Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:16 - Sindhi Bible

16 ڇالاءِ جو خداوند سڀني انسانن سان باهہ، ۽ پنهنجيءَ ترار سان حجت ڪندو: ۽ خداوند جا قتل ڪيل گهڻا هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 هو پنهنجي باهہ ۽ تلوار سان دنيا جي هر ڏوهاري ماڻهوءَ کي سزا ڏيندو. هائو، گھڻن ئي کي قتل ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:16
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو رڳو قيدين هيٺان ڪنڌ جهڪائيندا ۽ قتل ٿيلن هيٺان ڪرندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


انهي ڏينهن خداوند پنهنجي سخت، ۽ وڏيءَ، ۽ مضبوط ترار سان ازدها، يعني تکي نانگ کي، ۽ انهي ازدها، يعني ڏنگي نانگ کي، سزا ڏيندو؛ ۽ هو انهيءَ ازدها کي قتل ڪندو جو سمنڊ ۾ آهي.


خداوند قومن جي پاران حجت دليل ڪرڻ لاءِ ۽ انهن جي عدالت ڪرڻ لاءِ بيهي ٿو.


۽ خداوند پنهنجو جلال وارو آواز ٻڌائيندو، ۽ پنهنجي غصي جي جوش سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، ۽ واچ ۽ طوفان ۽ ڳڙن سان پنهنجي ٻانهن جو نازل ٿيڻ ڏيکاريندو.


تڏهن اسوري انهيءَ ترار سان ڪِرندا جا انسان جي نہ آهي؛ ۽ اُها ترار جا انسان جي نہ آهي سا هن کي کائي ويندي؛ هو ترار کان ڀڄندو، ۽ هن جا ماڻهو ڍل ڀرو ٿيندا.


ڇالاءِ جو خداوند کي سڀني قومن تي ڪاوڙ آهي، ۽ انهن جي سموري لشڪر تي غصو آهي: هن انهن کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو آهي، هن انهن کي قتل ٿيڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيو آهي.


آءٌ اوهان کي ترار جي لاءِ مقرر ڪندس، ۽ اوهين قتل ٿيڻ لاءِ ڪنڌ جهڪائيندا: ڇالاءِ تہ جڏهن مون سڏيو تڏهن اوهان جواب ڪونہ ڏنو؛ جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان نہ ٻڌو؛ جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، ۽ جنهن سان آءٌ راضي نہ هوس، سو اوهان پسند ڪيو.


بلڪ زمين جي ڪناري تائين هڪل ايندي؛ ڇالاءِ جو خداوند کي قومن سان جهيڙو ڪرڻو آهي، ۽ هو سڀني انسانن سان حجت دليل ڪندو؛ باقي شريرن جي نسبت ۾ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن کي ترار جي حوالي ڪري ڇڏيندس.


۽ انهي ڏينهن خداوند جا ڪُٺل زمين جي هڪڙي ڪناري کان وٺي ٻئي ڪناري تائين هوندا: انهن تي ڪوبہ ماتم ڪونہ ڪندو ۽ نہ انهن کي گڏ ڪري دفن ڪندا: اُهي زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا هوندا.


۽ تون پنهنجي لاءِ وڏيون شيون ٿو ڳولين ڇا؟ اُهي نہ ڳول: ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سڄي خلق تي خرابي آڻيندس: پر جن جن هنڌن تي تون ويندين اُتي آءٌ تنهنجي حياتي توکي غنيمت ڪري ڏيندس.


ڇو تنهنجا مضبوط ماڻهو ٻهارجي ويا آهن؟ هو بيٺا ئي ڪين، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي هڪالي ڪڍيو.


پنهنجن گناهن جي گهڻائيءَ کان، پنهنجي واپار جي بڇڙائيءَ ڪري، تو پنهنجا پاڪ مڪان ناپاڪ ڪري ڇڏيا آهن؛ تنهنڪري مون تنهنجي وچ ۾ باهہ آندي آهي، جنهن توکي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي، ۽ تنهنجي سڀني ڏسڻ وارن جي روبرو مون توکي زمين تي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون اُهو آهين ڇا جنهن جي بابت مون قديم زماني ۾ پنهنجي بندن نبين جي معرفت ڳالهايو، جن اُنهن ڏينهن ۾ گهڻن سالن تائين نبوت ڪري چيو، تہ آءٌ توکي هنن تي چاڙهي آڻيندس؟


انهي طرح جڏهن آءٌ ڪاوڙ ۽ غصي ۾، ۽ خوفناڪ ملامتن سان، تو منجهہ عدالتن جي تعميل ڪندس، تڏهن جيڪي قومون تنهنجي چوڌاري آهن تن ۾ اهو ڪم ملامت، ۽ طعنو، ۽ عبرت، ۽ حيرت ٿيندو: مون خداوند ائين فرمايو آهي.


تڏهن آءٌ سڀ قومون گڏ ڪندس، ۽ سڀني کي يهوسفط جي واديءَ ۾ لاهيندس؛ ۽ اُتي آءٌ پنهنجي اُمت جي لاءِ، ۽ پنهنجي ميراث اسرائيل جي لاءِ ساڻن حجت دليل ڪندس، جو هنن انهن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي زمين ورهائي ڇڏي اٿن.


خداوند مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ خداوند باهہ کي ساڙڻ لاءِ سڏيو؛ ۽ اُنهيءَ وڏي سمنڊ کي ڳهي ڇڏيو، ۽ ملڪ کي بہ کائي وڃي ها.


اُتي توکي باهہ چٽ ڪندي، ۽ ترار وڍي ڇڏيندي؛ اُها توکي مڪڙ وانگي کائي ڇڏيندي: مڪڙين وانگي پاڻ کي وڌاءِ، ۽ مڪڙن وانگي پاڻ کي گهڻو ڪر.


گهوڙي سوار، چمڪندڙ ترار ۽ تجلو ڪندڙ نيزي سان حملو ٿو ڪري؛ ۽ بيشمار ماريل ۽ مڙهن جو ڍير ۽ لاشن جي پڄاڻي ئي ڪانهي: هو مڙهن تي پيا آٿڙن.


۽ اوهين منهنجي جبل جي واديءَ مان لنگهي ڀڄندا، ڇالاءِ جو جبلن جي وادي آضل تائين هوندي: هائو، اوهين ائين ڀڄندا، جيئن يهوداہ جا بادشاهہ عزياہ جي زماني ۾ زلزلي کان ڀڳا هئا: ۽ خداوند منهنجو خدا ايندو، ۽ سڀ پاڪ شخص توسان ايندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ