1 جي تون آسمان ڦاڙي هيٺ لهي اچين، ۽ تنهنجي حضور ۾ جبل ڪنبن تہ ڏاڍو چڱو.
1 ڪاش! تون آسمان کي ڦاڙي هيٺ لهي اچين، تہ تو کي ڏسي جبل بہ خوف وچان ڪنبي وڃن.
قومون ڪاوڙيون، بادشاهتن کي لوڏو اچي ويو: اڃا هن پنهنجو آواز ڪڍيو تہ زمين ڳري ويئي.
تڏهن ڌرتي ڌٻي، ۽ آسمان خدا جي حضور ۾ وهي ويا: ۽ سينا جبل بہ خدا جي حضور ۾ ڏڪڻ لڳو.
ڌاريون قومون ڇو چون تہ انهن جو خدا ڪٿي آهي؟ هيئن ڪر تہ تنهنجي ٻانهن جي رت جو بدلو ڌارين قومن ۾ اسان جي ڏسندي ظاهر ٿئي.
۽ ٽئين ڏينهن جي لاءِ تيار رهن، ڇالاءِ جو ٽئين ڏينهن خداوند سڀني ماڻهن جي ڏسندي سينا جبل تي لهندو.
۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،
ڏس، آءٌ توکي هڪڙو نئون تکو ڳاهڻ جو ڏاندارو ڪندس ۽ تون جبلن کي ڳاهيندين، ۽ انهن کي ڪُٽي چور چور ڪندين، ۽ ٽڪرين کي تُهن جهڙو ڪندين.
آسمان تان هيٺ نهار، ۽ پنهنجي پاڪ ۽ جلال واري مڪان مان ڏس، تنهنجا غيرت ۽ تنهنجا قدرت وارا ڪم ڪٿي آهن؟ تنهنجي آنڊن جي اُڪير ۽ تنهنجون رحمتون جي مون تي هيون سي روڪجي ويون آهن.
اسين انهن جهڙا ٿيا آهيون جن تي تو ڪڏهن بہ حڪومت نہ هلائي؛ ۽ جي تنهنجي نالي جا نٿا سڏجن.
ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن هر کيڙڻ وارو لڻڻ واري کي اچي پهچندو، ۽ ڊاک جي لتاڙڻ وارو ٻج پوکڻ واري کي؛ ۽ جبلن تان مٺو شراب ٽمندو، ۽ سڀ ٽڪريون پگهري وينديون.
ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جو خدا، زمين کي ڇُهي ٿو ۽ اُها پگهرجي ٿي وڃي، ۽ اُها نديءَ وانگي اُٿلي مٿي چڙهي ٿي ۽ وري مصر جي نديءَ وانگي هيٺ لهي ٿي وڃي، ۽ جيڪي انهيءَ تي رهن ٿا، سي سڀ ماتم ڪندا.
۽ انهيءَ ڏينهن هو زيتون جي جبل تي، جو يروشلم جي اڳيان اڀرندي ڏانهن آهي، ان تي اُٿي بيهندو، ۽ زيتون جو جبل وچ مان ڦاٽي پوندو، ۽ انهيءَ ۾ اُڀرندي کان اُلهندي تائين هڪڙي وڏي وادي ٿي پوندي، ڇو جو اڌ جبل اُتر ڏانهن ۽ اڌ ڏکڻ ڏانهن کڄي ويندو.
۽ پاڻيءَ مان ٻاهر نڪرڻ شرط، هن آسمان کي کليل ۽ روح کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لهندو ڏٺو:
۽ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ڏٺو، ۽ انهي کي بہ، جو مٿس ويٺو هو، جنهن جي منهن تان زمين ۽ آسمان ٽري ويا؛ ۽ کين ڪابہ جاءِ ڪانہ ملي.