Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 60:13 - Sindhi Bible

13 لبنان جو جلال، يعني صنوبر جا وڻ، ۽ ديال ۽ شمشاد جو ڪاٺ گڏجي تو وٽ ايندا، تہ منهنجي پاڪ مڪان کي سينگارين، آءٌ پنهنجيءَ قدمگاهہ کي جلالي ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 لبنان جي ٻيلن جو نهايت عمدو ڪاٺ تو وٽ آندو ويندو، يعني صنوبر، چيل ۽ شمشاد جي وڻن جو ڪاٺ. انهيءَ لاءِ تہ انهن سان منهنجي پاڪ گھر کي سينگاريو وڃي. هائو، اها هيڪل، جيڪا منهنجي پيرن جي صندلي آهي، تنهن کي آءٌ رونق بخشيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 60:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي پير اُٿي بيٺو، ۽ چيائين تہ، اي منهنجا ڀائرو، ۽ منهنجي قوم، منهنجي ٻڌو: منهنجي دل ۾ هو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق لاءِ آرام گاهہ، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پير رکڻ جي صندلي ٺاهيان؛ ۽ مون انهيءَ جي ٺاهڻ جي تياري بہ ڪئي هئي.


تنهنڪري هاڻي ڪڻڪ، ۽ جَوَ، تيل ۽ شراب، جنهن جو منهنجي ڌڻيءَ ذڪر ڪيو آهي، سو هو پنهنجن نوڪرن وٽ ڏياري موڪلي:


خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن بادشاهہ جي دل ۾ اهڙي ڳالهہ وڌي آهي، تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گهر آهي، سو سينگارجي؛


اسين هن جي خيمن ۾ وڃي، سندس پيرن جي صندليءَ وٽ سجدو ڪنداسين.


مان ۽ شان هنجي حضور ۾ آهن: قدرت ۽ جمال سندس پاڪ مڪان ۾ آهن.


اوهين خداوند اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو، ۽ سندس پيرن جي صندليءَ وٽ سجدو ڪريو: ڇو جو هو پاڪ آهي.


هو بي انداز گل ڪندو، ۽ هو خوشيءَ سان گيت ڳائي سرهو ٿيندو؛ لبنان جو شان، ۽ ڪرمل ۽ شارون جي سرفرازي هن کي ڏني ويندي: اهي خداوند جو جلال ۽ اسان جي خدا جي سرفرازي ڏسندا.


ڪنڊيءَ جي بدران صنوبر جو وڻ ڄمندو، ۽ ڪنڊياريءَ جي بدران مر جو وڻ نڪرندو: ۽ اهو خداوند جي نالي لاءِ هميشہ جي نشانيءَ جي واسطي ٿيندو، جا ڪڏهن بہ ٽري نہ ويندي.


قيدار جا سڀ ڌڻ تو وٽ گڏ ٿيندا، ۽ نبايوت جا گهٽا تنهنجي خدمت ڪندا: اهي منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پوندا، ۽ آءٌ پنهنجي جلال جي گهر کي وڌيڪ جلالي ڪندس.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ ۽ ڪهڙي جاءِ منهنجي آرامگاهہ ٿيندي؟


هاڻي جڏهن آءٌ موٽي آيس، تڏهن ڏٺم تہ نديءَ جي ڪناري تي، هِن پاسي توڙي هُن پاسي تمام گهڻا وڻ هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ