Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 63:3 - Sindhi Bible

3 مون اڪيلي انگور جو چيچڙو لتاڙيو آهي؛ ۽ قومن مان ڪوبہ ماڻهو مون سان ڪونہ هو؛ هائو، غصي ۾ مون انهن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ مون انهن کي چٿيو؛ انهن جو رت منهنجي ڪپڙن تي ڇاٽاريو ويو، ۽ منهنجن سڀني ڪپڙن تي داغ ٿيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 خداوند وراڻيو تہ ”مون اڪيلي سر قومن کي انگورن وانگر لتاڙيو آهي، ۽ مون سان ڪوبہ ماڻهو شامل نہ هو. هائو، مون پنهنجي غصي ۽ غضب وچان انهن کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي. سو انهن جي رت جا ڇنڊا منهنجي ڪپڙن تي پيا آهن، جنهن سبب منهنجو سڄو لباس ڳاڙهو ٿي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 63:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو پنهنجو وڇيرو ڊاک سان، ۽ پنهنجو کودڙو عمديءَ ڊاک سان ٻڌندو؛ هو پنهنجا ڪپڙا مئي ۾ ڌوئندو، ۽ پنهنجي پوشاڪ انگور جي رس ۾:


۽ هن چيو تہ انهيءَ زال کي هيٺ ڪيرائي وجهو: تنهن تي هنن هيٺ ڪيرائي وڌس: ۽ هن جو ڪجهہ رت ڀت تي ۽ گهوڙن تي اچي پيو: ۽ هو کيس پيرن هيٺ لتاڙي هليو ويو.


جيڪو مغرور آهي تنهن ڏي نظر ڪر ۽ انهيءَ کي لاهي هيٺ ڪر؛ ۽ جتي شرير بيٺا آهن اُتي هنن کي لتاڙي ڇڏ.


خدا جي مدد سان اسين بهادري ڪنداسين: ڇو جو اهو ئي اسان جي دشمنن کي لتاڙي ڇڏيندو.


ڇالاءِ جو خداوند لشڪرن جي خدا وٽان رويا واريءَ وادي ۾ بي آرامي، ۽ موت، ۽ مونجهاري، ڀتين جي ڀڃڻ، ۽ جبلن تائين رڙين ڪرڻ جو هي ڏينهن آهي.


ڇالاءِ جو هن جبل تي خداوند جو هٿ رهندو، ۽ موآب پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙيو ويندو، جيئن ڪک لتاڙبا آهن.


افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جو تاج پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو.


هن راستبازيءَ کي زرهہ وانگي ڍڪيو، ۽ نجات جو ٽوپ مٿي تي رکيائين؛ ۽ هن ڪپڙن جي بدران انتقام جي پوشاڪ ڍڪي، ۽ جوش جو جامو پاتائين.


۽ غصي ۾ مون قومن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ انهن کي مست ڪيم، ۽ انهن جو رت زمين تي وهائي ڇڏيم.


خداوند منهنجي وچ ۾ منهنجن سڀني بهادر مردن کي مات ڪري ڇڏيو آهي؛ هن منهنجي برخلاف هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي آهي تہ منهنجن جوان مردن کي چپي ڇڏي؛ خداوند يهوداہ جي ڪنواري ڌيءَ کي شراب جي چيچڙي وانگر لتاڙيو آهي.


ڏاٽو وجهو، ڇالاءِ جو فصل پڪو آهي: اوهين اچو ۽ لتاڙيو؛ ڇالاءِ جو شراب جو حوض ٽمٽار آهي؛ بلڪ اُٿلي پيو آهي؛ ڇاڪاڻ تہ هنن جي شرارت وڏي آهي.


تڏهن منهنجو دشمن اهو ڏسي شرمندگيءَ سان ڍڪجي ويندو، جنهن مون کي چيو تہ خداوند تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟ منهنجون اکيون انهي کي ڏسنديون؛ هاڻي هو گهٽين جي مٽيءَ وانگي لتاڙجي ويندو.


۽ اُهي پهلوانن وانگر لڙائيءَ ۾ دشمنن کي رستي جي گپ وانگر لتاڙيندا؛ ۽ اهي وڙهندا، ڇالاءِ جو خداوند انهن سان آهي: ۽ گهوڙي سوار مُنجهي پوندا.


۽ اوهين شريرن کي لتاڙيندا؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن آءٌ اهو ڪندس، انهي ڏينهن هو اوهان جي پيرن جي ترين هيٺان خاڪ وانگر ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ