Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:23 - Sindhi Bible

23 ۽ خداوند فرمائي ٿو تہ هيئن ٿيندو تہ هڪڙي نئين چنڊ کان وٺي ٻئي نئين چنڊ تائين، ۽ هڪڙي سبت کان وٺي ٻئي سبت تائين، سڀ ماڻهو عبادت ڪرڻ لاءِ منهنجي حضور ۾ ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 هر نئين چنڊ جي عيد ۽ هر سبت جي ڏينهن تي، هر قوم جا ماڻهو مون خداوند جي عبادت ڪرڻ واسطي يروشلم ۾ منهنجي حضور ۾ اچي حاضر ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:23
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ اڄ ڇو ٿي اُنهيءَ وٽ وڃڻ گهرين؟ اڄ نڪو نئون چنڊ آهي، نڪو سبت آهي. ۽ هن چيو تہ چڱائي ٿيندي.


ڇو جو بادشاهت خداوند جي آهي: ۽ اهو ئي قومن جو حاڪم آهي.


اي دعا جا ٻڌڻ وارا، سڀ انسان تو وٽ ايندا.


گناهہ مون تي اچي غالب ٿيا آهن: پر تون اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيندين.


اي خداوند جيڪي قومون تو پيدا ڪيون آهن سي سڀ اچي تنهنجي حضور ۾ سجدو ڪنديون؛ ۽ تنهنجي نالي جي تمجيد ڪنديون.


۽ خداوند مصر ۾ پاڻ کي ظاهر ڪندو، ۽ اُنهي ڏينهن مصري خداوند کي سڃاڻندا؛ هائو هو قربانيءَ سان ۽ نذراني سان سجدو ڪندا، ۽ خداوند جي لاءِ مڃتائون مڃيندا، ۽ اهي پوريون ڪندا.


انهي ڏينهن مصر مان هڪڙو شاهي رستو اسور ڏي جاري ٿيندو، ۽ اسوري مصر ۾ ايندا ۽ مصري اسورين سان گڏجي عبادت ڪندا.


۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ خداوند جي گهر وارو جبل، جبلن جي چوٽيءَ تي قائم ٿيندو، ۽ ٽڪرين کان مٿي ڪيو ويندو، ۽ سڀ قومون ڏانهس ڊوڙنديون.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙي وڏي تري وڄائي ويندي، ۽ جيڪي اسور جي ملڪ ۾ تباهہ ٿيڻ تي هئا، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ جلاوطن هئا، سي ايندا؛ ۽ اُهي يروشلم جي پاڪ جبل تي خداوند جي عبادت ڪندا.


جنهن کي ماڻهو حقير ٿا ڄاڻن؛ جنهن کان قوم کي ڪراهت ٿي اچي، جو حاڪمن جو نوڪر آهي، تنهن کي خداوند اسرائيل جو ڪفارو ڏيندڙ، ۽ هن جو قدوس هيئن ٿو فرمائي تہ بادشاهہ ڏسندا ۽ اُٿي بيهندا؛ سردار سجدو ڪندا؛ ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو پاڪ خدا، جنهن توکي پسند ڪيو آهي سو وفادار آهي.


ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي پاڪ جبل ۾، يعني اسرائيل جي وڏائيءَ واري جبل ۾، اسرائيل جو گهراڻو، ۽ سڀ ماڻهو، اُٿي انهي ملڪ ۾ منهنجي عبادت ڪندا: ۽ اُتي آءٌ هنن کي قبول ڪندس، ۽ اُتي آءٌ اوهان جون قربانيون ۽ اوهانجن نذرانن جا پهريان ڦر، اوهان جي سڀني پاڪ شين سميت گهري وٺندس.


۽ پوءِ اهو انهي حاڪم جو فرض ٿيندو تہ سوختني قربانيون کاڌي جون قربانيون ۽ پيئڻ واريون قربانيون، عيدن تي، ۽ نوَن چنڊن تي، ۽ سبتن تي، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي مقرر ڪيل سڳورن ڏينهن تي ڏئي: هو گناهہ جي قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ سوختني قرباني، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون تيار ڪندو، انهي لاءِ تہ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ڪفارو ٿئي.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اندرئين ايوان جو در جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي، سو ڪم ڪار ڪرڻ وارن ڇهن ڏينهن ۾ بند رهندو؛ پر سبت جي ڏينهن اُهو کلندو، ۽ نئين چنڊ واري ڏينهن بہ اُهو کوليو ويندو.


۽ نئين چنڊ جي ڏينهن هڪڙو بي عيب وهڙو ۽ ڇهہ گهيٽا، ۽ هڪڙو گهٽو ڏبو، جي بي عيب هوندا.


۽ يهوداہ بہ يروشلم سان وڙهندو، ۽ آس پاس جي ملڪن جو مال، يعني سون ۽ چاندي ۽ ڪپڙا گهڻي تعداد ۾ گڏ ڪندا.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪي قومون يروشلم سان وڙهڻ لاءِ آيون هيون، تن سڀني مان جيڪي بچندا، سي هر سال بادشاهہ، لشڪرن جي خداوند کي سجدو ڪرڻ لاءِ، ۽ تنبن جي عيد ملهائڻ لاءِ ايندا.


۽ جي مصر جا قبيلا مٿي نہ ايندا، انهن تي بہ مينهن نہ وسندو: ۽ انهن تي بہ اُها ئي آفت نازل ٿيندي جا خداوند انهن غير قومن تي نازل ڪندو، جي تنبن جي عيد ملهائڻ لاءِ نہ ايندا.


مصر لاءِ، ۽ انهن سڀني قومن لاءِ، جي تنبن جي عيد ملهائڻ نہ ايندا، انهن لاءِ اها ئي سزا ٿيندي.


ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي.


پر اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ هينئر اچي سهڙي آهي، جڏهن سچا عابد روح ۽ سچائيءَ سان پيءُ جي عبادت ڪندا: ڇالاءِ تہ پيءُ اهڙن ئي عابدن کي ٿو چاهي.


اي خداوند، ڪير توکان نہ ڊڄندو ۽ تنهنجي نالي جي وڏائي نہ ڳائيندو؟ ڇالاءِ جو تون ئي اڪيلو پاڪ آهين؛ ۽ سڀيئي قومون تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، جو تنهنجي انصاف جا ڪم پڌرا ٿيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ