Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 61:3 - Sindhi Bible

3 جيڪي صيون ۾ ماتم ٿا ڪن تن لاءِ اهو ٺهرايان تہ انهن کي رک جي بدران گلن جو ڇٽ، ۽ ماتم جي بدران خوشيءَ جو تيل، ۽ دل جي ڏک جي بدران تعريف جي پوشاڪ ڏيان؛ تہ اهي راستبازيءَ جا وڻ، ۽ خداوند جا پوکيل سڏجن، جنهن ڪري هن جو جلال ظاهر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 خاص طور صيئون جي حالات تي ماتم ڪرڻ وارن کي ڏک ۽ غم جي بدران خوشي ۽ شادماني، ۽ ماتم جي بدران واکاڻ جو گيت ڏيان. اهي انهن وڻن وانگر ٿيندا جيڪي خداوند پنهنجي هٿن سان پوکيا هجن. اهي سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، تان‌تہ خداوند جي عظمت ظاهر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 61:3
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مردڪئي بادشاهہ جي حضور مان آسماني ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، ۽ هڪڙي وڏي سوني ڇٽ، ۽ هڪڙي عمدي سڻيءَ جي ۽ واڱڻائي رنگ جي قبا سان نڪري آيو: ۽ سوسن جو شهر نعرا هڻي خوش ٿيو.


جو اُهي ڏينهن آهن جن ۾ يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو، ۽ انهيءَ مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک ڦري سک ٿيو، ۽ ماتم بدلجي خوشيءَ جو ڏينهن ٿيو: ۽ اهي مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جا ڏينهن مقرر ڪن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪلين ۽ غريبن کي بخششون ڏين.


۽ شراب جو ماڻهن جي دل کي خوش ٿو ڪري، ۽ تيل جو سندن چهري کي چمڪائي ٿو ۽ ماني جا ماڻهوءَ کي طاقت ٿي ڏئي.


ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کان راضي آهي: هو نماڻن کي نجات سان سينگاريندو.


تو منهنجي دشمنن جي ڏسندي مون لاءِ دسترخانو وڇايو آهي: تو منهنجي مٿي تي تيل مکيو آهي؛ منهنجو پيالو ٽمٽار آهي.


تو منهنجي ماتم کي مٽائي نچڻ ڪيو آهي؛ تو مون تان کٿو لاهي مون کي خوشيءَ جو ڪمربند ٻڌو آهي:


انهيءَ لاءِ تہ منهنجو روح تنهنجي تعريف ڳائڻ کان ماٺ نہ ڪري. اي خداوند منهنجا خدا، آءٌ هميشہ تنهنجو شڪرانو مڃيندو رهندس.


تو سچائيءَ کي پسند ڪيو آهي، پر بڇڙائي کان نفرت ڪئي اٿيئي: تنهن ڪري خدا، تنهنجي خدا، توکي تنهنجي سنگتين کان وڌيڪ خوشيءَ جي تيل سان مسح ڪيو آهي.


تنهنجا ڪپڙا هميشہ اڇا هجن؛ ۽ تنهنجي مٿي ۾ تيل جي ڪمي نہ هجي.


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


اوهين دروازا پٽيو تہ جيڪا سچي قوم سچائيءَ جي سنڀال ٿي ڪري سا اندر گهڙي.


اي آسمانو ڳايو، ڇالاءِ جو خداوند ائين ڪيو آهي؛ اي پاتال رڙيون ڪر؛ اي جبلو، اي ٻيلا ان جا سڀ وڻو، اوهين ڳائڻ لڳو: ڇو تہ خداوند يعقوب جو عيوضو ڏنو آهي، ۽ اسرائيل ۾ هو پنهنجو جلال ظاهر ڪندو.


آءٌ پنهنجي راستبازي ويجهي ٿو آڻيان، اها پري نہ ٿيندي، ۽ منهنجي نجات کي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي؛ آءٌ صيون ۾ نجات موڪليندس ۽ اسرائيل کي پنهنجو جلال بخشيندس.


اي صيون، جاڳ، جاڳ، زور وٺ؛ اي يروشلم پاڪ شهر پنهنجي سهڻي پوشاڪ ڍڪ؛ ڇالاءِ جو اڄ کان پوءِ تو ۾ اڻ طهريل ۽ ناپاڪ ماڻهو ڪونہ ايندا.


آءٌ خداوند ۾ گهڻو خوش ٿيندس، منهنجو روح منهنجي خدا ۾ راضي رهندو؛ ڇالاءِ جو هن جيئن ڪو گهوٽ پاڻ کي ڇٽ سان سينگاري، يا ڪا ڪنوار پاڻ کي جواهرن سان سينگاري، تيئن مون کي نجات جي پوشاڪ پهرائي آهي، هن مون کي راستبازيءَ جو وڳو ڍڪايو آهي.


تڏهن ڪنواري ڇوڪري جوان ۽ ٻڍن ماڻهن سان گڏجي ناچ ۾ خوشي ڪندي، ڇالاءِ جو آءٌ انهن جي غم کي بدلائي خوشي ڪندس، ۽ هنن کي تسلي ڏيندس، ۽ هنن جي غمگيني مان کين خوشحال ڪندس.


آءٌ هنن جي لاءِ هڪڙو نامور ٻوٽو برپا ڪندس، ۽ هو اڳتي زمين ۾ ڏڪار ڪري نہ مرندا، ۽ نہ وري ڪڏهن غير قومن جو طعنو کڻندا.


هاڻي جڏهن آءٌ موٽي آيس، تڏهن ڏٺم تہ نديءَ جي ڪناري تي، هِن پاسي توڙي هُن پاسي تمام گهڻا وڻ هئا.


۽ مون چيو، تہ ڀلي هن جي مٿي تي چڱي پڳ آڻي ٻڌن. انهيءَ موجب هنن هڪڙي سٺي پڳ هن جي مٿي تي آڻي ٻڌي، ۽ ڪپڙا ڍڪيائونس؛ ۽ خداوند جو فرشتو پاسي ۾ بيٺو رهيو.


پر هن ورندي ڏيئي چيو، تہ منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن جيڪو سلو نہ هنيو آهي، سو پَٽجي ويندو.


ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان چمڪي، تہ اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي، اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جي وڏائي ڪن.


پر پڻس نوڪرن کي چيو، تہ جلدي اُچي ۾ اُچو وڳو کڻي آڻي پهرايوس؛ ۽ هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جُتي پارايوس:


هن ڳالهہ ۾ منهنجي پيءُ جو جلال ظاهر ٿو ٿئي، تہ اوهين گهڻو ڦل پيدا ڪريو؛ پوءِ اوهين منهنجا شاگرد ٿيندا.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهين روئندا ۽ پِٽيندا، پر دنيا خوشي ڪندي: اوهان کي ڏک ٿيندو، پر اوهان جو ڏک ڦري خوشي ٿي پوندو.


ڇالاءِ جو اسين سڀ خدا سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، اوهين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آهيو.


ڇالاءِ تہ ملهہ ڳڌل آهيو. تنهنڪري پنهنجي بدن سان خدا جو جلال ظاهر ڪريو.


۽ سچائي جي انهن ڦلن سان ڀريل رهو، جي يسوع مسيح جي ڪري آهن، تہ خدا جو جلال ۽ سندس تعريف ظاهر ٿئي.


سو انهي ڏينهن ٿيندو، جڏهن هن جي اچڻ ڪري، سندس پاڪ ٿيلن ۾ سندس جلال ظاهر ٿيندو، ۽ جن ايمان آندو آهي، تن سڀني ۾ تعجب جو سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو.


تو راستبازيءَ سان محبت ۽ بديءَ سان عداوت رکي؛ تنهنڪري خدا، يعني تنهنجي خدا، توکي خوشيءَ جي تيل سان تنهنجن سنگتين کان وڌيڪ مسح ڪيو.“


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


جيڪڏهن مسيح جي نالي اوهان کي طعنا ٿا هڻن تہ اوهين مبارڪ آهيو؛ ڇالاءِ جو جلال جي روح، يعني خدا جي روح جي اوهان تي ڇانوَ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ