Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 60:4 - Sindhi Bible

4 پنهنجون اکيون کڻي چوڌاري نهار: اُهي سڀ گڏ ٿين ٿا، اُهي سڀ تو ڏانهن ٿا اچن: تنهنجا پٽ پري کان ايندا، ۽ تنهنجن ڌيئرن کي هنج ۾ کڻي ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پنهنجيون اکيون کڻي چوڌاري نهار، تنهنجي ماڻهن جا ميڙ تو ڏانهن موٽي پيا اچن. ڏس، تنهنجا پٽ پري پري کان پيا اچن، ۽ جيئن ٻارن کي ڪڇ تي کڻي هلبو آهي، تيئن تنهنجي ڌيئرن کي آرام سان کڻي آندو پيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 60:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو قومن لاءِ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪندو، ۽ اسرائيل جا هڪالي ڪڍيل گڏ ڪندو، ۽ يهوداہ جا نڪتل ۽ پکيڙي پيل زمين جي چئني ڪنڊن کان آڻي گڏ ڪندو.


۽ ماڻهو انهن کي وٺي پنهنجي جاءِ تي آڻيندا: ۽ اسرائيل جو گهراڻو خداوند جي زمين ۾ انهن جو مالڪ ٿي انهن کي ٻانها ۽ ٻانهيون ڪري رکندو: ۽ جن جا هو قيدي هئا تن کي هو قيد ڪندا؛ ۽ انهن تي حڪم هلائيندا جي مٿن ظلم ڪندا هئا.


مون خداوند توکي سچائيءَ سان سڏيو آهي، آءٌ تنهنجو هٿ جهليندس ۽ تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي اُمت جي لاءِ عهد، ۽ قومن جي لاءِ سوجهرو ڪري ڏيندس؛


آءٌ اُتر کي چوندس تہ ڇڏي ڏي؛ ۽ ڏکڻ کي چوندس تہ رکي نہ ڇڏ؛ منهنجا پٽ پري کان آڻ ۽ منهنجون ڌيئر زمين جي ڇيڙي کان.


ڏس، اُهي پري کان ايندا: ڏس، اهي اُتر کان، ۽ اُلهندي کان، ۽ سينيم جي ملڪ کان ايندا.


تنهنجا ٻار تڪڙ ٿا ڪن؛ تنهنجا برباد ڪندڙ، ۽ جن توکي ويران ڪيو آهي، سي تو مان نڪري ويندا.


پنهنجون اکيون کڻي چئني پاسي نهار، ۽ ڏس، اهي سڀ گڏ ٿي تو وٽ ٿا اچن. خداوند فرمائي ٿو تہ مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم آهي تہ تون ضرور انهن سڀني کي زيورن وانگي ڍڪيندين، ۽ ڪنوار وانگيان انهن سان پاڻ کي سينگاريندين.


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ جيئن بني اسرائيل صاف ٿانوَ ۾ پنهنجي قرباني کڻي خداوند جي گهر ۾ آڻيندا آهن، تيئن اهي اوهان جن سڀني ڀائرن کي سڀني قومن مان گهوڙن تي، ۽ گاڏين ۾، ۽ ڏولين ۾، ۽ خچرن تي، ۽ تکن وهٽن تي چاڙهي، خداوند جي لاءِ نذراني طور منهنجي پاڪ جبل يروشلم ۾ آڻيندا.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊپ نہ ڪر؛ نڪي اي اسرائيل تون پريشان ٿي: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي پري کان بچائيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي هنن جي قيد جي ملڪ کان؛ ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ امن ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ هن کي نہ ڊيڄاريندو.


۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جا قيدي موٽائي آڻيندس، ۽ اُهي غير آباد شهر وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا؛ ۽ اُهي ڊاک جا منهہ لڳائيندا ۽ انهن جو شراب پيئندا؛ اُهي باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جو ڦر بہ کائيندا.


انهي ڏينهن هو اسور مان ۽ مصر جي شهر مان، بلڪ مصر کان وٺي نديءَ تائين؛ سمنڊ کان سمنڊ تائين، ۽ جبل کان جبل تائين نڪري تو وٽ ايندا.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي آءٌ سڀني قومن کي لوڏيندس، ۽ سڀني قومن جون دلپسند شيون اينديون، ۽ آءٌ هن گهر کي جلال سان ڀري ڇڏيندس.


۽ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻا اُڀرندي ۽ اُلهندي کان ايندا، ۽ آسمان جي بادشاهت ۾ ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب سان گڏ اچي ويهندا.


اوهين چئو ڪين ٿا تہ فصل جي لهڻ ۾ اڃا باقي چار مهينا آهن؟ ڏسو، آئون اوهان کي ٿو چوان، تہ پنهنجيون اکيون مٿي کڻو، ۽ پوکن ڏانهن نهاريو، جو اُهي اڳيئي لاباري لاءِ پڪيون بيٺيون آهن.


۽ ورندي سبت جي ڏينهن اٽڪل سڄو شهر خدا جو ڪلام ٻُڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ