Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 61:9 - Sindhi Bible

9 ۽ انهن جو نسل قومن ۾ مشهور ٿيندو، ۽ انهن جو اولاد اُمتن ۾: جيڪي انهن کي ڏسندا سي سڀ قبول ڪندا تہ هي اهو نسل آهي جنهن کي خداوند برڪت ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 انهن جو اولاد قومن ۾ ايڏو تہ مشهور ٿيندو، جو جيڪو بہ انهن کي ڏسندو سو کين سڃاڻي چوندو تہ ’هي انهيءَ قوم وارا آهن، جنهن کي خداوند برڪت ڏني هئي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 61:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي نسل جي وسيلي زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجو چوڻ مڃيو آهي.


تڏهن لابن چيس تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هجي تہ هتي ئي رهہ؛ ڇالاءِ جو مون کي آزمودي مان معلوم ٿيو آهي، تہ تنهنجي ڪري خداوند مون کي برڪت ڏني آهي.


شل خداوند اوهان کي، ۽ اوهان جي اولاد کي وڌائيندو وڃي.


ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: آءٌ تنهنجو نسل اُڀرندي کان آڻيندس، ۽ اُلهندي کان توکي گڏ ڪندس؛


ڇالاءِ جو آءٌ اُڃايل تي پاڻي هاريندس، ۽ سڪيءَ زمين تي نهرون وهائيندس: آءٌ تنهنجي نسل تي پنهنجو روح، ۽ تنهنجي اولاد تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس.


انهي هوندي بہ خداوند جي مرضي ٿي تہ هن کي چٿي؛ انهيءَ هن کي ڏکي ڪيو: جڏهن هن جي جان گناهہ جي لاءِ قربان ڪئي ويندي، تڏهن هو پنهنجو نسل ڏسندو ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، ۽ خداوند جي مرضي هن جي هٿان پوري ٿيندي.


انهن جو پورهيو اجايو نہ ويندو، نڪي سندن اولاد تي آفت ايندي؛ ڇالاءِ جو اهي پنهنجي اولاد سميت خداوند جي مبارڪ ماڻهن جو نسل آهن.


خداوند فرمائي ٿو، تہ جيئن نوان آسمان ۽ نئين زمين جي آءٌ جوڙيندس، سي منهنجي حضور ۾ قائم رهندا، تيئن اوهان جو نسل ۽ اوهان جو نالو بہ قائم رهندو.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يعقوب جي لاءِ خوشيءَ سان ڳايو، ۽ قومن جي سردار لاءِ نعرا هڻو: اوهين پڌرائي ڪريو، اوهين تعريف ڪريو ۽ چئو تہ اي خداوند، پنهنجي قوم اسرائيل جي باقي بچيلن کي بچاءِ.


اي يهوداہ ۽ اسرائيل جا گهراڻا، اوهين جي ٻين قومن ۾ لعنتي هئا، تن کي آءٌ بچائيندس، ۽ اوهين برڪت جو باعث ٿيندا: ڊڄو نہ، پر پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو.


۽ سڀ قومون اوهان کي خوشنود چونديون، ڇالاءِ جو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين هڪڙو وڻندڙ ملڪ ٿيندا.


تڏهن خدا بلعام کي چيو، تہ تون هنن سان نہ وڃ؛ نڪي انهن ماڻهن کي لعنت ڪج: ڇالاءِ جو اهي برڪت وارا آهن.


سو پهريائين خدا پنهنجو بندو کڙو ڪري اوهان ڏانهن موڪليو، تہ اوهان مان هر ڪنهن کي سندس براين کان ڦيري برڪت ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ