Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 62:9 - Sindhi Bible

9 پر جن اهو اَن گڏ ڪيو آهي سي ئي اهو کائيندا، ۽ خداوند جي تعريف ڪندا؛ ۽ جن اهو شراب گڏ ڪيو آهي سي ئي منهنجي پاڪ مڪان جي ايوانن ۾ اهو پيئندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 بلڪ جن اهو اناج گڏ ڪيو آهي سي ئي اهو کائيندا، ۽ مون خداوند جي واکاڻ ڪندا، ۽ جن اها مئي گڏ ڪئي آهي، سي ئي منهنجي مقدس هيڪل جي اڱڻ ۾ اها پيئندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 62:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جا شيءِ ماني ٺاهي تنهن لاءِ پئسو ڇو ٿا خرچيو؟ جنهن شيءِ مان ڍءُ نٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌو، ۽ جيڪي چڱو آهي سو کائو، ۽ ڀلي تہ اوهان جي جان سڻڀ سان خوش ٿئي.


تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، منهنجا بندا کائيندا، پر اوهين بکيا رهندا؛ ڏسو، منهنجا بندا پيئندا، پر اوهين اُڃيا رهندا: ڏسو، منهنجا بندا خوشيون ڪندا، پر اوهين شرمندا ٿيندا:


۽ اهي گهر اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا؛ اهي ڊاک جا منهہ لڳائيندا، ۽ انهن جو ميوو کائيندا،


ائين نہ ٿيندو تہ اهي گهر اڏيندا ۽ ٻيا اچي انهن ۾ رهندا؛ ۽ اهي پوکيندا ۽ ٻيا اچي کائيندا: ڇالاءِ جو منهنجيءَ اُمت جي عمر وڻ جي عمر جيتري ٿيندي، ۽ منهنجا چونڊيل پنهنجن هٿن جي ڪم مان گهڻي وقت تائين فائدو وٺندا.


وري تون سامريہ جي جبلن تي ڊاک جا منهہ پوکينديئن، پوکڻ وارا پوکيندا ۽ ان جو ڦر کائيندا.


هن سٺ سٺ هٿن جا ٿنڀ بہ جوڙيا؛ ۽ ايوان ٿنڀ تائين ٿي آيو، ۽ دروازو آس پاس هو.


۽ اوهين ججهو کائيندا ۽ ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي تعريف ڪندا، جنهن اوهان سان اهڙي عجيب هلت ڪئي آهي: ۽ منهنجي قوم ڪڏهن بہ شرمندي نہ ٿيندي.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون منهنجي راهہ ۾ هلندين ۽ منهنجي حڪم جي تعميل ڪندين، تہ تون بہ منهنجي گهر تي حڪم هلائيندين، ۽ منهنجي ايوان جي سنڀال ڪندين، ۽ آءٌ توکي هي جيڪي بيٺا آهن، تن ۾ بيهڻ جي جاءِ ڏيندس.


۽ اوهين، ۽ اوهان جا پٽ، ۽ اوهان جون ڌيون، ۽ اوهان جا غلام، ۽ اوهان جون ٻانهيون، ۽ لاوي، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ ملڻ ڪري، اوهان جي گهرن ۾ رهندا هجن، سي سڀ گڏجي خوشيون ڪجو.


اتي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو؛ ۽ تنهنجي هٿ جي ڪمائي جنهن ۾ خداوند تنهنجي خدا برڪت وڌي آهي، تنهن لاءِ اوهين پنهنجن گهراڻن سميت خوشيون ڪجو.


۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي جو تنهنجي ڳوٺ ۾ هجي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال، جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.


۽ تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خوشيءَ سان عيد ملهائجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ