Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:6 - Sindhi Bible

6 شهر مان گڙٻڙ جو هل، ۽ هيڪل مان بہ آواز ٿو ٻڌجي. خداوند جو آواز، جو پنهنجي دشمن کي بدلو ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ٻڌو، شهر مان وڏي شور وَ غل، ۽ هيڪل مان وڏي هل هنگامي جو آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي. اهو مون خداوند جو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيڻ جو آواز آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:6
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو، ڏس، خداوند پنهنجي مڪان مان زمين جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ اچي ٿو: زمين بہ اُنهي رت کي ظاهر ڪندي جو منجهس آهي، ۽ جيڪي مٿس قتل ٿيا آهن تن کي نہ لڪائيندي.


ڇالاءِ جو اهو خداوند جو وير وٺڻ جو ڏينهن آهي، ۽ صيون سان تڪرار ڪرڻ جو ۽ بدلو وٺڻ جو سال آهي.


هو انهن کي سندن ڪمن موجب بدلو ڏيندو، پنهنجن مخالفن تي غضب نازل ڪندو، ۽ پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو؛ ٻيٽن کي هو پورو بدلو ڏيندو.


۽ هن چيو تہ خداوند صيون مان گجندو، ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ريڍارن جا چراگاهہ ماتم ڪندا، ۽ ڪرمل جي چوٽي ڪومائجي ويندي.


۽ اها حاملہ هئي ۽ ويم جي سورن کان رڙيون پئي ڪيائين، ۽ ٻار ڄڻڻ جي تڪليف هُيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ