Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 7:1 - Sindhi Bible

1 ۽ يهوداہ جي بادشاهہ آخز بن عزياہ جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو، تہ ارام جو بادشاهہ رضين، ۽ اسرائيل جو بادشاهہ فقحہ بن رملياہ، يروشلم سان جنگ ڪرڻ لاءِ اوڏي ويا؛ پر انهيءَ تي غالب پئي نہ سگهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 يهوداہ جو بادشاهہ آخز ولد يوتام ولد عُزياہ، جيڪو دائود جي نسل مان هو تنهن جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو ارام ملڪ جي بادشاهہ رضين ۽ بني اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ يروشلم تي چڙهائي ڪئي، پر اهي غالب ٿي نہ سگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 7:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فقح بن رملياہ، جو هن جو سپهہ سالار هو، تنهن سندس برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ ارجوب ۽ اريہ سان گڏجي، سامريہ ۾، بادشاهہ جي گهر واري قلعي ۾ هن کي ماريائين، ۽ جلعادين مان پنجاهہ ماڻهو هن سان گڏ هئا: ۽ انهيءَ کي قتل ڪري سندس جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.


يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي ٻاونجاهين ورهيہ ۾، فقح بن رملياہ سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ هن ويهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.


انهن ڏينهن ۾ خداوند يهوداہ تي ارام جي بادشاهہ رضين، ۽ فقحہ بن رملياہ کي موڪلڻ لڳو.


فقحہ بن رملياہ جي سترهين ورهيہ ۾، آخز بن يوتام، يهوداہ جو بادشاهہ بادشاهي ڪرڻ لڳو.


تڏهن رضين، ارام جو بادشاهہ، ۽ فقحہ بن رملياہ اسرائيل جو بادشاهہ، يروشلم تي جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيا: ۽ اُنهن آخز کي گهيرو ڪيو، پر انهيءَ کي جيتي نہ سگهيا.


يسعياہ بن آموص جو رويا، جو هن يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، حزقياہ جي ڏينهن ۾، يهوداہ ۽ يروشلم بابت ڏٺو.


شيلوخ جو پاڻي جو آهستي پيو وهي تنهن کي هن قوم رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اُهي رضين ۽ رملياہ جي پٽ تي فخر ٿا ڪن؛


تنهن ڪري خداوند رضين جي دشمنن کي مٿي چاڙهي انهن جي برخلاف ڪندو، ۽ هن جي ويرين کي جوش ڏياريندو؛


ارامي تنهنجي دستڪاري وٿن جي گهڻائيءَ ڪري تنهنجا سوداگر هئا: هو تنهنجن وٿن لاءِ زمرد، قرمز ۽ چڪندوزي ڪم ۽ عمدو سنهو ڪپڙو ۽ مرجان ۽ لعلون ڏيندا هئا.


اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس جي ڏينهن ۾، ۽ يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾، خداوند جو ڪلام هوسيع بن بيريءَ تي نازل ٿيو.


خداوند جو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهن يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتيءَ تي نازل ٿيو، جو هن سامريہ ۽ يروشلم جي نسبت ۾ ڏٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ