي عرش عظيم تي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 7:11
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڏينهن هن هڪڙو نشان ڏيئي چيو تہ جنهن نشان جو خداوند ذڪر ڪيو آهي سو هي آهي: ڏسو، هيءَ قربانگاهہ ڦاٽي پوندي، ۽ جيڪا خاڪ انهيءَ تي آهي سا هارجي ويندي.


۽ تنهنجي لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي: هن سال جيڪي پاڻيهي اُڀرندو سو اوهين کائيندا ۽ ٻئي سال ۾ بہ جيڪي انهيءَ ساڳي مان پاڻيهي ڄمندو؛ ۽ ٽئين سال ۾ اوهين پوکجو، ۽ لڻجو، ۽ ڊاکن جا منهہ لڳائجو، ۽ انهيءَ جو ڦر کائجو.


جڏهن فرعون اوهان کي چوي تہ اوهين ڪا نشاني ڏيکاريو، تڏهن تون هارون کي چئج تہ پنهنجي لٺ کڻي فرعون جي اڳيان اُڇلائي، تہ اها نانگ ٿي پوندي.


۽ تو لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي، تہ هن سال اوهين اهو کائيندا، جو پاڻيهي اُڀرندو، ۽ ٻئي سال اهو کائيندا جو انهي جي پاڙ مان ڦٽندو، ٽئين سال اوهين پوکجو ۽ لڻجو؛ ڊاک جا منهہ ٺاهجو ۽ انجو ميوو کائجو.


حزقياہ ائين بہ چيو هو تہ آءٌ خداوند جي گهر ۾ ويندس انهي جي ڪهڙي نشاني آهي؟


ڪنڊيءَ جي بدران صنوبر جو وڻ ڄمندو، ۽ ڪنڊياريءَ جي بدران مر جو وڻ نڪرندو: ۽ اهو خداوند جي نالي لاءِ هميشہ جي نشانيءَ جي واسطي ٿيندو، جا ڪڏهن بہ ٽري نہ ويندي.


پوءِ خداوند وري بہ آخز سان ڳالهايو ۽ چيائينس، تہ


پر آخز چيو تہ آءٌ ڪين گهرندس ۽ نہ آءٌ خداوند جي آزمائش ڪندس.


خداوند هيئن فرمايو تہ وڃي ڪنڀر جي جوڙيل هڪڙي مٽيءَ جي صراحي خريد ڪر، ۽ قوم جي بزرگن، ۽ ڪاهنن جي بزرگن مان ڪن کي پاڻ سان وٺ؛


تڏهن جيڪي ماڻهو توسان هلن تن جي روبرو تون اُها صراحي ڀڃج،


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان جي لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي، تہ آءٌ اوهان کي هن ئي هنڌ سزا ڏيندس، تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجون ڳالهيون اوهان کي خرابي پهچائڻ لاءِ ضرور قائم رهنديون:


۽ هن جي هيءَ نشاني اٿوَ، تہ اوهين هڪ ٻار کي ٻاروتن ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ