Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:13 - Sindhi Bible

13 جيئن ڪا ماءُ پٽ کي دلاسو ڏئي، تيئن آءٌ اوهان کي دلاسو ڏيندس؛ ۽ اوهان کي يروشلم ۾ دلاسو ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 آءٌ يروشلم ۾ اوهان کي اهڙي تسلي ڏيندس، جهڙي ڪنهن ٻار کي پنهنجي ماءُ کان ملندي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن آءٌ توکي ياد نہ ڪريان، ۽ يروشلم کي پنهنجي وڏيءَ خوشيءَ کان بہ وڌيڪ نہ سمجهان، تہ منهنجي ڄڀ تارونءَ سان وڃي لڳي.


جڏهن منهنجي دل ۾ گهڻو فڪر ٿو ٿئي، تڏهن تنهنجي دلاسي جي ڪري منهنجي جان خوش ٿي ٿئي.


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


اوهان جو خداوند فرمائي ٿو تہ تسلي ڏيو، منهنجي اُمت کي تسلي ڏيو.


اوهين يروشلم سان تسلي سان ڳالهايو، ۽ انهي کي پڪاري چئو تہ سندس جنگ پوري ٿي، ۽ سندس بڇڙائيءَ جي معافي ملي آهي؛ انهي کي خداوند جي هٿان سندس سڀني گناهن جو ٻيڻو بدلو مليو آهي.


اي آسمانو ڳايو؛ اي زمين خوش ٿي، اي جبلو گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، ۽ پنهنجي ڏکويلن تي رحم ڪندو.


آءٌ، هائو آءٌ، اهو آهيان جو اوهان کي تسلي ٿو ڏيان: تون ڪير آهين جو فاني انسان کان ۽ بني آدم کان ڊڄين ٿو، جو گاهہ وانگر ٿي ويندو؛


ڇالاءِ جو خداوند صيون کي تسلي ڏني آهي: ۽ هن اتي جي سڀني ويران جاين کي تسلي ڏني آهي، ۽ انهي جي بيابانن کي عدن جهڙو ڪيو اٿس، ۽ انهي جي رڻ پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪيو اٿس؛ انهي ۾ خوشي ۽ سرهائي، ۽ شڪرگذاري، ۽ ڳائڻ جو آواز موجود رهندو.


اوهين يروشلم سان خوشي ڪريو، ۽ اوهين سڀ جي هن کي پيار ٿا ڪريو سي هن لاءِ خوش ٿيو:


اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف هجي، جو رحمتن جو پيءُ ۽ سڀ ڪنهن تسلي جو خدا آهي.


جو اسانجين سڀني مصيبتن ۾ اسان کي تسلي ٿو ڏئي، انهي لاءِ تہ جيڪا تسلي خدا خود اسان کي ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي اسين اُنهن ٻين کي بہ تسلي ڏيئي سگهون جي ڪنهن مصيبت ۾ آهن.


پر اسين اوهان منجهہ اهڙيءَ نرميءَ سان رهياسين، جهڙيءَ طرح ماءُ پنهنجن ٻارن کي پاليندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ