Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:8 - Sindhi Bible

8 اهڙي ڳالهہ ڪنهن ٻڌي آهي؟ اهڙيون شيون ڪنهن ڏٺيون آهن؟ هڪڙي ڏينهن ۾ ڪو ملڪ ڄمندو آهي ڇا؟ هڪدم ڪا قوم پيدا ٿيندي آهي ڇا؟ پر صيون کي سورن ٿيڻ شرط ٻار ڄاوا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ڇا اهڙي ڳالهہ ڪنهن ٻڌي آهي؟ ڇا اهڙيون شيون ڪنهن ڏٺيون آهن؟ ڇا ڪو ملڪ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ٺهي پوندو آهي؟ يا ڪا قوم هڪڙيءَ ئي گھڙيءَ ۾ پيدا ٿي پوندي آهي؟ پر ڏسو، صيئون هڪ اهڙو شهر آهي، هائو، اهو هڪ اهڙيءَ ماءُ وانگر آهي، جنهن کي سورن ٿيڻ شرط ئي ٻار ڄاوا هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:8
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو قديم وقت کان وٺي ماڻهن تو کان سواءِ اهڙو ڪو خدا نہ ٻڌو آهي، نہ ڪنهن جي ڪنن تائين اهو پهتو آهي، نہ ڪنهن جي اک اهو ڏٺو آهي، جو پنهنجي انتظار ڪرڻ واري لاءِ اهڙا ڪم ڪري.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي اوهين قومن ۾ پڇا ڪرايو تہ ڪنهن اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن ٻڌيون آهن؛ اسرائيل جي ڪنواريءَ هڪڙو تمام هيبتناڪ ڪم ڪيو آهي.


تنهن تي جن هن جي ڳالهہ مڃي، تن کي بپتسما ملي: ۽ انهي ڏينهن اٽڪل ٽي هزار ماڻهو اچي ساڻن شامل ٿيا.


۽ جڏهن انهن اهو ٻُڌو، تڏهن خدا جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چيائونس، تہ ادا، توکي خبر آهي تہ يهودين منجهان ڪيترائي هزار آهن جن ايمان آندو آهي؛ ۽ اهي سڀ شريعت بابت ڏاڍا جوشيلا آهن:


پر منجهانئن گهڻا، جن اهو ڪلام ٻُڌو، تن ايمان آندو، ۽ ماڻهن جو تعداد اٽڪل پنج هزار اچي ٿيو.


پر جيئن لکيل آهي، تہ ”جيڪي شيون اکين نہ ڏٺيون ۽ ڪنن نہ ٻُڌيون، ۽ جي ماڻهوءَ جي خيال ۾ نہ آيون، سي سڀ خدا اُنهن جي لاءِ تيار ڪيون جي کيس پيار ٿا ڪن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ