Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 63:4 - Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو انتقام جو ڏينهن منهنجيءَ دل ۾ هو، ۽ منهنجن ڇڏايلن جو سال اچي پهتو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 مون فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ منهنجي قوم کي بچائڻ جو وقت اچي پهتو آهي. هائو، اهو سندن دشمنن کان انتقام وٺڻ جو وقت هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 63:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جن کي خداوند ڇوٽڪارو ڏنو آهي سي بہ ائين چون، ڇو جو انهن کي دشمن جي هٿان ڇڏايو اٿس؛


تنهن ڪري، خداوند، لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو قادر فرمائي ٿو، تہ آءٌ دشمن کان پنهنجي جند آزاد ڪندس، ۽ پنهنجن ويرين کان وير وٺندس:


صيون عدالت جي ڪري ڇڏايو ويندو ۽ جيڪي گناهہ کان ڦريا آهن سي سچائيءَ جي ڪري.


اوهين ووءِ ووءِ ڪريو؛ ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن نزديڪ آهي؛ اهو قادر مطلق وٽان موت وانگي ايندو.


ڏسو، خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، جو ڪاوڙ ۽ خوفناڪ غضب جي ڪري ظلم جهڙو ٿيندو؛ انهيءَ لاءِ تہ زمين کي ويران ڪري، ۽ انهيءَ منجهان گنهگار ناس ڪري ڪڍي ڇڏي.


ڇالاءِ جو اهو خداوند جو وير وٺڻ جو ڏينهن آهي، ۽ صيون سان تڪرار ڪرڻ جو ۽ بدلو وٺڻ جو سال آهي.


جيڪي ڊڄڻيءَ دل وارا آهن، تن کي چئو تہ مضبوط ٿيو، ۽ ڊڄو نہ: ڏسو، اوهان جو خدا وير وٺڻ لاءِ ۽ بدلو ڏيڻ لاءِ ايندو؛ هو اچي اوهان کي بچائيندو.


اتي شينهن ڪونہ هوندو ۽ نہ ڪو ڦاڙيندڙ جانور انهيءَ تي چڙهي ويندو، اهي اتي نہ لڀندا؛ پر جيڪي ڇڏايا ويا آهن سي اتي هلندا.


تنهنجي اوگهڙ پڌري ٿيندي، هائو، تنهنجي شرمندگي ڏسڻ ۾ ايندي: آءٌ وير وٺندس، ۽ ڪوبہ ماڻهو قبول نہ ڪندس.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين مفت وڪاڻا هئا، سو بنا پئسن ڇڏيا ويندا.


۽ خداوند جي مقبول سال، ۽ خدا جي بدلي وٺڻ جي ڏينهن جي پڌرائي ڪريان؛ ۽ جيڪي ماتم ٿا ڪن، تن سڀني کي دلاسو ڏيان.


انهي جي چوڌاري مٿس هڪلون ڪريو؛ هوءَ اچي پيش پئي آهي؛ انهي جا ڪوٽ ڪنگرا ڪري پيا آهن، انهي جون ڀتيون ڊاٺيون ويون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انهي کان وير ورتو آهي؛ اوهين بہ انهي کان وير وٺو؛ جيئن هن پاڻ ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ساڻس ڪريو.


بابل منجهان ڀڄي وڃو، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي جان بچائي؛ اُن جي ڏوهہ ۾ وڍجي نہ وڃو: ڇالاءِ جو اهو خداوند جي وير وٺڻ جو وقت آهي؛ هو انهي کي بدلو ڏيندو.


۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي هٿان ادوم کان پنهنجو وير وٺندس؛ ۽ اهي ادوم ۾ منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجي غصي موجب هلت ڪندا: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ هو منهنجو انتقام ڄاڻندا.


هاڻي اي يشوع، سردار ڪاهن، تون ۽ جيڪي تنهنجا سنگتي تنهنجي اڳيان بيٺا آهن سي ٻڌو: ڇالاءِ جو هي اُهي ماڻهو آهن جي نشاني آهن؛ ڇالاءِ جو ڏس آءٌ پنهنجي ٻانهي، يعني شاخ کي آڻيان ٿو.


ڇالاءِ جو اُهي بدلي وٺڻ جا ڏينهن ٿيندا، تہ جيڪي ڳالهيون لکيل آهن سي سڀيئي پوريون ٿين.


۽ اُنهيءَ گهڙيءَ وڏو زلزلو ٿيو، ۽ شهر جو ڏهون حصو ڪِري پيو؛ ۽ انهي زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا؛ ۽ باقي ٻيا ڊڄي ويا ۽ آسمان جي خدا جو جلال ظاهر ڪرڻ لڳا.


اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ