Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 60:12 - Sindhi Bible

12 ڇالاءِ تہ جيڪا قوم ۽ بادشاهت تنهنجي خدمت نہ ڪندي سا تباهہ ٿي ويندي؛ هائو، اهي قومون اصل چٽ ٿي وينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 باقي جيڪي قومون ۽ بادشاهہ تنهنجي خدمت نہ ڪندا، سي تباهہ وَ برباد ٿي ويندا. هائو، اهي قومون بلڪل چٽ ڪيون وينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 60:12
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل اُمتون تنهنجي خدمت ڪن، ۽ قومون تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. شل تون پنهنجي ڀائرن جو سردار ٿين ۽ تنهنجيءَ ماءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. جيڪو تو تي لعنت ڪري سو لعنتي ٿئي، ۽ جيڪو توکي برڪت ڏئي سو مبارڪ ٿئي.


خدا جي مدد سان اسين بهادري ڪنداسين: ڇو جو اهو ئي اسان جي دشمن کي پائمال ڪندو.


پٽ کي چُمو، متان هو غصي ٿئي، ۽ اوهين واٽ ۾ ئي نابود ٿي وڃو، ڇو تہ هن جي ڪاوڙ جلد ڀڙڪو کائيندي. مبارڪ آهن اهي سڀيئي، جن جو ڀروسو هن تي آهي.


۽ ماڻهو انهن کي وٺي پنهنجي جاءِ تي آڻيندا: ۽ اسرائيل جو گهراڻو خداوند جي زمين ۾ انهن جو مالڪ ٿي انهن کي ٻانها ۽ ٻانهيون ڪري رکندو: ۽ جن جا هو قيدي هئا تن کي هو قيد ڪندا؛ ۽ انهن تي حڪم هلائيندا جي مٿن ظلم ڪندا هئا.


ڏس، جيڪي تو تي ڪاوڙيل آهن سي سڀ شرمندا ۽ بدنام ٿيندا: جيڪي تو سان وڙهن ٿا سي حقير ۽ تباهہ ٿيندا.


ڏس، اهي گڏ ٿيندا، پر مُنهنجي طرفان نہ: جيڪي بہ تنهنجي برخلاف گڏ ٿيندا سي تنهنجي ئي سببان ڪري پوندا.


پر جي هو نہ ٻڌندا تہ آءٌ انهيءَ قوم کي پٽي ڪڍندس؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ پٽي ناس ڪندوسانس.


تو انهي کي پئي ڏٺو جيسين ڪ هڪڙو پهڻ هٿن کانسواءِ وڍجي نڪتو، ۽ اچي انهيءَ مورت جي پيرن کي لڳو، جي لوهہ ۽ مٽيءَ جا هئا، ۽ انهن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائين.


پوءِ اهو لوهہ، مٽي، پتل، چاندي ۽ سون گڏجي ڀڄي ڀري پيا، ۽ آرڙهہ جي اَن ڳاهڻ وارن پِڙن جي تهن وانگي ٿي پيا؛ ۽ انهن کي واءُ اُڏائي ويو، اهڙو جو انهن جو پتو ئي ڪونہ پيو: ۽ جيڪو پهڻ انهيءَ مورت کي لڳو هو سو هڪڙو وڏو جبل ٿي پيو، ۽ سڄي زمين ڀري ڇڏيائين.


پر خدا تعاليٰ جي اوليائن کي بادشاهت ملندي، ۽ اُهي انهي بادشاهت جا هميشہ تائين مالڪ رهندا.


۽ بادشاهت، ۽ حڪومت، ۽ آسمان جي هيٺان سڀني بادشاهتن جي شان ۽ شوڪت خدا تعاليٰ جي اوليائن کي ڏني ويندي: هن جي بادشاهت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ بادشاهت آهي، ۽ ٻيون سڀ حڪومتون انهي جي خدمت چاڪري ۽ فرمانبرداري ڪنديون.


۽ آءٌ افرائيم مان رٿ، ۽ يروشلم مان گهوڙو وڍي ڇڏيندس، ۽ جنگي ڪمان ڀڃي ڇڏيندس؛ ۽ هو قومن سان صلح سلامتيءَ جون ڳالهيون ڪندو: ۽ هن جي بادشاهي سمنڊ کان سمنڊ تائين ۽ فرات نديءَ کان زمين جي حد تائين ٿيندي.


۽ جيڪو هن پهڻ تي ڪِرندو سو ڀڄي پرزا پرزا ٿي پوندو، پر جنهن تي اُهو ڪِرندو، تنهن کي چور چور ڪري ڇڏيندو.


ٻيو تہ منهنجا اُهي دشمن، جن جي مرضي نہ هئي تہ آئون مٿن بادشاهي ڪريان، تن کي هتي وٺي اچو، ۽ منهنجي سامهون انهن کي قتل ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ