Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 63:7 - Sindhi Bible

7 آءٌ خداوند جي پيار ڀري مهربانيءَ جو، ۽ خداوند جي تعريف جو، انهن سڀني نعمتن موجب ذڪر ڪندس، جي اسان کي عطا ڪيون اٿس؛ ۽ اسرائيل جي گهراڻي سان پنهنجن رحمتن، ۽ بي انداز پيار ڀريءَ مهربانيءَ موجب جيڪا ڀلائي ڪئي اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 آءٌ خداوند جي ابدي شفقت جو ذڪر ڪندس، آءٌ سندس انهن بي‌شمار نعمتن لاءِ سندس واکاڻ ڪندس، جيڪي هن اسان کي عطا ڪيون آهن، ۽ انهيءَ وڏي ڀلائيءَ لاءِ بہ، جيڪا هن پنهنجي رحمتن ۽ ابدي شفقتن موجب بني اسرائيل جي ماڻهن کي ڏيکاري آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 63:7
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اٺين ڏينهن هن ماڻهن کي موڪلي ڏنو، ۽ اُهي بادشاهہ کي دعائون ڪندا پنهنجن پنهنجن تنبن ڏانهن ويا، ۽ جيڪا ڀلائي خداوند پنهنجي ٻانهي دائود، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل کي ڏيکاري هئي، تنهن جي ڪري هو دل ۾ خوش ۽ سرها هئا.


۽ ستين مهيني جي ٽيويهين تاريخ هن ماڻهن کي پنهنجن تنبن ڏانهن ڏياري موڪليو، ۽ هو انهيءَ چڱائيءَ جي ڪري خوش ٿي دل جي راضپي سان هليا ويا، جا خداوند دائود، ۽ سليمان ۽ پنهنجي قوم اسرائيل کي ڏيکاري هئي.


۽ هنن قلعن وارا شهر ورتا، ۽ ڀلي زمين، ۽ هر قسم جي شين سان ڀريل گهر، ۽ ٽڪيل حوض، ۽ انگورن ۽ زيتونن جا باغ، ۽ بيشمار ميوي دار وڻ هٿ ڪيائون: انهيءَ طرح هنن کائي ڍءُ ڪيو، ۽ ٿلها متارا ٿيا، ۽ تنهنجيءَ وڏي ڀلائيءَ جي ڪري ڏاڍا سرها ٿيا.


تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي عذاب ڏنا: ۽ مصيبت جي وقت جڏهن هنن تو وٽ دانهون ڪيون، تڏهن اُهي تو آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ پنهنجي بي انداز رحم سان تو هنن کي بچائڻ وارا ڏنا، جن هنن کي سندن دشمنن جي هٿان بچايو.


پوءِ بہ پنهنجي بي انداز رحمت سان تو هنن کي اصل نيست نابود نہ ڪري ڇڏيو، نڪي هنن کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو تون فضل ۽ رحم وارو خدا آهين.


ڇالاءِ جو هنن پنهنجيءَ بادشاهت ۾، ۽ جيڪو وڏو احسان تو هنن سان ڪيو، ۽ جا وڏي ۽ پيدائش واري زمين تو هنن کي ڏني، تنهن هوندي بہ هنن تنهنجي عبادت نہ ڪئي، ۽ نہ هو پنهنجن بڇڙن ڪمن کان باز آيا.


اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ، ۽ هن جي ڪابہ نعمت نہ وسار.


شل ماڻهو خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي عجيب ڪم ڪيا اٿس، تن جي خاطر سندس تعريف ڪن.


شل ماڻهو خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي عجيب ڪم ڪيا اٿس، تن جي خاطر سندس تعريف ڪن.


شل خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي ڪم ڪيا اٿس، تنهن جي خاطر هو سندس تعريف ڪن.


شل ماڻهو خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي عجيب ڪم ڪيا اٿس تن جي خاطر سندس تعريف ڪن.


اُهي تنهنجي وڏي ڀلائيءَ جي يادگيري ڪندا، ۽ تنهنجي راستبازيءَ جا گيت ڳائيندا؛


اي خداوند، پنهنجن رحمتن ۽ مهربانين کي ياد ڪر؛ ڇو جو اهي ازل کان آهن.


اي خدا پنهنجيءَ ٻاجهہ موجب مون تي رحم ڪر: پنهنجي گهڻي رحم موجب منهنجا گناهہ مٽائي ڇڏ.


ڇو جو تنهنجي ٻاجهہ حياتيءَ کان بہ چڱي آهي؛ منهنجو وات تنهنجي تعريف ڪندو.


پر اي خداوند تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم ۽ سچائيءَ سان ڀرپور آهين.


ڇو جو تون اي خداوند نيڪ آهين، ۽ معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهين ۽ جيڪي توکي پڪارين ٿا تن تي تون ڏاڍو رحيم آهين.


صبح جو تنهنجي ٻاجهہ جو، ۽ ڏهاڙي رات جو تنهنجي وفاداريءَ جو بيان ڪرڻ،


۽ جيڪي ڀلايون خداوند، اسرائيل سان ڪيون ۽ کين مصرين جي هٿان ڇڏايو، تن لاءِ يترو ڏاڍو خوش ٿيو.


اي خداوند اسان جا خدا، توکان سواءِ ٻين معبودن اسان جي مٿان حڪم پئي هلايو آهي؛ پر تنهنجي ئي مدد سان اسين رڳو تنهنجو نالو وٺنداسين.


پنهنجي پيءُ ابرهام، ۽ تنهنجي ماءُ سارہ ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو جڏهن مون هن کي سڏيو تڏهن هو اڪيلو هو، پر مون هن کي برڪت ڏني ۽ منجهانئس گهڻا ڪيم.


ڇالاءِ جو خداوند جنهن جو رحم توتي آهي، سو فرمائي ٿو تہ جبل هليا وڃن، ۽ ٽڪريون هٽجي وڃن؛ پر منهنجي مهرباني تو تان نہ هٽندي، نڪي منهنجو سلامتيءَ وارو عهد ٽري ويندو.


مون توکي هڪڙي لحظي لاءِ ڇڏي ڏنو آهي؛ پر گهڻيءَ ٻاجهہ سان آءٌ توکي گڏ ڪندس.


خداوند تنهنجو ڇڏائيندڙ فرمائي ٿو، تہ تمام گهڻيءَ ڪاوڙ ۾ مون هڪ لحظي واسطي پنهنجو منهن تو کان لڪايو؛ پر هميشہ واري مهربانيءَ سان آءٌ توتي رحم ڪندس،


شرير ماڻهو پنهنجو رستو ڇڏي، ۽ ناراست پنهنجا خيال ڇڏي ڏئي: اهو خداوند ڏانهن موٽي تہ هو مٿس رحم ڪندو؛ ۽ اسان جي خدا ڏانهن اچي، ڇالاءِ جو هو گهڻي معافي ڏيندو.


جيڪو خوشيءَ سان انهن کي ملي ٿو جي راستبازيءَ جا ڪم ٿا ڪن، ۽ تنهنجين واٽن تي هلي توکي ياد ٿا ڪن: ڏس تون ڪاوڙئين، ڇو تہ اسان گناهہ ڪيا، انهن ۾ اسين گهڻو وقت رهياسين، تنهن ڪري اسان کي نجات ملندي ڇا؟


ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ هو ڏک ڏيندو، تڏهن بہ پنهنجين رحمتن جي گهڻائيءَ کان هن کي ڪهل ايندي.


۽ آءٌ توکي هميشہ لاءِ پنهنجي مڱ ڪندس؛ هائو، آءٌ توکي سچائيءَ ۽ عدالت ۽ محبت جهڙي مهرباني، ۽ رحم سان پنهنجي مڱ ڪندس.


ڇالاءِ جو هن جي خوبي ۽ هن جي سونهن ڪهڙي نہ وڏي آهي! نوجوان مرد اناج سان ۽ ڪنواريون ڇوڪريون انگور جي رس سان سرهيون ٿينديون.


تنهنڪري اوهين جي بڇڙا آهيو سي جڏهن پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيئي ٿا ڄاڻو، تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو جيڪي کانئس گهرن ٿا، تن کي ڪيترو نہ وڌيڪ چڱيون شيون ڏيندو؟


يا تون سندس ڀلائي ۽ تحمل، ۽ صبر جي نعمتن کي حقير ٿو ليکين ڇا، ۽ ايترو نٿو سمجهين تہ خدا جي ڀلائي توکي توبهہ ڏانهن مائل ٿي ڪري؟


شريعت وچ ۾ آئي انهي لاءِ تہ ڏوهہ وڌيڪ ٿئي؛ پر جتي گناهہ گهڻو ٿيو آهي، اُتي فضل هيڪاري وڌيڪ ٿيو:


پر خدا، جو رحم سان ڀرپور آهي، تنهن پنهنجيءَ وڏيءَ محبت سببان، جا هن اسان سان ڪئي،


۽ ايمان ۽ محبت جا مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن سان اسان جي خداوند جو فضل مون تي نهايت گهڻو ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ