Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:3 - Sindhi Bible

3 ڍڳي جو ذبح ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ وارو؛ گهيٽي جي قرباني ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ڪتي جي سسي وڍڻ وارو؛ نذرانو پيش ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو سوئر جو رت پيش ڪرڻ وارو؛ لوبان ساڙيندڙ اهڙو آهي جهڙو بت کي مبارڪ چوڻ وارو: هائو، انهن پنهنجا رستا پسند ڪيا آهن، ۽ انهن جو روح سندن ڪراهت وارين شين سان راضي ٿو رهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شريرن جي قرباني خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙي شيءِ آهي: پر سچن جي دعا اُن جي خوشي آهي.


شرير جي قرباني هڪڙي ڪراهت جهڙي شيءِ آهي؛ پر جڏهن هو اُها خراب دل سان آڻي ٿو تڏهن ڪيترو نہ وڌيڪ اُها ڪراهت جهڙي آهي!


ڪو پنهنجي دل ۾ خيال نٿو ڪري، نہ ڪو ايترو ڄاڻي يا سمجهي ٿو، جو چوي تہ هن جو هڪڙو ٽڪر مون باهہ ۾ ساڙيو، ۽ انهي جي ٽانڊن تي مون ماني بہ پچائي ۽ گوشت بہ ڪباب ڪري کاڌم: ۽ انهي جي بچيل ٽڪر مان آءٌ ڪراهت جهڙي شيءِ جوڙيان ڇا؟ آءٌ هڪڙي وڻ جي بنڊ جي اڳيان سجدو ڪريان ڇا؟


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


هن جي لالچ جي برائيءَ جي ڪري مون کي ڪاوڙ آئي، ۽ مون هن کي ماريو، مون ڪاوڙجي پنهنجو منهن لڪايو: ۽ هو بيحيائي ڪري پنهنجي دلپسند رستي تي هلندو رهيو.


آءٌ اوهان کي ترار جي لاءِ مقرر ڪندس، ۽ اوهين قتل ٿيڻ لاءِ ڪنڌ جهڪائيندا: ڇالاءِ تہ جڏهن مون سڏيو تڏهن اوهان جواب ڪونہ ڏنو؛ جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان نہ ٻڌو؛ جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، ۽ جنهن سان آءٌ راضي نہ هوس، سو اوهان پسند ڪيو.


مون سارو ڏينهن هڪڙيءَ اهڙيءَ فسادي اُمت ڏانهن هٿ کنيا آهن جا پنهنجن خيالن موجب خراب رستي تي ٿي هلي؛


خداوند فرمائي ٿو تہ جيڪي پاڻ کي انهي لاءِ پاڪ صاف ٿا ڪن تہ باغن جي وچ ۾ وڃي ڪنهن جي پٺيان بيهي سوئر جو گوشت، ۽ ڪراهت جهڙيون شيون، ۽ ڪوئو کائين؛ سي سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا.


سبا مان لوبان، ۽ پرانهين ملڪ مان اگر، منهنجي خاطر ڪهڙي ڪم جي لاءِ ٿو اچي؟ اوهان جون سوختني قربانيون قبول پوڻ جهڙيون نہ آهن، نڪي اوهان جون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.


۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، تن وٽ اهو کڻي اچي: ۽ ڪاهن انهي تيل گڏيل ميدي مان، ساري لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري ڪڍي، پوءِ اهو انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


تڏهن حجيءَ ورندي ڏيئي چيو، تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجي اڳيان هن قوم جو ۽ هن خلق جو اهڙو حال آهي؛ ۽ انهن جي هٿن جي سڀ ڪنهن ڪم جو بہ ساڳيو حال آهي، ۽ جيڪو نذرانو ڪري پيش ڪن ٿا سو ناپاڪ آهي.


۽ سوئر؛ ڇالاءِ جو هن جا کر چيريل آهن پر اوڳاري نٿو، تنهنڪري اهو اوهان جي لاءِ حرام آهي: انهن جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو.


تون ڪنهن ڪسبياڻيءَ جي يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان نذرانو ڪري، خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ متان آڻين: ڇالاءِ جو انهن ٻنهي کان خداوند تنهنجي خدا کي نفرت آهي.


وڃي انهن پنهنجن معبودن وٽ دانهون ڪريو جي اوهان پسند ڪيا آهن؛ ڀلي تہ مصيبت جي وقت هو اوهان کي بچائين.


انهن ڏينهن ۾ اسرائيل منجهہ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو؛ سڀڪو ماڻهو جيئن هن کي مناسب نظر ايندو هو تيئن ڪندو هو.


هنن نوان معبود پسند ڪيا؛ تڏهن شهر جي دروازن تي جنگ لڳي: اسرائيل جي چاليهن هزارن منجهہ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ڏسڻ ۾ آيو ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ