Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 65:6 - Sindhi Bible

6 ڏس، منهنجي اڳيان هيئن لکيل آهي: خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ ماٺ نہ ڪندس، پر بدلو ڏيندس، هائو انهن جي هنج ۾ بدلو ڏيندس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ڏسو، مون اڳ ۾ ئي سندن سزا جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سندن لاءِ فتويٰ مون لکي ڇڏي آهي. آءٌ سندن ڪيل ڪمن کان چشم‌پوشي نہ ڪندس، بلڪ کين انهن جو بدلو ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 65:6
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيوقوف ماڻهو پنهنجين خطائن ۽ بدڪارين جي ڪري ڏکن ۾ پيا آهن.


شل انهي جي ابن ڏاڏن جي بدڪاري خداوند کي ياد هجي، ۽ سندس ماءُ جو گناهہ ميسارجي نہ وڃي.


تو اُهي ڪم ڪيا ۽ آءٌ ماٺ ۾ رهيس؛ تو ڀانئيو تہ آءٌ بلڪل تو جهڙو آهيان: پر آءٌ توکي سيکت ڏيندس، تنهنجا ڪم تنهنجين اکين اڳيان آڻيندس.


اسان جو خدا ايندو ۽ ماٺ ڪري ڪين ويهندو: باهہ سندس اڳيان اڳيان ڀسم ڪندي ويندي، ۽ سندس چوڌاري ڏاڍو طوفان پيو لڳندو.


تون منهنجي رُلڻ جو حساب ٿو رکين: منهنجا لڙڪ پنهنجيءَ ٻاٽليءَ ۾ وجهي رک؛ اُهي تنهنجي دفتر ۾ داخل نہ آهن ڇا؟


اي خداوند اسان جي پاڙيسرين جي گلا جا هو تنهنجي برخلاف ٿا ڪن، سا ستوڻي ڪري مٿن آڻ.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اها ڳالهہ يادگيري جي لاءِ هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏ.


ڇالاءِ جو، ڏس، خداوند پنهنجي مڪان مان زمين جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ اچي ٿو: زمين بہ اُنهي رت کي ظاهر ڪندي جو منجهس آهي، ۽ جيڪي مٿس قتل ٿيا آهن تن کي نہ لڪائيندي.


ٻرحال شرير جا! هن سان برائي ٿيندي: ڇالاءِ جو هن جي ڪمن جو بدلو هن کي ڏنو ويندو.


آءٌ گهڻو وقت ماٺ ڪري ويٺو آهيان؛ مون صبر ڪري پاڻ کي پئي روڪيو آهي: هاڻي آءٌ سورائتيءَ زال وانگي رڙيون ڪندس؛ آءٌ سهڪندس ۽ اُڀا ساهہ کڻندس.


هو انهن کي سندن ڪمن موجب بدلو ڏيندو، پنهنجن مخالفن تي غضب نازل ڪندو، ۽ پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو؛ ٻيٽن کي هو پورو بدلو ڏيندو.


اي خداوند، انهن ڳالهين هوندي بہ تون پاڻ کي روڪي ڇڏيندين ڇا؟ تون ماٺ ڪري اسان کي سخت مصيبت ۾ پيو وجهندين ڇا؟


شهر مان گڙٻڙ جو هل، ۽ هيڪل مان بہ آواز ٿو ٻڌجي. خداوند جو آواز، جو پنهنجي دشمن کي بدلو ٿو ڏئي.


۽ پهرين آءٌ هنن جي بدڪاري ۽ گناهہ جو ٻيڻو بدلو ڏيندس؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين جي مڙهن سان منهنجي زمين کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي ميراث کي پنهنجن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو اٿن.


باقي اُهي جن جي دل سندن ڪراهت جهڙين شين ۽ سندن گندگين جي پٺيان ٿي وڃي، تن جي واٽ آءٌ خود سندن مٿي تي آڻيندس؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.


تنهنڪري مون پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊي آهي؛ مون پنهنجي غضب جي باهہ سان هنن کي ساڙي کپائي ڇڏيو آهي: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون هنن جي راهہ خود سندن سر تي آندي آهي.


۽ منهنجي بہ اک گذر نہ ڪندي، نڪي آءٌ رحم ڪندس، پر آءٌ هنن جي واٽ سندن مٿي تي آڻيندس.


هائو، اي صور ۽ صيدا ۽ فلستيہ جا سڀ علائقا، اوهين منهنجي لاءِ ڇا آهيو؟ اوهين ڪو مون کي بدلو ڏيندا ڇا؟ ۽ جي اوهين ڏيندا، تہ ستت ئي ۽ سگهو ئي آءٌ اُهو اوهان جو بدلو خود اوهان جي سر تي آڻيندس.


تڏهن جيڪي خدا ترس هئا، تن هڪٻئي سان گفتگو ڪئي: ۽ خداوند ڪَن ڏنو ۽ ٻُڌو، ۽ جن کي خداوند جو خوف هو، ۽ جن سندس نالي تي ڌيان ٿي ڏنو، تن جي لاءِ سندس حضور ۾ يادگاريءَ جو ڪتاب لکيو ويو.


ڏيندا رهو تہ اوهان کي بہ ٽمٽار ملندو، چڱو ماڻ دٻي دٻي، لوڏي لوڏي، وهندڙ ڪري اوهان جي جهول ۾ ڏيندا. ڇوتہ جنهن ماڻ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن ئي ماڻ سان موٽي اوهان کي مئجي ملندو.


اهو مون وٽ گڏ ٿيل، ۽ منهنجن خزانن ۾ مهر سان بند ٿيل نہ رکيو آهي ڇا؟


۽ مون سڀني مُئلن، وڏن توڙي ننڍن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو؛ ۽ ڪتاب کوليا ويا: ۽ هڪڙو ٻيو ڪتاب جو زندگيءَ جو ڪتاب آهي سو کوليو ويو. ۽ جيڪي ڳالهيون انهن ڪتابن ۾ لکيل هيون، تن موجب سندن ڪمن موافق مُئلن جو انصاف ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ