Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:2 - Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ اهي سڀ شيون منهنجن هٿن جوڙيون آهن، ۽ انهيءَ طرح هستيءَ ۾ آيون آهن: پر آءٌ اُنهيءَ ماڻهوءَ تي نظر ڪندس جو غريب ۽ پشيمان روح وارو آهي ۽ منهنجي ڪلام کان ڏڪي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہ‌تائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:2
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسين ٿو تہ ڪيئن اخي آب منهنجي اڳيان پاڻ کي عاجز ٿو ڪري؟ ۽ ڇالاءِ تہ هو منهنجي اڳيان پاڻ کي عاجز ٿو ڪري تنهنڪري آءٌ هن جي ڏينهن ۾ خرابي نہ آڻيندس: پر سندس پٽ جي ڏينهن ۾ سندس گهراڻي تي مصيبت آڻيندس.


۽ سافن محرر بادشاهہ کي چيو تہ خلقياہ ڪاهن مون کي هڪڙو ڪتاب ڏنو آهي. ۽ سافن اُهو بادشاهہ جي اڳيان پڙهيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ شريعت جي ڪتاب جو ڪلام ٻڌو تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.


تنهن ڪري هاڻي اچو تہ پنهنجي خدا سان عهد اقرار ڪريون، تہ سڀ زالون ۽ جيڪو اولاد انهن مان ڄائو آهي، سو پنهنجي ڌڻيءَ جي، ۽ جيڪي اسان جي خدا جي حڪم کان ڊڄن ٿا، تن جي صلاح موجب ڪڍي ڇڏيون؛ ۽ اهو ڪم شريعت موجب ڪيو وڃي.


تڏهن انهن قيدين جي گناهہ ڪري، جيڪي اسرائيل جي خدا جي حڪمن کان ڏڪيا ٿي، سي سڀ مون وٽ اچي گڏ ٿيا؛ ۽ آءٌ شام جي قربانيءَ تائين ماٺ ڪيو حيران ٿيو ويٺو هوس.


تنهنجي ڊپ کان منهنجا لڱ ٿا ڪانڊارجن، ۽ آءٌ تنهنجن فيصلن کان ڊڄان ٿو.


ش شهزادن مون کي بي سبب ستايو آهي؛ پر منهنجيءَ دل ۾ تنهنجي ڪلام جو ڊپ آهي.


ڇو تہ جيتوڻيڪ خداوند بلند آهي، تڏهن بہ نماڻن تي نظر ٿو ڪري: پر مغرورن کي پري کان ئي سڃاڻيو وٺي.


جيڪي دل شڪستا آهن تن کي خداوند ويجهو آهي، ۽ جيڪي توبهہ ٿا ڪن تن کي بچائي ٿو.


شڪستہ روح خدا جي قرباني آهي: اي خدا تون شڪستہ دل کي حقير ڪين سمجهندين.


پوءِ تون سچائيءَ جي قربانين، ۽ سوختني قرباني، ۽ پوري سوختني قربانيءَ ڪري خوش ٿيندين: ۽ هو تنهنجي قربانگاهہ تي ڍڳا چاڙهيندا.


سڀاڳو آهي اُهو ماڻهو جو هميشہ ڊڄي ٿو، پر جيڪو پنهنجي دل سخت ڪري ٿو سو خرابيءَ ۾ ڪري ٿو.


ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ هن کي نيچو ڪندي: پر جيڪو نماڻي طبيعت جو آهي، سو عزت حاصل ڪندو.


پنهنجون اکيون مٿي کڻو ۽ ڏسو تہ هنن سڀني کي ڪنهن خلقيو آهي، ۽ ڪير انهن جي لشڪرن کي شمار ڪري آڻي ٿو: هو انهن سڀني کي نالي سان سڏي ٿو؛ هن جي قدرت جي عظمت ۽ سندس گهڻيءَ طاقت جي ڪري هڪڙو بہ گهٽ نٿو ٿئي.


تہ ڀلي اهي ڏسن، ۽ ڄاڻن، ۽ ويچار ڪن، ۽ گڏجي سمجهن تہ خداوند جي هٿ اهو ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جي قدوس انهي کي پيدا ڪيو آهي.


ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.


خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان.


اوهين جي خداوند جي ڪلام کان ڏڪو ٿا، سي هن جو ڪلام ٻڌو: اوهان جا ڀائر جي اوهان سان نفرت ٿا ڪن، ۽ منهنجي نالي جي ڪري اوهان کي هڪالي ڪڍيو اٿن، تن چيو آهي تہ ڀلي تہ خداوند جو جلال ظاهر ٿئي تہ اسين اوهان جي خوشي ڏسون؛ پر اهي شرمندا ٿيندا.


هو خداوند جي پٺيان هلندا، جو شينهن وانگر گجندو، هائو، هو گجندو ۽ سندس ٻار اُلهندي کان ڏڪندا ايندا.


اي انسان، هن توکي ڏيکاريو آهي تہ چڱائي ڇا آهي؛ ۽ خداوند توکان ٻيو ڇا ٿو گهري، انهي کان سواءِ تہ تون انصاف ڪرين، رحم کي پيار ڪرين، ۽ پنهنجي خدا سان نماڻو ٿي هلين؟


مون ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، ۽ آواز ٻڌڻ تي منهنجا چپ ڏڪڻ لڳا؛ منهنجي هڏن ۾ ساڙ گهڙي ويو، ۽ آءٌ بيٺي بيٺي ڏڪڻ لڳس: پر آءٌ صبر ۾ انهي قوم جي مصيبت جي ڏينهن جو منتظر آهيان، جي گڏجي حملو ٿا ڪن.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هتي هڪڙو آهي جو هيڪل کان بہ وڏو آهي.


اهي سڀ شيون منهنجي هٿن نہ جوڙيون آهن ڇا؟“


پر اُٿي بيهہ ۽ شهر ۾ وڃ، ۽ جيڪي ڪرڻو اٿيئي سو توکي ٻُڌائبو.


سو اي منهنجا پيارا ڀائرو، جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو، تيئن نہ رڳو منهنجي حاضريءَ ۾، پر هاڻي منهنجي غير حاضريءَ ۾، اڳي کان بہ زيادہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي پنهنجي نجات جو ڪم پورو ڪندا رهو؛


۽ اِهوئي سڀني شين کان اڳي آهي، ۽ انهي ۾ سڀ شيون قائم آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ