Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:11 - Sindhi Bible

11 تہ اوهين هن جي دلاسن جو چڳڙ ڌائي ڍءُ ڪريو؛ ۽ هن جي شان جي گهڻائيءَ ڪري سرها ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 يروشلم جي وسندي اوهان جي ائين پالنا ڪندي، جيئن ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي ٿڃ پيئاري ڍءُ ڪرائيندي آهي. هائو، اوهين انهيءَ شهر جي خوشحاليءَ مان خوب لطف ماڻيندا، ايستائين جو اوهين اطمينان حاصل ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي تنهنجي گهر جون نعمتون کائي ڍءُ ڪندا: ۽ تون اُنهن کي پنهنجين خوشين جي نديءَ مان پياريندين.


۽ بادشاهہ تنهنجا پاليندڙ ابا، ۽ انهن جون راڻيون تنهنجون پاليندڙ اميون ٿينديون: اهي تنهنجي اڳيان جهڪي پنهنجا منهن پٽ تي رکندا، ۽ تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا، ۽ تون ڄاڻندينءَ تہ آءٌ خداوند آهيان، ۽ جيڪي منهنجا منتظر آهن سي شرمندا نہ ٿيندا.


اُٿ روشن ٿي، ڇالاءِ جو تنهنجي روشنائي آئي آهي، ۽ خداوند جو جلال توتي ظاهر ٿيو آهي.


تون قومن جو کير چوسيندينءَ ۽ بادشاهن جي ڇاتي بہ چوسيندينءَ، ۽ تون ڄاڻندينءَ، تہ آءٌ خداوند تنهنجو نجات ڏيڻ وارو ۽ ڇڏائيندڙ، ۽ يعقوب جو قادر آهيان.


ڇالاءِ جو ڏس، اوندهہ زمين کي ڍڪي ڇڏيندي، ۽ گهاٽي اوندهہ قومن کي: پر خداوند توتي ظاهر ٿيندو، ۽ هن جو جلال توتي ڏسڻ ۾ ايندو.


تڏهن تون ڏسندينءَ ۽ روشن ٿيندينءَ، ۽ تنهنجي دل ٽپندي ۽ شاد ٿيندي؛ ڇالاءِ جو سمنڊ جي دولت تو ڏانهن موٽائي ويندي، ۽ قومن جا خزانا تو وٽ ايندا.


۽ قومون تنهنجي راستبازي ڏسنديون، ۽ سڀ بادشاهہ تنهنجو جلال ڏسندا: تون هڪڙي نئين نالي سان سڏبينءَ، جو خداوند جي واتان ڏنو ويندو.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جبلن تان مٺو شراب وهندو، ۽ ٽڪرين مان کير جون نديون وهنديون، ۽ يهوداہ جون سڀ نهرون پاڻيءَ سان وهنديون؛ خداوند جي گهر مان هڪڙو چشمو نڪرندو ۽ شطيم جي واديءَ کي ريج ڏيندو.


نوزاد ڄاول ٻارن وانگر اُنهي نج روحاني کير جا خواهشمند ٿيو، تہ انهي تي نپجي نجات حاصل ڪريو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ