Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:19 - Sindhi Bible

19 آءٌ انهن ۾ هڪڙو نشان مقرر ڪندس، ۽ جيڪي انهن مان بچندا تن کي قومن ڏانهن موڪليندس، يعني ترسيس ۽ پول، ۽ لود ڏانهن، جي ڪمان ڪشيندڙ آهن، ۽ توبل ۽ ياوان ڏانهن، ۽ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن، جن منهنجي ناموس نہ ٻڌي آهي، ۽ نڪي منهنجو جلال ڏٺو اٿن؛ ۽ اهي قومن ۾ منهنجو جلال ظاهر ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي آهيان، جيڪو کين سزا ٿو ڏيان. پر آءٌ انهن مان ڪن کي بچائي ٻين قومن جي شهرن ڏانهن موڪليندس، جتان جي ماڻهن منهنجي شهرت نہ ٻڌي آهي ۽ منهنجو جلال نہ ڏٺو اٿائون. آءٌ ترسيس، پُول، لود، جنهن جا تيرانداز مشهور آهن، توبل ۽ يونان واري ياوان شهر ڏانهن، بلڪ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن کين موڪليندس. منهنجا اهي موڪليل ماڻهو انهن قومن ۾ وڃي منهنجو جلال بيان ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:19
48 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصر مان لودي، عنامي، لهابي، نفتوحي،


يافت جا پٽ هئا، جمر، ماجوج، مادي، ياوان، توبل، مسڪ ۽ تيراس.


سم جا پٽ هئا، عيلام، اسور، ارفڪسد، لود ۽ ارام.


۽ ياوان جا پٽ هئا السيہ، ترسيس، ڪتي ۽ دوداني.


خدا يافت کي وڌائي، ۽ سم جي تنبن ۾ رهي، ۽ ڪنعان هن جو غلام ٿئي.


۽ مصر مان لودي، عنامي، لهابي ۽ نفتوحي پيدا ٿيا.


۽ ياوان جا پٽ؛ اليسہ، ترسيس، ڪتي ۽ دوداني.


قومن ۾ هن جو جلال ظاهر ڪريو، سڀني قومن ۾ سندس عجيب ڪمن جو بيان ڪريو.


ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ سوغاتون آڻيندا؛ ۽ صبا ۽ شيبا جا بادشاهہ نذرانا پيش ڪندا.


۽ هو قومن لاءِ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪندو، ۽ اسرائيل جا هڪالي ڪڍيل گڏ ڪندو، ۽ يهوداہ جا نڪتل ۽ پکيڙي پيل زمين جي چئني ڪنڊن کان آڻي گڏ ڪندو.


اي جهان جا رهندڙ، ۽ زمين جا رهاڪو، جڏهن جبلن تي ڪو جهنڊو کڙو ڪيو وڃي، تڏهن اوهين ڏسو؛ ۽ جڏهن قرناءِ وڄائي وڃي تڏهن اوهين ٻڌو.


انهيءَ وقت لشڪرن جي خداوند لاءِ هڪڙي زبردست ۽ خوبصورت قوم وٽان، جا شروعات کان وٺي خوفناڪ آهي، يعني اهڙي قوم جا بدلو وٺي تباهہ ٿي ڪري، ۽ جنهن جي ملڪ کي نديون حصن ۾ ورهائن ٿيون، تنهن وٽان لشڪرن جي خداوند جي نالي واري هنڌ، يعني صيون جبل تي، هڪڙو تحفو آندو ويندو.


۽ ترسيس جي سڀني جهازن ۽ سڀني سهڻين مورتن تي.


۽ جن جا روح گمراهہ ٿيا آهن تن کي سمجهہ ايندي، ۽ جيڪي ڪُرڪن ٿا، سي تعليم حاصل ڪندا.


ڀلي تہ اهي خداوند جو جلال ظاهر ڪن، ۽ ٻيٽن ۾ هن جي تعريف پڌري ڪن.


جيسين ڪ هو زمين تي عدالت قائم نہ ڪندو، تيسين هو نڪي ٿڪبو، نڪي بي همت ٿيندو؛ ۽ ٻيٽ هن جي شريعت جو انتظار ڪندا.


آءٌ اُتر کي چوندس تہ ڇڏي ڏي؛ ۽ ڏکڻ کي چوندس تہ رکي نہ ڇڏ؛ منهنجا پٽ پري کان آڻ ۽ منهنجون ڌيئر زمين جي ڇيڙي کان.


اي ٻيٽ منهنجي ٻڌو؛ اي پري جون قومون ڪن ڏيو: آءٌ پيٽ ۾ هوس، تڏهن کان خداوند مون کي سڏيو آهي؛ آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ هوس تڏهن کان هن منهنجي نالي جو ذڪر ڪيو آهي.


ڏس، اُهي پري کان ايندا: ڏس، اهي اُتر کان، ۽ اُلهندي کان، ۽ سينيم جي ملڪ کان ايندا.


خداوند خدا هيئن فرمائي ٿو تہ ڏس، آءٌ قومن تي پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ اُمتن تي پنهنجو جهنڊو اُڀو ڪندس: اهي تنهنجن پٽن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي ايندا، ۽ تنهنجين ڌيئرن کي پنهنجن ڪلهن تي چاڙهي آڻيندا.


منهنجي راستبازي ويجهي آهي، منهنجي نجات ظاهر ٿي آهي، ۽ منهنجون ٻانهون قومن جي عدالت ڪنديون؛ ٻيٽ منهنجا منتظر رهندا، ۽ منهنجي ٻانهن تي ڀروسو رکندا.


خداوند سڀني قومن جي ڏسندي پنهنجي پاڪ ٻانهن اُگهاڙي ڪئي آهي؛ ۽ زمين جا سڀ ڪنارا اسان جي خدا جي نجات ڏسندا.


تيئن هو گهڻين قومن کي حيران ڪري ڇڏيندو؛ هن جي سامهون بادشاهہ پنهنجا وات بند ڪندا: ڇالاءِ تہ جيڪي انهن کي چيو نہ ويو هو، سو اهي ڏسندا، ۽ جيڪي انهن نہ ٻڌو هو سو اهي سمجهندا.


ڏس، تون انهيءَ قوم کي سڏيندين جنهن کي تون نٿو سڃاڻين، ۽ اها قوم جا توکي نٿي سڃاڻي سا تو وٽ ڊوڙندي ايندي، اهو خداوند تنهنجي خدا، ۽ اسرائيل جي قدوس جي ڪري ٿيندو؛ ڇالاءِ جو انهي توکي جلال بخشيو آهي.


يقين آهي تہ ٻيٽ مون لاءِ منتظر ٿيندا، ۽ ترسيس جا جهاز پهرين تنهنجن پٽن کي سندس سون ۽ روپي سميت، خداوند تنهنجي خدا جي نالي لاءِ، ۽ اسرائيل جي قدوس لاءِ، پري کان آڻيندا، ڇالاءِ جو هن توکي جلال بخشيو آهي.


لنگهي وڃو، دروازن مان لنگهي وڃو، اوهين اُمت جو رستو تيار ڪريو؛ شاهي سڙڪ مٿانهين ڪريو، مٿانهين ڪريو؛ پهڻ ميڙي پري ڪريو؛ قومن جي لاءِ جهنڊو کڙو ڪريو.


جن مون کي نٿي گهريو سي منهنجي پڇا ٿا ڪن؛ جن مون کي نٿي ڳوليو، تن مون کي لڌو آهي: جا قوم منهنجي نالي سان سڏجڻ ۾ نٿي آئي، تنهن کي مون چيو تہ مون ڏانهن نهار، مون ڏانهن نهار.


اي گهوڙا اوهين ڪاهي وڃو؛ ۽ اي گاڏيون، اوهين ڪڙڪو ڪريو؛ ڀلي تہ بهادر مرد وڌي اڳتي وڃن: ڪوش ۽ فوت، جي سپر کڻن ٿا؛ ۽ لودي جي ڪمان کڻن ٿا.


فارس ۽ لود ۽ فوطہ جا ماڻهو تنهنجي لشڪر ۾ تنهنجا جنگي پهلوان هئا: هنن سپر ۽ جنگي توپ تو ۾ ٽنگيا هئا؛ هنن تنهنجي رونق وڌائي.


ياوان، توبل، ۽ مسڪ تنهنجي ڏيتي ليتي ڪرڻ وارا واپاري هئا: هنن تنهنجي لاءِ ٻانهن ۽ پتل جي باسڻن جو واپار ٿي ڪيو.


حبش، ۽ فوطہ، ۽ لود، ۽ سڀ گڏيل قومون، ۽ ڪوب، ۽ انهي زمين جا رهاڪو، جن ٻڌي ڪئي آهي، سي بہ انهن سان گڏ ترار سان ڪِرندا.


اُتي مسڪ، توبل ۽ ان جي ڪل جماعت آهي، ۽ ان جون قبرون سندس آس پاس آهن: اهي سڀ اڻ طهريل ۽ ترار سان ماريل آهن؛ ڇالاءِ جو هنن جيئرن جي زمين ۾ خوف وڌو.


اي آدمزاد، جوج جي برخلاف نبوت ڪر ۽ چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس اي جوج، روش، مشڪ ۽ توبل جا بادشاهہ، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان:


۽ آءٌ ماجوج تي، ۽ جيڪي ماڻهو ٻيٽن ۾ سلامتيءَ سان رهن ٿا تن تي، باهہ نازل ڪندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


پوءِ هو ڦري ٻيٽن ڏانهن منهن ڪندو، ۽ گهڻائي وٺندو: پر هڪڙو امير هن جي خواري بند ڪرائيندو؛ هائو، پاڻ اُٽلندو هو اُها خواري اُٿلائي هن تي وجهندو.


خداوند هنن لاءِ خوفناڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو هو زمين جي سڀني معبودن کي بک ۾ پاهہ ڪندو: سڀ ماڻهو پنهنجن ملڪن مان يعني سڀ ٻيٽ هن جي عبادت ڪندا.


ڪوش جي ندين جي پريان، منهنجا سوالي، يعني منهنجي ٽڙي پکڙي ويلن جي ڌيءَ منهنجي قرباني آڻيندي.


ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي.


تنهنڪري اوهين وڃي پيءُ، پٽ ۽ پاڪ روح جي نالي بپتسما ڏيئي سڀني قومن کي شاگرد ڪريو:


۽ هنن کي چيائين تہ اوهين ساريءَ دنيا ۾ وڃو، ۽ ساريءَ خلق جي اڳيان انجيل جي منادي ڪريو.


۽ شمعون کين برڪت ڏني، ۽ سندس ماءُ مريم کي چيائين تہ ڏس، هي ٻار اسرائيل ۾ گهڻن جي ڪِرڻ ۽ وري اُٿڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ هڪڙي نشان لاءِ آهي، جنهن جي مخالفت ٿيندي:


پر جيئن لکيل آهي تہ ”جن کي اُنهي جي خبر نہ پهتي آهي سي ڏسندا، ۽ جن نہ ٻُڌو آهي سي سمجهندا.“


آئون جو پاڪ جماعت ۾ سڀني کان گهٽ آهيان، تنهن کي اهو فضل عطا ٿيو، تہ آئون غير قومن ۾ مسيح جي بي انداز دولت جي منادي ڪريان؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ