Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 65:8 - Sindhi Bible

8 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيئن انگور جي ڇڳي ۾ رس هوندي آهي، ۽ ڪو چوي تہ هن کي برباد نہ ڪر ڇو تہ هن ۾ برڪت آهي، تيئن آءٌ پنهنجي بندن جي خاطر ڪندس، تہ آءٌ هنن سڀني کي برباد نہ ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”جهڙيءَ طرح سٺن انگورن کي برباد نہ ٿو ڪيو وڃي، بلڪ انهن مان مئي ٿي ٺاهي وڃي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ پنهنجي پوري قوم کي برباد نہ ڪندس، بلڪ آءٌ انهن کي بچائيندس جيڪي منهنجي بندگي ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 65:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند چيو تہ جيڪڏهن مون کي سدوم شهر ۾ پنجاهہ راستباز ماڻهو ملندا، تہ هنن جي صدقي آءٌ سڄي شهر کي ڇڏي ڏيندس.


جي لشڪرن جو خداوند اسان جي لاءِ ڪي ٿورا ماڻهو باقي نہ بچائي ها، تہ اسين جيڪر سدوم جهڙا ٿيون ها، اسين جيڪر عموراہ جهڙا ٿيون ها.


باقي رهيل، يعني يعقوب جا باقي رهيل، قادر خدا ڏي موٽندا.


ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تنهنجي قوم اسرائيل سمنڊ جي واريءَ جيتري هوندي تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا موٽندا: پوريءَ سچائي سان بربادي ٺهرائي ويئي آهي.


پنهنجي نالي جي خاطر آءٌ پنهنجي ڪاوڙ ۾ دير ڪندس، ۽ پنهنجي تعريف جي خاطر آءٌ توکان مڙندس، تہ توکي تباهہ نہ ڪريان.


۽ جيڪڏهن انهيءَ ۾ ڏهين حصي جيترو رهجي ويندو هوندو، تہ اهو بہ وري کاڄي ويندو: جيئن ڪو تارپين ۽ شاهہ بلوط جو وڻ وڍجي جنهن کي وڍڻ کان پوءِ هن جو ٿُڙ بچيل هجي تيئن پاڪ نسل هن جو ٿُڙ آهي.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي بچائڻ لاءِ آءٌ تو سان آهيان، ۽ جن قومن ۾ مون توکي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي، تن جو آءٌ پوريءَ طرح خاتمو ڪندس، ۽ آءٌ توکي اصل چٽ نہ ڪندس؛ پر آءٌ توکي انصاف سان سيکت ڏيندس، ۽ ڪنهن بہ طرح توکي بي سزا ڇڏي نہ ڏيندس.


ڪنهن کي خبر تہ هو نہ ڦرندو ۽ پنهنجي پٺيان برڪت نہ ڇڏي ويندو، يعني خداوند اوهان جي خدا لاءِ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني؟


۽ جيڪڏهن اُهي ڏينهن گهٽايا نہ وڃن ها تہ جيڪر ڪوبہ انسان نہ بچي ها، پر چونڊيلن جي خاطر اُهي ڏينهن گهٽايا ويندا.


۽ جيڪڏهن خداوند اُهي ڏينهن نہ گهٽائي ها تہ جيڪر ڪوبہ نہ بچي ها؛ پر چونڊيل، جن کي پاڻ چونڊيو اٿس، تن جي خاطر اهي ڏينهن گهٽايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ