Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 61:11 - Sindhi Bible

11 ڇالاءِ تہ جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو تنهن کي اهو ٻاهر ٿو ڪڍي؛ تيئن خداوند بہ راستبازيءَ ۽ تعريف کي سڀني قومن تي ظاهر ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو، سو اهو اڀاري ڪڍي ٿو، تيئن ئي خداوند خدا سڀني قومن آڏو اسان منجھہ حق سچ ۽ واکاڻ کي اڀاري ظاهر ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 61:11
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا چيو تہ زمين تي گاهہ، ٻج وارا ٻوٽا، ۽ ميويدار وڻ، جي پنهنجي پنهنجي جنس موجب ميويدار ۽ ٻج وارا آهن، سي سڀ زمين مان اُڀرن: ۽ ائين ئي ٿيو.


ملڪ ۾ جبلن جي چوٽيءَ تائين ججهو اَنُ ٿيندو؛ جنهن جا سنگ لبنان جي وڻن وانگي پيا لڏندا: ۽ شهر جا ماڻهو زمين جي گاهہ وانگيان وڌندا ويجهندا.


تنهنجي اُمت جي لاءِ جبلن مان سلامتي، ۽ ٽڪرين مان راستبازي پيدا ٿيندي.


سچائي زمين مان ٿي اُڀري؛ ۽ راستبازي آسمان مان ٿي نهاري.


اي اُتر جا واءُ، جاڳ؛ ۽ اي ڏکڻ، تون اچ؛ منهنجي باغ تي لڳ تہ اُن جي مصالحن جي خوشبوءِ ٻاهر نڪري، ڀلي تہ منهنجو محبوب پنهنجي باغ ۾ اچي ۽ پنهنجا قيمتي ميوا کائي.


انهي ڏينهن جيڪي اسرائيل مان ڀڄي نڪتا هوندا تن لاءِ خداوند جي ٽاري سهڻي ۽ شاندار ٿيندي، ۽ زمين جي اُپت انهن جي لاءِ تمام عمدي ۽ وڻندڙ ٿيندي.


مون پنهنجو قسم کنيو آهي، منهنجي وات مان سچائيءَ سان ڪلام نڪتو آهي، سو وري نہ ڦرندو، تہ سڀڪو گوڏو منهنجي اڳيان جهڪندو، ۽ هرڪا زبان منهنجو قسم کائيندي.


هرڪو مون بابت چوندو تہ رڳو خداوند ۾ راستبازي ۽ طاقت آهي: انهي وٽ ئي ماڻهو ايندا، ۽ جيڪي کانئس ناراض هئا، سي سڀ شرمندا ٿيندا.


اي آسمان، اوهين مٿان هيٺ ڪري پئو، ۽ ڀلي تہ آسمان راستبازي وسائين: ڀلي تہ زمين کلي پوي، ۽ انهي مان نجات ۽ راستبازيءَ جو ڦل گڏجي نڪري؛ مون خداوند انهيءَ کي پيدا ڪيو آهي.


آءٌ پنهنجي راستبازي ويجهي ٿو آڻيان، اها پري نہ ٿيندي، ۽ منهنجي نجات کي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي؛ آءٌ صيون ۾ نجات موڪليندس ۽ اسرائيل کي پنهنجو جلال بخشيندس.


شل تون منهنجا حڪم ٻڌين ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر تنهنجي سلامتي نديءَ وانگي هجي ها، ۽ تنهنجي راستبازي سمنڊ جي لهرن وانگي.


۽ خداوند هميشہ تنهنجي رهنمائي ڪندو، ۽ ويران جاين ۾ تنهنجي جان کي ڍاول رکندو، ۽ تنهنجن هڏن کي مضبوط ڪندو؛ ۽ تون پاڻي ڏنل باغ وانگي، ۽ انهي چشمي وانگي ٿيندين جنهن جو پاڻي نٿو کٽي.


تنهنجي ملڪ ۾ وري ظلم زبردستي ٻڌڻ ۾ نہ ايندي، نڪي تنهنجين سرحدن ۾ ويراني ۽ بربادي ٻڌڻ ۾ ايندي؛ پر تون پنهنجين ڀتين کي نجات، ۽ پنهنجن دروازن کي تعريف سڏيندينءَ.


تنهنجي سڄي اُمت راستباز ٿيندي، ۽ اُهي هميشہ لاءِ زمين جا وارث ٿيندا؛ اُهي منهنجي پوکيل وڻ جي ٽاري، ۽ منهنجي هٿن جو ڪم ٿيندا، انهي لاءِ تہ منهنجو جلال ظاهر ٿئي.


صيون جي خاطر آءٌ ماٺ ڪري نہ ويهندس، ۽ يروشلم جي خاطر آءٌ آرام نہ ڪندس، جيسين ڪ هن جي راستبازي روشنائيءَ وانگي ظاهر نہ ٿيندي، ۽ هن جي نجات ٻرندڙ ڏيئي وانگي نہ ڏسبي.


۽ قومون تنهنجي راستبازي ڏسنديون، ۽ سڀ بادشاهہ تنهنجو جلال ڏسندا: تون هڪڙي نئين نالي سان سڏبينءَ، جو خداوند جي واتان ڏنو ويندو.


۽ جيسين هو يروشلم کي قائم نہ ڪري، ۽ انهي کي زمين تي تعريف جي لائق نہ ڪري، تيسين هن کي آرام نہ ڏيو.


۽ جيڪو ڀليءَ زمين ۾ پوکيو ويو هو، سو اُهو آهي جو ڪلام ٻُڌي ٿو ۽ سمجهي ٿو؛ ۽ سچ پچ ڦل جهلي ٿو، ۽ ڪو سؤڻو ٿو ڏئي، ڪو سٺوڻو، ڪو ٽيهوڻو.


۽ هو اُنهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن ۾ ٻڌائڻ لڳو تہ ڏسو، هڪڙو هاري ٻج ڇَٽڻ لاءِ نڪتو.


۽ ڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا ۽ اُنهن ڦل جهليو، ڪن سؤڻو، ڪن سٺوڻو ۽ ڪن ٽيهوڻو.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ