Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 65:13 - Sindhi Bible

13 تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، منهنجا بندا کائيندا، پر اوهين بکيا رهندا؛ ڏسو، منهنجا بندا پيئندا، پر اوهين اُڃيا رهندا: ڏسو، منهنجا بندا خوشيون ڪندا، پر اوهين شرمندا ٿيندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ڏسو، جيڪي منهنجي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪندا، سي جھجھو کائيندا ۽ پيئندا، پر اي فسادي! اوهين بکيا ۽ اڃيا رهندا. هائو، منهنجا اهي ٻانها خوشيون ملهائيندا، پر اوهين خوار خراب ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 65:13
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شينهن جا ٻچا حاجت مند ۽ بکيا ٿين ٿا: پر جيڪي خداوند جا طالب آهن تن کي ڪنهن بہ نعمت جي گهرج ڪانہ رهندي.


سچو پيٽ ڀري کائي خوش ٿئي ٿو: پر بي عقل جو پيٽ ڀرجڻ جو ناهي.


جي اوهين راضي ۽ فرمانبردار ٿيندا تہ اوهين پنهنجي زمين جي چڱي اُپت کائيندا:


غريب ۽ محتاج پاڻي ڳولين ٿا پر اهو نٿو ملين، انهن جي زبان اُڃ جي ڪري خشڪ ٿي وئي آهي؛ آءٌ خداوند انهن کي ورندي ڏيندس، آءٌ اسرائيل جو خدا انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.


آءٌ اُگهاڙين ٽڪرين تي نديون وهائيندس، ۽ وادين جي وچ ۾ چشما کوليندس: آءٌ بيابان کي پاڻيءَ جي ڍنڍ، ۽ سڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جون نهرون ڪندس.


اهي جي اُڪريل مورتن تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ جي پلٽيل مورتن کي چون ٿا تہ اوهين خدا آهيو، سي پٺ تي ڦيريا ويندا، ۽ اهي ڏاڍا شرمندا ٿيندا.


ڏس، هن جا سڀ سنگتي شرمندا ٿيندا؛ ۽ ڪاريگر بہ، جي انسان آهن: ڀلي تہ اهي سڀ گڏ ٿي بيهن، اهي ڊڄندا ۽ گڏجي شرمندا ٿيندا.


جيڪي اُڪريل مورتون ٿا ٺاهين، سي سڀ بيهودا آهن؛ ۽ انهن جي وڻندڙ شين مان ڪوبہ فائدو ڪونهي: ۽ انهن جا شاهد نڪي ڏسن ٿا، نڪي ڄاڻن ٿا؛ سي ڀلي شرمندا ٿين.


انهن کي نہ بک لڳندي نہ اُڃ، نڪي گرمي ۽ اُس انهن کي نقصان رسائيندي: ڇالاءِ تہ جيڪو انهن تي رحم ٿو ڪري سو انهن جو سونهون ٿيندو، بلڪ هو انهن کي پاڻيءَ جي چشمن تي وٺي ويندو.


تنهن ڪري منهنجي قوم قيد ۾ ويئي آهي، يعني علم نہ رکڻ ڪري: ۽ انهن جا آبرو وارا ماڻهو بک ٿا مرن، ۽ انهن جا عام ماڻهو اُڃ سان پاهہ ٿا ٿين.


ڏسو، اوهين سڀ جي باهہ ٻاريو ٿا، ۽ اُماڙيون چيلهہ سان ٻڌو ٿا: سي پنهنجي باهہ جي شعلي ۾، ۽ جيڪي اُماڙيون ٻاريون اٿوَ تن منجهہ هلو. اهو ئي منهنجي هٿان اوهان کي ملندو ۽ اوهين ڏک ۾ ليٽي رهندا.


اوهان جي شرمندگيءَ جي عيوض اوهان کي ٻيڻو ملندو؛ ۽ مونجهاري جي واسطي اوهين پنهنجي ڀاڱي تي خوش ٿيندا: تنهن ڪري اهي پنهنجي ملڪ ۾ ٻيڻي جا مالڪ ٿيندا: انهن کي هميشہ جي خوشي حاصل ٿيندي.


پر جن اهو اَن گڏ ڪيو آهي سي ئي اهو کائيندا، ۽ خداوند جي تعريف ڪندا؛ ۽ جن اهو شراب گڏ ڪيو آهي سي ئي منهنجي پاڪ مڪان جي ايوانن ۾ اهو پيئندا.


۽ اوهين اهو ڏسندا ۽ اوهان جي دل خوش ٿيندي، اوهان جا هڏا نازڪ گاهہ وانگي وڌندا: ۽ خداوند جو هٿ سندس بندن تي ظاهر ٿيندو، ۽ هو پنهنجن دشمنن تي ڏاڍو ڪاوڙبو.


اوهين جي خداوند جي ڪلام کان ڏڪو ٿا، سي هن جو ڪلام ٻڌو: اوهان جا ڀائر جي اوهان سان نفرت ٿا ڪن، ۽ منهنجي نالي جي ڪري اوهان کي هڪالي ڪڍيو اٿن، تن چيو آهي تہ ڀلي تہ خداوند جو جلال ظاهر ٿئي تہ اسين اوهان جي خوشي ڏسون؛ پر اهي شرمندا ٿيندا.


تڏهن هو ملڪ ۾ بکايل ۽ بڇڙي حال گهمندا: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هنن کي بک لڳندي تڏهن ڪنجهندا ڪُرڪندا، ۽ پنهنجي بادشاهہ تي، ۽ پنهنجي خدا تي لعنت ڪندا، ۽ پنهنجا منهن مٿي ڪندا:


واءُ تنهنجن سڀني ڌنارن کي هڪالي ويندو، ۽ تنهنجا عاشق قيدي ٿي ويندا: يقيناً انهيءَ وقت تون پنهنجي شرارت جي ڪري شرمندو ۽ پشيمان ٿيندين.


۽ جيڪي زمين جي مٽيءَ ۾ سُتل آهن، تن مان گهڻا وري جاڳندا، ۽ ڪن کي هميشہ جي حياتي ملندي، ۽ ڪي شرمندا ۽ هميشہ لاءِ خوار ٿيندا.


هو کائيندا پر ڍءُ نہ ٿيندن؛ هو زناڪاري ڪندا پر وڌندا ڪين: ڇالاءِ جو هنن خدا جو خيال ڇڏي ڏنو آهي.


تڏهن اوهين موٽندا، ۽ شرير ۽ سچار جي وچ ۾، ۽ خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ بي دين جي وچ ۾ امتياز ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ