Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 65:22 - Sindhi Bible

22 ائين نہ ٿيندو تہ اهي گهر اڏيندا ۽ ٻيا اچي انهن ۾ رهندا؛ ۽ اهي پوکيندا ۽ ٻيا اچي کائيندا: ڇالاءِ جو منهنجيءَ اُمت جي عمر وڻ جي عمر جيتري ٿيندي، ۽ منهنجا چونڊيل پنهنجن هٿن جي ڪم مان گهڻي وقت تائين فائدو وٺندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 ائين بلڪل نہ ٿيندو جو اهي گھر اڏين ۽ ٻيا اچي انهن ۾ رهن، يا اهي باغ لڳائين ۽ ٻيا اچي انهن جو ميوو کائين. منهنجي قوم جي ماڻهن جي عمر وڻ جي عمر جيتري ٿيندي. هائو، منهنجا اهي چونڊيل پنهنجن هٿن جي ڪمن مان گھڻي وقت تائين فائدو وٺندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 65:22
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ متوسلحہ جي سموري عمر نو سؤ اوڻهتر ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.


۽ آدم جي سموري عمر نو سؤ ٽيهہ ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.


هن توکان حياتي گهري، ۽ تو کيس اها بخشي؛ بلڪ هميشہ لاءِ وڏي ڄمار ڏني.


آءٌ هن کي وڏيءَ ڄمار سان آسودو ڪندس، ۽ پنهنجي نجات کيس ڏيکاريندس.


خداوند پنهنجي ساڄي هٿ جو، ۽ پنهنجيءَ زور واريءَ ٻانهن جو قسم کنيو آهي، تہ تنهنجو اَن تنهنجي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس؛ نڪي تنهنجو شراب، جنهن لاءِ تو محنت ڪئي آهي، سو ڌاريا پيئندا.


پر جن اهو اَن گڏ ڪيو آهي سي ئي اهو کائيندا، ۽ خداوند جي تعريف ڪندا؛ ۽ جن اهو شراب گڏ ڪيو آهي سي ئي منهنجي پاڪ مڪان جي ايوانن ۾ اهو پيئندا.


۽ اوهين پنهنجو نالو منهنجن چونڊيلن جي لاءِ لعنت وانگي ڇڏيندا، ۽ خداوند خدا توکي قتل ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن بندن کي ٻئي نالي سان سڏيندو؛


۽ آءٌ يعقوب مان هڪڙو نسل پيدا ڪندس، ۽ يهوداہ مان پنهنجن جبلن جو هڪڙو وارث: ۽ منهنجا چونڊيل انهي جا وارث ٿيندا، ۽ منهنجا بندا اتي رهندا.


خداوند فرمائي ٿو، تہ جيئن نوان آسمان ۽ نئين زمين جي آءٌ جوڙيندس، سي منهنجي حضور ۾ قائم رهندا، تيئن اوهان جو نسل ۽ اوهان جو نالو بہ قائم رهندو.


تہ آءٌ بہ اوهان سان ائين ئي ڪندس؛ آءٌ اوهان تي خوف نازل ڪندس، يعني سلهہ ۽ تپ، جو اوهانجون اکيون چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ اوهان جي جان کي ڳاري ڇڏيندو: ۽ اوهان جو ٻج ڇٽڻ اجايو ٿيندو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جا دشمن کائيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ