Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 60:11 - Sindhi Bible

11 تنهنجا دروازا بہ هميشہ کليل رهندا؛ اهي نہ ڏينهن جو بند ٿيندا نہ رات جو؛ انهي لاءِ تہ ماڻهو قومن جي دولت کڻي، ۽ پنهنجن بادشاهن کي ساڻ وٺي تو وٽ اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هاڻي ڏينهن رات تنهنجا دروازا کُليل رهندا، بند ڪڏهن نہ ٿيندا. انهيءَ لاءِ تہ قومن جي دولت تو وٽ آندي وڃي، ۽ انهيءَ سان گڏ سندن بادشاهہ اچي حاضري ڀرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 60:11
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ سبت جي ڏينهن کان اڳي، جڏهن يروشلم جي دروازن ۾ اونداهي ٿيڻ لڳي، تڏهن مون حڪم ڏنو تہ دروازا بند ڪريو، ۽ اهو بہ حڪم ڏنو تہ جيستائين سبت لنگهي نہ وڃي، تيستائين اُهي نہ کوليو: ۽ پنهنجن نوڪرن مان ڪن کي مون دروازن جي نظرداريءَ لاءِ ويهاريو، تہ متان سبت جي ڏينهن ڪو بار اندر کڄي اچي.


انهن جي بادشاهن کي زنجيرن سان ٻڌن، ۽ سندن اميرن کي زنجير وجهن.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند مٿي، مٿانهن جي لشڪر کي، ۽ هيٺ زمين تي، زمين جي بادشاهن کي سزا ڏيندو.


اوهين دروازا پٽيو تہ جيڪا سچي قوم سچائيءَ جي سنڀال ٿي ڪري سا اندر گهڙي.


۽ بادشاهہ تنهنجا پاليندڙ ابا، ۽ انهن جون راڻيون تنهنجون پاليندڙ اميون ٿينديون: اهي تنهنجي اڳيان جهڪي پنهنجا منهن پٽ تي رکندا، ۽ تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا، ۽ تون ڄاڻندينءَ تہ آءٌ خداوند آهيان، ۽ جيڪي منهنجا منتظر آهن سي شرمندا نہ ٿيندا.


تن کي بہ آءٌ پنهنجي پاڪ جبل تي آڻيندس، ۽ پنهنجي عبادتخاني ۾ خوش رکندس؛ انهن جون سوختني قربانيون، ۽ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پونديون: ڇالاءِ جو منهنجو گهر سڀني قومن لاءِ عبادتگاهہ سڏبو.


تنهنجي ملڪ ۾ وري ظلم زبردستي ٻڌڻ ۾ نہ ايندي، نڪي تنهنجين سرحدن ۾ ويراني ۽ بربادي ٻڌڻ ۾ ايندي؛ پر تون پنهنجين ڀتين کي نجات، ۽ پنهنجن دروازن کي تعريف سڏيندينءَ.


تڏهن تون ڏسندينءَ ۽ روشن ٿيندينءَ، ۽ تنهنجي دل ٽپندي ۽ شاد ٿيندي؛ ڇالاءِ جو سمنڊ جي دولت تو ڏانهن موٽائي ويندي، ۽ قومن جا خزانا تو وٽ ايندا.


پر اوهين خداوند جا ڪاهن سڏبا: ماڻهو اوهان کي اسان جي خدا جا خادم سڏيندا: اوهين قومن جي دولت کائيندا، ۽ انهن جو شان حاصل ڪري اوهين فخر ڪندا.


لنگهي وڃو، دروازن مان لنگهي وڃو، اوهين اُمت جو رستو تيار ڪريو؛ شاهي سڙڪ مٿانهين ڪريو، مٿانهين ڪريو؛ پهڻ ميڙي پري ڪريو؛ قومن جي لاءِ جهنڊو کڙو ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ