Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 65:20 - Sindhi Bible

20 ۽ هن کان پوءِ اتي نہ اهڙو ننڍڙو ٻار هوندو، ۽ نڪو اهڙو ٻڍو هوندو، جو پنهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن پورا نہ ڪري: ڇالاءِ جو ٻار بہ سؤ ورهين جو ٿي مرندو، ۽ جيڪو گنهگار سؤ ورهين جو ٿيندو سو لعنتي ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اتي ڪوبہ ننڍڙو ٻار وري ننڍپڻ ۾ ڪونہ مرندو، نڪي ڪو پوڙهو پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪرڻ کان اڳ مرندو. جنهن ماڻهوءَ جي عمر سؤ سال هوندي، سو نوجوان سمجھيو ويندو. جيڪو انهيءَ کان اڳ مرندو، سو لعنتي سمجھيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 65:20
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون وڏيءَ عمر ۾ پنهنجي قبر ۾ ايندين، جيئن ڪ اَن جو گڏو پنهنجي پوري وقت تي ايندو آهي.


اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو حياتيءَ جي خواهش رکي وڏي عمر ٿو چاهي، انهيءَ لاءِ تہ ڀلائي ڏسي؟


۽ لشڪرن جي خداوند پاڻ کي منهنجن ڪنن ۾ ظاهر ڪيو، تہ پڪ آهي تہ جيسين اوهين جيئرا آهيو تيسين هي گناهہ ڌوپي صاف ٿي نہ ويندو؛ خداوند، لشڪرن جو خداوند، ائين ٿو فرمائي.


ٻرحال شرير جا! هن سان برائي ٿيندي: ڇالاءِ جو هن جي ڪمن جو بدلو هن کي ڏنو ويندو.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ يروشلم جي گهٽين ۾ پير مرد ۽ زالون پنهنجي ٻڍاپي جي سبب ڪري پنهنجي لڪڻ تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ڏسڻ ۾ ايندا.


۽ هن جا قانون ۽ هن جا حڪم، جي اڄ آءٌ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪر، تہ تنهنجو ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ