Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 64:6 - Sindhi Bible

6 اسين ناپاڪ ماڻهوءَ جهڙا ٿي پيا آهيون، ۽ اسان جي سڀ راستبازي پليت ٿيل پوشاڪ وانگي آهي: اسين سڀ پن وانگر ڪومائجي وڃون ٿا؛ ۽ اسان جون بدڪاريون واءُ وانگيان اسان کي اڏايو ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اسين سڀ جو سڀ گناهہ ڪرڻ ڪري پليت ٿي پيا آهيون. ايتري قدر جو اسان جا سمورا ڪم جيڪي سچائيءَ وارا سمجھيا ٿا وڃن، سي بہ حيض لڳل ڪپڙي وانگر پليت ٿي پيا آهن. اسين سڀ سڪل پنن وانگر ڪومائجي ڪري ٿا پئون، ۽ اسان جون بدڪاريون اسان کي هوا وانگر اُڏايو ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 64:6
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڌاريا ماڻهو ساڻا ٿي ويندا، ۽ پنهنجن قلعن مان ڏڪندا نڪري ايندا.


ناپاڪ شيءِ مان ڪير پاڪ شيءِ ڪڍي سگهندو؟ ڪوبہ نہ.


تڏهن ڪهڙيءَ طرح ماڻهو خدا وٽ سچو ٿي سگهندو؟ جيڪو ماءُ جي پيٽ مان ڄائو آهي سو ڪهڙيءَ طرح پاڪ ٿي سگهندو؟


ڏس آءٌ ڪي ڪين آهيان: توکي ڪهڙو جواب ڏيان؟ آءٌ پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي ٿو رکان.


پر بڇڙن جو حال اهڙو نہ آهي؛ اهي بهہ وانگي آهن جنهن کي واءُ اڏايو ڇڏي.


سڀني بدڪارن کي ڪوبہ علم ڪونهي ڇا؟ اهي منهنجن ماڻهن کي ائين ٿا کائين، جيئن ماني کائبي آهي ۽ خداوند کي نٿا سڏين.


ڏس بڇڙائيءَ ۾ مون کي صورت ملي، ۽ گناهہ ۾ آءٌ پنهنجيءَ ماءُ جي پيٽ ۾ ٿيس.


پر بدڪار ۽ گنهگار گڏ ناس ٿي ويندا ۽ جيڪي خداوند کي ڇڏي ڏيندا سي چٽ ٿي ويندا.


بلڪ اوهين انهيءَ شاهہ بلوط وانگر ٿيندا جنهن جا پن ڪومائجي ڪرن ٿا، ۽ انهي باغ وانگر جنهن کي پاڻي ڪونہ ٿو اچي.


انهي هوندي بہ اي يعقوب، تو مون کي نہ پڪاريو، بلڪ اي اسرائيل تون مون کان بيزار ٿي پيو آهيان.


اي سخت دل وارو، اوهين جي راستبازي کان پري آهيو سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو:


اي يعقوب جا گهراڻا، اوهين جي اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي چشمي مان نڪتا آهيو سي هيءَ ڳالهہ ٻڌو؛ اوهين خداوند جي نالي تي قسم کڻو ٿا، ۽ اسرائيل جي خدا جو ذڪر ڪريو ٿا، پر سچائيءَ ۽ راستبازيءَ سان نہ.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن طلاق نامي جي ڪري مون تنهنجيءَ ماءُ کي ڇڏي ڏنو، سو ڪٿي آهي؟ يا منهنجي قرض خواهن مان ڪير آهي جنهن جي هٿ مون اوهان کي وڪڻي ڇڏيو؟ ڏسو، اوهانجين خطائن جي ڪري اوهين وڪاڻا هئا، ۽ اوهان جن ڏوهن جي ڪري اوهان جي ماءُ کي طلاق ڏني ويئي.


جڏهن آءٌ آيس تڏهن ڇو ڪو ماڻهو ڪونہ هو؟ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڇو ڪنهن بہ جواب نہ ڏنو؟ منهنجو هٿ اهڙو ننڍو ٿي ويو آهي ڇا جو ڇڏائي نٿو سگهي؟ يا مون کي ڇڏائڻ جي سگهہ ڪانهي ڇا؟ ڏسو، آءٌ پنهنجيءَ ڌمڪيءَ سان سمنڊ کي سڪايان ٿو، ۽ ندين کي بيابان ڪري ٿو ڇڏيان: انهن جي مڇي پاڻي نہ هئڻ جي ڪري ڪِني بانس ڪري ٿي، ۽ اُڃ جي ڪري مري ٿي.


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


تڏهن مون چيو تہ افسوس آهي منهنجي حال تي! ڇالاءِ جو آءٌ ناس ٿي ويس؛ هن ڪري جو آءٌ ناپاڪ چپن وارو ماڻهو آهيان، ۽ ناپاڪ چپن واري قوم جي وچ ۾ رهان ٿو: ڇالاءِ جو منهنجن اکين بادشاهہ، لشڪرن جو خداوند ڏٺو آهي.


۽ آءٌ خداوند جي لاءِ منتظر رهندس، جو يعقوب جي گهراڻي کان پنهنجو منهن لڪائي ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي واٽ نهاريندس.


جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تيئن ئي هيءَ سڀ خرابي اسان تي آئي آهي؛ انهي هوندي بہ اسان منٿ ڪري خداوند پنهنجي خدا جو فضل نہ گهريو آهي، تہ پنهنجين بدڪارين کان باز اچون، ۽ هن جي سچ جي سمجهہ رکون.


هوا ان کي پنهنجن کنڀن ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي، ۽ هو پنهنجين قربانين جي ڪري شرمندا ٿيندا.


هو سڀ تنور وانگر گرم آهن، ۽ پنهنجن قاضين کي ڳهي ٿا وڃن؛ هنن جا سڀ بادشاهہ ڪِريا پيا آهن: هنن ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو مون کي سڏي.


پر جيڪڏهن ڪوڙهہ هن جي کل تي پورو پکڙجي ويو هجي، ۽ مريض جي سڄي بت جي کل تي مٿي کان پيرن تائين جيڪو هنڌ ڪاهن ڏسي سگهي، تنهن تي ڪوڙهہ پکڙجي ويو هجي؛


هاڻي يشوع کي گندا ڪپڙا پيا هئا، ۽ هو فرشتي جي اڳيان بيٺو هو.


ڇالاءِ جو آئون ڄاڻان ٿو تہ مون ۾، يعني منهنجي بدن ۾، نيڪي نٿي رهي، ڇوتہ دل تہ ڏاڍي اٿم تہ نيڪي ڪريان، پر ڪرڻ جي طاقت ڪانہ اٿم.


افسوس، آئون ڪهڙو نہ ڪمبخت ماڻهو آهيان! ڪير مون کي هن موت جي بدن کان ڇڏائيندو؟


۽ منجهس شريڪ ثابت ٿيان، نہ خود پنهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري جا شريعت کان آهي، پر اُنهيءَ راستبازيءَ جي ڪري جا مسيح تي ايمان آڻڻ کان ۽ ايمان جي وسيلي خدا کان حاصل ٿي ٿئي.


ڇالاءِ جو اسين بہ اڳي بي عقل، نافرمان، گمراهہ، قسم قسم جي نفساني خواهشن ۽ عشرتن جا غلام هئاسين، ۽ بدخواهي ۽ حسد ۾ گذاريندا هئاسين. ۽ نفرت جا لائق هئاسين، ۽ هڪ ٻئي سان بہ نفرت ٿي ڪئي سين.


۽ انهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو، تہ هي جي اڇا ڪپڙا پايو بيٺا آهن، سي ڪير آهن، ۽ ڪٿان آيا آهن؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ