Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 65:14 - Sindhi Bible

14 ڏسو، منهنجا بندا دل جي خوشيءَ ڪري ڳالهائيندا، پر اوهين دل جي ڏک ڪري دانهون ڪندا، ۽ روح جي رنج ڪري واويلا مچائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ڏسو، منهنجا عبادت‌گذار ٻانها دل جي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندا، پر اوهين دل جي ڏک ڪري دانهون ڪندا، ۽ روح جي رنج ڪري واءِ‌ويلا مچائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 65:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو مرڻ لاءِ تيار هو تنهن جي دعا مون تي ايندي هئي، ۽ آءٌ بيوہ جي دل خوشيءَ سان سرهي ڪندو هوس.


اهي ڀلي تہ لعنت ڪن، پر تون برڪت ڏي؛ جڏهن اهي اُٿندا تڏهن شرمندا ٿيندا، پر تنهنجو بندو خوش ٿيندو.


سڄي ڌرتي توکي سجدو ڪندي، ۽ تنهنجي حضور ۾ ڳائيندي؛ اُهي تنهنجي نالي جا گيت ڳائيندا.


اوهين ووءِ ووءِ ڪريو؛ ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن نزديڪ آهي؛ اهو قادر مطلق وٽان موت وانگي ايندو.


اُهي وڏو آواز ڪندا، هو رڙيون ڪندا؛ خداوند جي جلال لاءِ هو سمنڊ کان وڏي سڏ پڪاريندا.


ڏسو، اوهين سڀ جي باهہ ٻاريو ٿا، ۽ اُماڙيون چيلهہ سان ٻڌو ٿا: سي پنهنجي باهہ جي شعلي ۾، ۽ جيڪي اُماڙيون ٻاريون اٿوَ تن منجهہ هلو. اهو ئي منهنجي هٿان اوهان کي ملندو ۽ اوهين ڏک ۾ ليٽي رهندا.


اهي خداوند جا ڇڏايل موٽندا، ۽ ڳائيندي صيون ۾ ايندا؛ ۽ انهن جي مٿان هميشہ جي خوشي ٿيندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، غم ۽ رنج ڪونہ رهندا.


۽ اوهين اهو ڏسندا ۽ اوهان جي دل خوش ٿيندي، اوهان جا هڏا نازڪ گاهہ وانگي وڌندا: ۽ خداوند جو هٿ سندس بندن تي ظاهر ٿيندو، ۽ هو پنهنجن دشمنن تي ڏاڍو ڪاوڙبو.


تو قوم کي وڌايو آهي، ۽ انهن جي خوشي بہ زيادہ ڪئي اٿيئي: هو تنهنجي اڳيان اهڙي خوشي ٿا ڪن جهڙي فصل لهڻ مهل ڪبي آهي، يا جهڙي خوشي لٽ جي مال ورهائڻ مهل ماڻهو ڪندا آهن.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يعقوب جي لاءِ خوشيءَ سان ڳايو، ۽ قومن جي سردار لاءِ نعرا هڻو: اوهين پڌرائي ڪريو، اوهين تعريف ڪريو ۽ چئو تہ اي خداوند، پنهنجي قوم اسرائيل جي باقي بچيلن کي بچاءِ.


۽ اُنهن کي باهہ جي کوري ۾ اُڇلائي وجهندا: اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


تڏهن بادشاهہ نوڪرن کي چيو تہ هن جا هٿ پير ٻَڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏيوس، اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


پر جيڪي بادشاهت جا ٻار آهن، تن کي ٻاهرينءَ اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏبو. اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


جڏهن اوهين ابراهيم، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب، ۽ سڀني نبين کي خدا جي بادشاهت ۾ ڏسندا، ۽ پاڻ کي ٻاهر ڌڪيل، تڏهن اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


اي دولتمندو، هاڻي ٻُڌو؛ جيڪي مصيبتون اوهان تي اچڻيون آهن، تن جي ڪري اوهين روئو ۽ رڙيون ڪريو.


جيڪڏهن اوهان مان ڪوبہ ڏکي هجي تہ اُهو دعا گهُري، ۽ جيڪڏهن ڪو خوش هجي تہ اُهو تعريف جا گيت ڳائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ