Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 63:1 - Sindhi Bible

1 هي ڪير آهي جو ادوم کان ٿو اچي، ۽ قرمزي ڪپڙا پائي بصراہ کان ٿو اچي؟ اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جو ڏاڍي زور سان ٿو هلي؟ اهو آءٌ آهيان، جو راستبازيءَ سان ٿو ڳالهايان، ۽ بچائڻ لاءِ قادر آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اهو ڪير آهي جيڪو ڳاڙهو لباس پهريو ادوم جي شهر بُصراہ کان پيو اچي؟ هائو، اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جيڪو پنهنجي قدرت ۽ طاقت سان هلندو پيو اچي؟ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهو آءٌ خداوند آهيان، جيڪو بچائڻ جي قدرت رکان ٿو ۽ پنهنجي فتح جو بيان ٿو ڪريان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 63:1
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بلع جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي بصراہ واري زارح جي پٽ يوباب بادشاهي ڪئي.


هو پنهنجو وڇيرو ڊاک سان، ۽ پنهنجو کودڙو عمديءَ ڊاک سان ٻڌندو؛ هو پنهنجا ڪپڙا مئي ۾ ڌوئندو، ۽ پنهنجي پوشاڪ انگور جي رس ۾:


۽ بالع مئو، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي يوباب بن زارح، بادشاهہ ٿيو، جو بصراہ جو هو.


خدا جي مدد سان اسين بهادري ڪنداسين: ڇو جو اهو ئي اسان جي دشمن کي پائمال ڪندو.


اي خداوند يروشلم جي ڏينهن کي بني ادوم جي برخلاف ياد رک، جن چيو ٿي تہ انهيءَ کي ڊاهيو، ۽ انهي جي پاڙ پٽي ڪڍو.


تون پنهنجيءَ قدرت جو سندرو ٻڌي، پنهنجيءَ طاقت سان جبلن کي قائم ٿو رکين.


اهو ڪير آهي جو بيابان مان دونهين جي ٿنڀن وانگر، خوشبودار ۽ مر ۽ لوبان سان، سوداگرن جي سڀني شين سان ڀريل ٿو اچي؟


اها ڪير آهي جا صبح جهڙي ٿي ڏسجي، چنڊ جهڙي سهڻي، سج جهڙي صفا، ۽ اهڙي هيبت واري جهڙو جهنڊن سان لشڪر؟


اها ڪير آهي جو پنهنجي محبوب تي ٽيڪ ڏيو بيابان مان هلي اچي؟ صوف جي وڻ هيٺ مون توکي جاڳايو: اُتي تنهنجي ماءُ کي تنهنجي ڄڻڻ جا سور ٿيا ۽ اتي جنهن توکي ڄڻيو، تنهن کي سور ٿيا.


۽ هو الهندي پاسي فلستين جي ڪنڌ تي اُڏامي وڃي لهندا؛ گڏجي اڀرندي جي رهاڪن کي ڦريندا لٽيندا: اهي پنهنجو هٿ ادوم ۽ موآب تي ڊگهيريندا؛ ۽ بني عمون انهن جا تابعدار ٿيندا.


اي قومون اوهين ويجهو اچي ٻڌو، اي امتون اوهين ڪن ڏيو: زمين ۽ جيڪي مٿس آهي، جهان ۽ جيڪي شيون منجهس پيدا ٿين ٿيون، سي ٻڌن.


ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي آءٌ سنڀاليو اچان؛ منهنجو چونڊيل، جنهن مان منهنجي دل راضي آهي: مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي؛ هو قومن ۾ عدالت جاري ڪندو.


ڦٿل ڪانو بہ هو ڪين ڀڃندو، ۽ دکيل سڻيءَ کي بہ هو ڪين وسائيندو: هو سچائيءَ سان عدالت جاري ڪندو.


مون ڳجهہ ڳوهہ ۾، يا زمين جي ڪنهن اونداهي جاءِ ۾ ڪلام نہ ڪيو آهي؛ مون يعقوب جي اولاد کي ڪونہ چيو تہ مون کي اجايو ڳوليو: آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان ۽ راستيءَ جون ڳالهيون ظاهر ٿو ڪريان.


مون پنهنجو قسم کنيو آهي، منهنجي وات مان سچائيءَ سان ڪلام نڪتو آهي، سو وري نہ ڦرندو، تہ سڀڪو گوڏو منهنجي اڳيان جهڪندو، ۽ هرڪا زبان منهنجو قسم کائيندي.


ڇالاءِ جو جنگ ۾ هٿيارن ٻڌل ماڻهوءَ جا سڀ هٿيار ۽ رت ۾ ڀريل ڪپڙا، ساڙڻ جي لاءِ باهہ جي ڪاٺين جهڙا ٿيندا.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.


۽ قريوت، ۽ بصراہ، ۽ موآب جي سڀني ويجهن ۽ پرانهن شهرن تي.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجي ذات جو قسم کنيو آهي تہ بصرہ، حيرت، ۽ ملامت، ۽ ويرانيءَ، ۽ لعنت جو سبب ٿيندو؛ ۽ ان جا سڀ شهر هميشہ لاءِ ويران رهندا.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ادوم يهوداہ جي گهراڻي کان بدلو وٺڻ ۾ هن کي ڏاڍو رنج ڪيو آهي، ۽ انهن کان پنهنجو وير ورتو اٿس؛


وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون اُهو آهين ڇا جنهن جي بابت مون قديم زماني ۾ پنهنجي بندن نبين جي معرفت ڳالهايو، جن اُنهن ڏينهن ۾ گهڻن سالن تائين نبوت ڪري چيو، تہ آءٌ توکي هنن تي چاڙهي آڻيندس؟


عبدياہ جو رويا. خداوند خدا ادوم جي بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ اسان خداوند وٽان اها خبر ٻڌي آهي، ۽ قومن ۾ هڪڙو ايلچي موڪليو ويو آهي، تہ اوهين اُٿو ۽ اچو، تہ چڙهي هلي هن سان جنگ ڪريون.


اي تيمان، تنهنجا بهادر مرد حيران پريشان ٿيندا، انهي لاءِ تہ سڀڪو ماڻهو عيسوءَ جي جبل مان قتل ڪيو وڃي.


خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، جو طاقت وارو آهي ۽ بچائيندو: اُهو خوشيءَ سان تو تي خوشي ڪندو: هو پنهنجي محبت ۾ آرام ڪندو، ۽ تو تي خوش ٿي ڳائيندو.


خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اوهان سان محبت رکي، پر تڏهن بہ اوهين ٿا چئو تہ تو ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسان سان محبت رکي آهي؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ عيسو يعقوب جو ڀاءُ نہ هو ڇا؟ تہ بہ مون يعقوب سان محبت رکي؛


خدا ماڻهو ناهي، جو ڪوڙ ڳالهائي؛ نہ آدمزاد آهي، جو پڇتائي: جيڪي هن چيو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟ يا جيڪي هن فرمايو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟


۽ جڏهن هو يروشلم ۾ آيو، تڏهن سڄي شهر ۾ هلچل مچي ويئي، ۽ ماڻهو چوڻ لڳا تہ هي ڪير آهي؟


تنهنڪري جيڪي سندس وسيلي خدا کي ويجهو ٿا وڃن، تن کي هو پوري پوري طرح بچائي ٿو سگهي، ڇو جو هو سندن شفاعت لاءِ هميشہ جيئرو آهي.


۽ جيڪا نجات آخر زماني ۾ ظاهر ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي، تنهن جي لاءِ ايمان جي وسيلي خدا جي قدرت سان اوهان جي حفاظت ٿي ٿئي.


۽ هن جا ڪپڙا رت سان ڀريل آهن، ۽ هن جو نالو ”خدا جو ڪلام“ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ