Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:15 - Sindhi Bible

15 ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند باهہ سان ايندو، ۽ هن جون جنگي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون؛ انهيءَ لاءِ تہ هن جو غصو جوش وارو، ۽ هن جي ملامت باهہ جي شعلن واري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ڏسو، خداوند، جنهن جون جنگي گھوڙي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون، سو باهہ سان ايندو، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي غضب جي باهہ سان پنهنجي دشمنن کي سزا ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:15
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بڇڙن تي هو ڦندا وسائيندو؛ باهہ ۽ گندرف ۽ جهولو انهن جي پيالي جو حصو ٿيندو.


هو آسمان کي بہ جهڪائي هيٺ لهي آيو، هن جي پيرن هيٺ ڀڀ اوندهہ هئي.


تون اُنهن کي پنهنجي غصي وقت ٻرندڙ تنور جهڙو ڪندين. خداوند پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ اُنهن کي ڳهي ويندو، ۽ باهہ اُنهن کي کائي ويندي.


اسان جو خدا ايندو ۽ ماٺ ڪري ڪين ويهندو: باهہ سندس اڳيان اڳيان ڀسم ڪندي ويندي، ۽ سندس چوڌاري ڏاڍو طوفان پيو لڳندو.


خدا جا رٿ ويهہ هزار آهن، بلڪ هزارن جا هزار: ۽ جيئن خداوند سينا جبل تي پاڪ مڪان ۾ آهي، تيئن انهن ۾ آهي.


هن جي اڳيان اڳيان باهہ ٿي وڃي، ۽ سندس دشمنن کي چوڌاري ساڙيو ڇڏي.


۽ اسرائيل جي روشنائي باهہ ٿيندي، ۽ ان جو پاڪ وجود هڪڙو شعلو ٿيندو: ۽ اهو هڪڙي ڏينهن ۾ ان جا ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندو.


اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي.


۽ خداوند پنهنجو جلال وارو آواز ٻڌائيندو، ۽ پنهنجي غصي جي جوش سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، ۽ واچ ۽ طوفان ۽ ڳڙن سان پنهنجي ٻانهن جو نازل ٿيڻ ڏيکاريندو.


ڇالاءِ جو قديم زماني کان توفت تيار ڪيل آهي؛ هائو، اهو بادشاهہ جي لاءِ تيار ڪيل آهي؛ هن انهي کي اونهو ۽ وڏو ڪيو آهي: انهي ۾ باهہ ۽ گهڻين ڪاٺين جو ڍير آهي؛ خداوند جو دم گندرف جي نهر وانگي انهي کي ٻاري ٿو.


هن جو ٽڪر خوف جي ڪري پنهنجيءَ جاءِ تان لنگهي ويندو، ۽ هن جا سردار جهنڊي کان ڊڄي ويندا؛ خداوند فرمايو آهي، جنهن جي باهہ صيون ۾، ۽ کورو يروشلم ۾ آهي.


تنهن ڪري خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ڀڙڪي آهي، ۽ هن پنهنجو هٿ انهن تي کنيو آهي ۽ انهن کي ماريو اٿس، ۽ انهن جا مڙهہ گهٽين جي وچ ۾ ڪچري وانگر هئا، ۽ ٽڪر ڏڪي ويا، ڇالاءِ جو هن جي ڪاوڙ ڦري نہ ويئي آهي پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


انهن جا تير تکا آهن ۽ انهن جون سڀ ڪمانون چڙهيل آهن: انهن جي گهوڙي جا سنب چقمق وانگر، ۽ انهن جي گاڏين جا ڦيٿا واچوڙي جهڙا ٿيندا:


تنهنجا پٽ سڀني گهٽين جي منهن تي ائين بيهوش پيا آهن جيئن هرڻ ڄار ۾ ڦاسندو آهي؛ اهي خداوند جي ڪاوڙ، ۽ تنهنجي خدا جي ملامت سان ڀريل آهن.


۽ جيڪي سلامت هئا سي خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ سبب چپ ڪرايا ويا آهن.


ڏسو، هو بادل وانگي چڙهي ايندو، ۽ هن جا رٿ واچوڙي وانگي ٿيندا: هن جا گهوڙا بازن کان تکا آهن، ٻرحال اسان جا! ڇالاءِ جو اسين لٽجي وياسين!


ڇالاءِ جو خداوند يهوداہ جي ماڻهن کي، ۽ يروشلم کي هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي پيل زمين کيڙيو ۽ ڪنڊن ۾ پوک نہ ڪريو.


ڇو تنهنجا مضبوط ماڻهو ٻهارجي ويا آهن؟ هو بيٺا ئي ڪين، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي هڪالي ڪڍيو.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون اُهو آهين ڇا جنهن جي بابت مون قديم زماني ۾ پنهنجي بندن نبين جي معرفت ڳالهايو، جن اُنهن ڏينهن ۾ گهڻن سالن تائين نبوت ڪري چيو، تہ آءٌ توکي هنن تي چاڙهي آڻيندس؟


انهي طرح جڏهن آءٌ ڪاوڙ ۽ غصي ۾، ۽ خوفناڪ ملامتن سان، تو منجهہ عدالتن جي تعميل ڪندس، تڏهن جيڪي قومون تنهنجي چوڌاري آهن تن ۾ اهو ڪم ملامت، ۽ طعنو، ۽ عبرت، ۽ حيرت ٿيندو: مون خداوند ائين فرمايو آهي.


۽ پڇاڙيءَ جي وقت ڏکڻ جو بادشاهہ ساڻس وڙهندو: ۽ اُتر جو بادشاهہ واچوڙي وانگر گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ گهڻن جهازن سان مٿس ڪاهي ايندو؛ ۽ هو ملڪن ۾ گهڙي پوندو، ۽ پکڙجي ويندو ۽ انهن منجهان لنگهي هليو ويندو.


هن جي اڳيان هڪڙي آتشي نهر نڪري وهيو ٿي آئي: هزارن جا هزار هن جي خدمت چاڪريءَ ۾ مشغول هئا، ۽ لکن جا لک هن جي اڳيان بيٺا هئا: عدالت پئي هلي، ۽ ڪتاب کليا رکيا هئا.


ڇالاءِ جو هو واءُ پوکين ٿا ۽ واچوڙو لڻندا: هن وٽ ڪو بيٺل اَن ڪونهي؛ سٽن مان کاڌو پيدا نہ ٿيندو؛ جي کڻي ٿيندو تہ بہ ڌاريا اُهو ڳهي ويندا.


خداوند مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ خداوند باهہ کي ساڙڻ لاءِ سڏيو؛ ۽ اُنهيءَ وڏي سمنڊ کي ڳهي ڇڏيو، ۽ ملڪ کي بہ کائي وڃي ها.


هن جي غصي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟ ۽ هن جي ڪاوڙ جي جوش مهل ڪير بيهي سگهندو! هن جو قهر باهہ وانگي ڦاٽي ٿو نڪري، ۽ ٽڪرن کي هو چيري ٿو ڇڏي.


خداوند ندين کان رنج ٿيو آهي ڇا؟ تنهنجو غصو ندين تي ۽ تنهنجي ڪاوڙ سمنڊ تي هئي ڇا جڏهن تون پنهنجن گهوڙن تي، ۽ نجات جي گاڏين تي چڙهئين؟


۽ وري مون اکيون مٿي کڻي نهاريو، ۽ ڏس، تہ ٻہ پتل جا جبل هئا، جن جي وچان چار گاڏيون نڪري آيون.


تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين.


جن جن ڪمن جي ڪرڻ ۾ تون هٿ وجهندين، تن سڀني ۾ خداوند توتي لعنت، بي آرامي، ۽ ملامت موڪليندو، جيسين ڪ تون برباد ٿي بلڪل تباهہ نہ ٿي وڃين؛ اهو تنهنجن خراب ڪمن جي سببان ٿيندو، جن جي ڪري تون مون کي ڇڏي ڏيندين.


۽ آسمان ۽ زمين جي موجود آهن، سي انهي ساڳئي ڪلام جي وسيلي هن لاءِ رکيا ويا آهن، تہ ساڙيا وڃن، ۽ اُهي عدالت جي ڏينهن ۽ بي دين ماڻهن جي برباديءَ تائين موجود رهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ