Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 65:11 - Sindhi Bible

11 پر اوهين جي خداوند کي ڇڏيو ٿا، جي منهنجي پاڪ جبل کي وساريو ٿا، ۽ جي نصيب جي جنتري ٺاهيو ٿا، ۽ جي قسمت لاءِ گڏيل شراب جو پيالو ٿا ڀريو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پر اي اوهين! جن مون خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ جن منهنجي پاڪ جبل صيئون کي وساري ڇڏيو آهي، هائو، اوهين جيڪي بتن کي نصيب ۽ قسمت جا ديوتا سڏيو ٿا، ۽ سندن پوڄا ڪندي هنن لاءِ دسترخانا وڇايو ٿا، ۽ مئي جو پيالو ڀري نذراني طور رکي ٿا ڇڏيو، سي ياد رکو، اوهان جي نصيب ۾ هي لکيو ويو آهي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 65:11
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هن وري اُهي مٿانهيون جايون جوڙايون، جي سندس پيءُ حزقياہ ڊاهي ڇڏيون هيون؛ ۽ هن بعل جي لاءِ قربانگاهون اڏايون؛ ۽ هڪڙو يسيرت بہ جوڙايو، جيئن ڪ اسرائيل جي بادشاهہ اخي آب ڪيو هو، ۽ آسمان جي سڀني تارن جي عبادت ڪيائين، ۽ اُنهن جي بندگي ڪيائين.


۽ تون، اي منهنجا پٽ سليمان، پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ، ۽ پوريءَ دل ۽ روح جي خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر: ڇالاءِ جو خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو، ۽ هرڪو خيال جو اُٿي ٿو سو ڄاڻي ٿو: ۽ جي تون هن کي ڳوليندين تہ هو توکي ملندو: پر جي تون هن کي ڇڏي ڏيندين، تہ هو توکي هميشہ لاءِ رد ڪندو.


ڇالاءِ جو خداوند صيون کي چونڊيو آهي؛ ۽ انهن کي پنهنجي رهڻ لاءِ پسند ڪيو اٿس.


اي يروشلم جيڪڏهن آءٌ توکي وساريان، تہ شل منهنجو ساڄو هٿ پنهنجو هنر ڀلجي وڃي.


پر بدڪار ۽ گنهگار گڏ ناس ٿي ويندا ۽ جيڪي خداوند کي ڇڏي ڏيندا سي چٽ ٿي ويندا.


افسوس، گنهگار اُمت، خطائن ڀريل قوم، بدڪارن جو نسل، خراب ڪم ڪندڙ اولاد: هنن خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، اسرائيل جي قدوس کي حقير ڄاتو اٿن، هو ڇڄي ڌار ٿيا آهن، ۽ پٺ تي هليا ويا آهن.


منهنجي پاڪ جبل ۾ هو نہ ڪنهن کي ايذاءُ رسائيندا، نہ ماري وجهندا: ڇالاءِ جو زمين خداوند جي علم سان ڀرپور ٿي ويندي، جيئن پاڻي سمنڊ کي ڍڪي ڇڏي ٿو.


۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ خداوند جي گهر وارو جبل، جبلن جي چوٽيءَ تي قائم ٿيندو، ۽ ٽڪرين کان مٿي ڪيو ويندو، ۽ سڀ قومون ڏانهس ڊوڙنديون.


۽ گهڻيون قومون وينديون ۽ چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل ڏانهن، يعني يعقوب جي خدا جي گهر ڏانهن هلون؛ ۽ هو اسان کي پنهنجا رستا سيکاريندو، ۽ اسين انهي جي واٽن تي هلنداسين: ڇالاءِ جو صيون مان شريعت ۽ يروشلم مان خداوند جو ڪلام ظاهر ٿيندو.


تن کي بہ آءٌ پنهنجي پاڪ جبل تي آڻيندس، ۽ پنهنجي عبادتخاني ۾ خوش رکندس؛ انهن جون سوختني قربانيون، ۽ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پونديون: ڇالاءِ جو منهنجو گهر سڀني قومن لاءِ عبادتگاهہ سڏبو.


جڏهن دانهن ڪنديئن، تڏهن جيڪي تو گڏ ڪيا آهن، سي ڀلي توکي ڇڏائين؛ پر واءُ انهن کي کڻي ويندو: هڪڙي ڦوڪ انهن سڀني کي اُڏائي ڇڏيندي: پر جيڪو مون تي ڀروسو رکندو سو زمين جو مالڪ ٿيندو، ۽ منهنجي پاڪ جبل جو وارث ٿيندو.


خداوند فرمائي ٿو، تہ بگهڙ ۽ گهيٽو گڏ چرندا، ۽ شينهن ڍڳي وانگي گاهہ کائيندو: ۽ مٽي نانگ جو کاڌو ٿيندي. منهنجي سڄي پاڪ جبل ۾ اهي نہ ڪنهن کي ايذاءُ رسائيندا نہ برباد ڪندا.


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ جيئن بني اسرائيل صاف ٿانوَ ۾ پنهنجي قرباني کڻي خداوند جي گهر ۾ آڻيندا آهن، تيئن اهي اوهان جن سڀني ڀائرن کي سڀني قومن مان گهوڙن تي، ۽ گاڏين ۾، ۽ ڏولين ۾، ۽ خچرن تي، ۽ تکن وهٽن تي چاڙهي، خداوند جي لاءِ نذراني طور منهنجي پاڪ جبل يروشلم ۾ آڻيندا.


اي خداوند، اسرائيل جي اميد، جيڪي توکي ڇڏي ڏين ٿا سي سڀ شرمندا ٿيندا: جيڪي مون کي ڇڏي ڏيندا سي مٽيءَ ۾ گڏيا ويندا، ڇالاءِ جو انهن خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، جو جيئري پاڻيءَ جو چشمو آهي.


ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هن جاءِ کي ناپاڪ ڪيو اٿن، ۽ انهي ۾ انهن ٻين معبودن جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي جن معبودن جي نہ کين، نہ سندن ابن ڏاڏن کي ۽ نہ يهوداہ جي بادشاهن کي خبر هئي؛ ۽ هن جاءِ کي بي گناهہ ماڻهن جي رت سان ڀري ڇڏيو اٿن؛


پر جيڪي معبود تو پنهنجي لاءِ جوڙيا سي ڪٿي آهن؟ جي اُهي توکي تنهنجي مصيبت جي وقت بچائي سگهن تہ ڀلي اُٿن: ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن.


ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، ۽ پيءُ باهہ ٻاري ٿو، ۽ زالون اٽو ڳوهين ٿيون، تہ آسمان جي راڻي لاءِ لوليون پچائين؛ ۽ ٻين معبودن لاءِ پيئڻ وارا نذرانا اوتين، انهي لاءِ تہ مون کي ڪاوڙ ڏيارين.


انهن ڀوتن جي لاءِ قربانيون چاڙهيون، نہ خدا لاءِ؛ ۽ اهڙن معبودن جي لاءِ جن جا هو واقف نہ هئا، يعني نوَن نوَن معبودن جي لاءِ، جن کان سندن ابا ڏاڏا نہ ڊڄندا هئا.


پر اوهين صيون جبل وٽ، زندہ خدا جي شهر، يعني آسمان واري يروشلم وٽ آيا آهيو، ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ