Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 60:17 - Sindhi Bible

17 آءٌ پتل جي بدران سون آڻيندس، ۽ لوهہ جي بدران چاندي آڻيندس، ۽ ڪاٺ جي بدران پتل، ۽ پهڻن جي بدران لوهہ: آءٌ تنهنجن عملدارن کي سلامتي، ۽ تنهنجي ڍل اُڳاڙڻ وارن کي سچائي بنائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 آءٌ ڪاٺ ۽ پٿرن جي بدران پتل ۽ لوهہ آڻيندس، بلڪ پتل ۽ لوهہ جي بدران آءٌ سون ۽ چاندي آڻيندس. آءٌ تنهنجي حڪمرانن کي انصاف ۽ سلامتيءَ وارا بڻائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 60:17
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ گهر جي فرش تي بہ اندران ٻاهران هن سون مڙهايو.


هو تنهنجين سرحدن ۾ سلامتي ٿو آڻي؛ ۽ توکي تمام عمدي ڪڻڪ سان ڀرپور ٿو ڪري.


تنهنجي اُمت جي لاءِ جبلن مان سلامتي، ۽ ٽڪرين مان راستبازي پيدا ٿيندي.


۽ آءٌ تنهنجا قاضي موٽائي آڻيندس، جيئن اڳي هو: ۽ تنهنجا مشير وري آڻيندس، جيئن شروعات ۾ هو، تنهن کان پوءِ تون سچائيءَ وارو ۽ ايماندار شهر سڏبين.


انهي ڏينهن، جڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت جي ڦٽ تي پٽي ٻڌندو، ۽ انهيءَ جي زخم جو ڌڪ ڇُٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائي جهڙي ٿيندي، ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي.


ڪنڊيءَ جي بدران صنوبر جو وڻ ڄمندو، ۽ ڪنڊياريءَ جي بدران مر جو وڻ نڪرندو: ۽ اهو خداوند جي نالي لاءِ هميشہ جي نشانيءَ جي واسطي ٿيندو، جا ڪڏهن بہ ٽري نہ ويندي.


تون قومن جو کير چوسيندينءَ ۽ بادشاهن جي ڇاتي بہ چوسيندينءَ، ۽ تون ڄاڻندينءَ، تہ آءٌ خداوند تنهنجو نجات ڏيڻ وارو ۽ ڇڏائيندڙ، ۽ يعقوب جو قادر آهيان.


تنهنجي ملڪ ۾ وري ظلم زبردستي ٻڌڻ ۾ نہ ايندي، نڪي تنهنجين سرحدن ۾ ويراني ۽ بربادي ٻڌڻ ۾ ايندي؛ پر تون پنهنجين ڀتين کي نجات، ۽ پنهنجن دروازن کي تعريف سڏيندينءَ.


تڏهن هن جي جاءِ تي هڪڙو شخص اُٿندو جو هڪڙي ڍل وصول ڪندڙ کي انهي بادشاهت جي تجمل مان لنگهي وڃڻ لاءِ حڪم ڏيندو: پر ٿورن ئي ڏينهن ۾ هو مري چٽ ٿي ويندو: ۽ نہ ڪاوڙ ۾، نہ جنگ ۾.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ چاندي منهنجي آهي ۽ سون بہ منهنجو آهي.


انهيءَ ڏينهن خداوند يروشلم جي رهاڪن جو بچاءُ ٿيندو؛ ۽ انهن مان سڀ ڪنهن کان ضعيف دائود وانگر ٿيندو، ۽ دائود جو گهراڻو خدا وانگر يعني خدا جي فرشتي وانگر ٿيندو، جو سندن اڳيان اڳيان هلي ٿو.


ڇالاءِ جو خدا اسان جي لاءِ اڳيئي بهتر بندوبست ڪري ڇڏيو هو، تہ هو اسان کانسواءِ ڪامل نہ ڪيا وڃن.


پر سندس واعدي موجب اسين نوَن آسمانن ۽ نئين زمين جي انتظار ۾ آهيون، جن ۾ راستبازي ٿي رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ