21 خداوند فرمائي ٿو، تہ آءٌ انهن مان ڪي ڪاهن ۽ لاوي ٿيڻ لاءِ چونڊيندس.
21 آءٌ خداوند انهن موٽي آيلن مان ڪن کي ڪاهن ۽ لاوي ٿيڻ لاءِ چونڊيندس.“
۽ اوهين منهنجي لاءِ هڪڙي ڪاهنن جي بادشاهت، ۽ هڪڙي پاڪ قوم ٿيندا. اهي ڳالهيون تون بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌاءِ.
پر اوهين خداوند جا ڪاهن سڏبا: ماڻهو اوهان کي اسان جي خدا جا خادم سڏيندا: اوهين قومن جي دولت کائيندا، ۽ انهن جو شان حاصل ڪري اوهين فخر ڪندا.
جيئن آسمان جو لشڪر شمار ڪري سگهڻ جو ناهي، نڪي سمنڊ جي واري ماپي سگهڻ جي آهي؛ تيئن آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي، ۽ پنهنجن خدمتگارن لاوين کي وڌائيندس.
ڇالاءِ جو جڏهن ڪهانت بدلجي ويئي، تڏهن ضرور شريعت بہ بدلجڻ گهرجي.
۽ اوهين بہ زندہ پهڻن وانگر اڏجي روحاني گهر بڻجو، انهي لاءِ تہ هڪڙي ڪاهنن جي پاڪ جماعت ٿي، اهڙيون روحاني قربانيون چاڙهيو جي يسوع مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول ٿيون پون.
پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:
۽ اسان کي هڪڙي بادشاهت بنايو، ۽ پنهنجي خدا يعني پيءُ لاءِ ڪاهن ڪيو؛ انهي جي وڏائي ۽ بادشاهي شل هميشہ تائين قائم هجي، آمين.
مبارڪ ۽ پاڪ اُهو آهي، جو انهي پهرينءَ قيامت ۾ شريڪ ٿو ٿئي؛ اهڙن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نٿو هلي؛ پر اهي خدا ۽ مسيح جا ڪاهن ٿيندا، ۽ ساڻس گڏ هزارن ورهين تائين بادشاهي ڪندا.
۽ انهن کي اسان جي خدا جي لاءِ هڪڙي بادشاهت ۽ ڪاهن ڪيو اٿيئي؛ ۽ اُهي زمين تي بادشاهي ڪندا.