Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 65:12 - Sindhi Bible

12 آءٌ اوهان کي ترار جي لاءِ مقرر ڪندس، ۽ اوهين قتل ٿيڻ لاءِ ڪنڌ جهڪائيندا: ڇالاءِ تہ جڏهن مون سڏيو تڏهن اوهان جواب ڪونہ ڏنو؛ جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان نہ ٻڌو؛ جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، ۽ جنهن سان آءٌ راضي نہ هوس، سو اوهان پسند ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اوهان سڀني کي ڪُٺو ويندو، جڏهن آءٌ اوهان کي ڳڻي ڳڻي تلوار جي حوالي ڪندس. انهيءَ سبب جو جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن اوهان ڪو جواب نہ ڏنو، جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان ڪو ڌيان نہ ڏنو. جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، بلڪ جيڪي مون نہ ٿي چاهيو سو اوهان پسند ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 65:12
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين وهنجو، پاڻ کي پاڪ ڪريو؛ پنهنجا بڇڙا ڪم منهنجي اکين جي اڳيان ٽاريو؛ بڇڙائي ڪرڻ کان بس ڪريو:


پر جي اوهين منڪر ۽ باغي ٿيندا تہ ترار اوهان کي کائي ويندي: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.


هو رڳو قيدين هيٺان ڪنڌ جهڪائيندا ۽ قتل ٿيلن هيٺان ڪرندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


انهي ڏينهن خداوند پنهنجي سخت، ۽ وڏيءَ، ۽ مضبوط ترار سان ازدها، يعني تکي نانگ کي، ۽ انهي ازدها، يعني ڏنگي نانگ کي، سزا ڏيندو؛ ۽ هو انهيءَ ازدها کي قتل ڪندو جو سمنڊ ۾ آهي.


تنهنجا ماڻهو ترار سان ڪرندا، ۽ تنهنجا پهلوان جنگ ۾ ڪرندا.


ڇالاءِ جو خداوند کي سڀني قومن تي ڪاوڙ آهي، ۽ انهن جي سموري لشڪر تي غصو آهي: هن انهن کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو آهي، هن انهن کي قتل ٿيڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيو آهي.


ڇالاءِ جو منهنجي ترار آسمان ۾ پي ڍائي آهي: ڏسو، اها ادوم تي، ۽ منهنجي لعنت پيل اُمت تي عدالت لاءِ نازل ٿيندي.


خداوند جي ترار رت سان ڀريل آهي، اها سڻڀ سان، گهيٽن ۽ ٻڪرين جي رت سان، ۽ گهٽن جي بڪين جي چرٻيءَ سان سڻڀي ڪيل آهي: ڇالاءِ جو خداوند جي لاءِ بصراہ ۾ هڪڙي قرباني، ۽ ادوم ۾ وڏو قتلام آهي.


جڏهن آءٌ نهاريان ٿو، تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، انهن ۾ ڪوبہ صلاح ڏيڻ وارو ڪونهي جو جڏهن آءٌ هنن کان پڇان تڏهن ورنديءَ ۾ هڪڙو لفظ بہ ڳالهائي سگهي.


جڏهن آءٌ آيس تڏهن ڇو ڪو ماڻهو ڪونہ هو؟ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڇو ڪنهن بہ جواب نہ ڏنو؟ منهنجو هٿ اهڙو ننڍو ٿي ويو آهي ڇا جو ڇڏائي نٿو سگهي؟ يا مون کي ڇڏائڻ جي سگهہ ڪانهي ڇا؟ ڏسو، آءٌ پنهنجيءَ ڌمڪيءَ سان سمنڊ کي سڪايان ٿو، ۽ ندين کي بيابان ڪري ٿو ڇڏيان: انهن جي مڇي پاڻي نہ هئڻ جي ڪري ڪِني بانس ڪري ٿي، ۽ اُڃ جي ڪري مري ٿي.


هائو، سچائي گم ٿي وئي آهي؛ جيڪو بديءَ کان پري ٿو ڀڄي سو پاڻ کي شڪار ٿو بنائي: ۽ خداوند اهو ڏٺو تہ عدالت آهي ئي ڪانہ، ۽ هن کي رنج ٿيو.


۽ غصي ۾ مون قومن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ انهن کي مست ڪيم، ۽ انهن جو رت زمين تي وهائي ڇڏيم.


بلڪ اهڙي اُمت جا هميشہ منهنجي روبرو مون کي چڙ ٿي ڏياري، جا باغن ۾ قربانيون ٿي چاڙهي، ۽ سرن تي لوبان ٿي ساڙي؛


ڇالاءِ جو خداوند سڀني انسانن سان باهہ، ۽ پنهنجيءَ ترار سان حجت ڪندو: ۽ خداوند جا قتل ڪيل گهڻا هوندا.


ڇالاءِ جو منهنجون اکيون هنن جي سڀني رستن تي آهن: هو منهنجي منهن کان لڪل نہ آهن، نڪي هنن جي بدڪاري منهنجي اکين کان لڪل آهي.


تنهن ڪري سندن اولاد ڏڪار کي ڏيئي ڇڏ، ۽ کين ترار جي طاقت جي حوالي ڪري ڇڏ؛ ڀلي تہ هنن جون زالون بي اولاد ۽ بيوہ ٿين؛ ڀلي تہ هنن جا مرد ماڻهو ڪُسي وڃن، ۽ هنن جا جوان ماڻهو جنگ ۾ ترار سان مارجي وڃن.


تنهن ڪري خداوند، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجو حڪم نہ ٻڌو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پڌري طرح آزاد ڪري نہ ڇڏيو آهي: ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي ترار جي، ۽ مرض جي، ۽ ڏڪار جي آزاديءَ جي خبر ٿو ڏيان؛ ۽ آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هيڏي هوڏي رلائيندس:


تنهن ڪري خداوند، جو لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا آهي، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس، جا هنن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪئي آهي: ڇالاءِ جو مون هنن کي ٻڌايو آهي پر هنن نہ ٻڌو آهي؛ ۽ مون هنن کي سڏيو آهي پر هنن جواب ڪونہ ڏنو آهي.


۽ هاڻي خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان هي سڀ ڪم ڪيا آهن، ۽ مون اوهان سان سوير اُٿي ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو: ۽ مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو:


۽ تون اهي سڀ ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ: پر هو تنهنجي نہ ٻڌندا: تون هنن کي سڏيندين بہ، پر هو توکي ڪوبہ جواب نہ ڏيندا.


آءٌ اوهان جي مٿان ترار آڻيندس، جا ڪيل عهد جو بدلو وٺندي؛ ۽ جڏهن اوهين پنهنجن شهرن ۾ گڏ ڪيا ويندا، تڏهن آءٌ اوهان ۾ وبا موڪليندس؛ ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي حوالي ڪيا ويندا.


۽ آءٌ غصي ۽ ڪاوڙ جي جوش ۾ انهن قومن کان وير وٺندس جن منهنجي نہ ٻڌي آهي.


جڏهن يروشلم اڃا آباد ۽ مالدار هو، ۽ سندس چوڌاري شهر ۽ ڏکڻ واري ۽ هيٺانهين زمين آباد هئي، تڏهن اوهان کي اهو ڪلام جو خداوند اڳي نبين جي معرفت ڪيو، سو نہ ٻڌڻ کپندو هو ڇا؟


۽ پنهنجا نوڪر موڪليائين تہ جن کي شاديءَ جي مجلس جي دعوت مليل آهي، تن کي سڏي اچو. پر انهن اچڻ جي نہ ڪئي.


تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين.


هو پنهنجن وٽ آيو، ۽ پنهنجن کيس قبول نہ ڪيو.


اهي ٻاهر ترار سان، ۽ اندر ڪوٺين ۾ ڊپ جي ڪري مرندا؛ جوان ماڻهو، ڪنواريون ڇوڪريون، کير پياڪ ٻار ۽ پير مرد، سڀ ائين برباد ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ