Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 60:10 - Sindhi Bible

10 ۽ ڌاريا ماڻهو تنهنجون ڀتيون اڏيندا، ۽ انهن جا بادشاهہ تنهنجي خدمت ڪندا: ڇالاءِ جو مون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ توکي ڌڪ هنيو، ۽ وري پنهنجيءَ مهربانيءَ ڪري توتي رحم ڪيو اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 خداوند يروشلم جي وسنديءَ کي فرمائي ٿو تہ ”غير قوم وارا ماڻهو تنهنجيون ڀتيون وري اڏيندا، ۽ سندن بادشاهہ تنهنجي خدمت ڪندا. جيتوڻيڪ مون ڪاوڙ ۾ تو کي سزا ڏني، تہ بہ هاڻي پنهنجي ٻاجھہ سبب آءٌ تو تي رحم ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 60:10
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون اُٿي صيون تي رحم ڪندين: ڇو تہ انهيءَ تي قياس ڪرڻ جو وقت آيو آهي، هائو مقرر وقت اچي پهتو آهي.


ڇو جو هن جو غصو رڳو هڪڙي پل جو آهي؛ ۽ سندس ٻاجهہ ۾ زندگي آهي: سڄي رات شايد روئڻ هجي، پر صبح جو سرهائي ٿيندي.


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


۽ بادشاهہ تنهنجا پاليندڙ ابا، ۽ انهن جون راڻيون تنهنجون پاليندڙ اميون ٿينديون: اهي تنهنجي اڳيان جهڪي پنهنجا منهن پٽ تي رکندا، ۽ تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا، ۽ تون ڄاڻندينءَ تہ آءٌ خداوند آهيان، ۽ جيڪي منهنجا منتظر آهن سي شرمندا نہ ٿيندا.


۽ اهي پرديسي جي خداوند سان گڏجن ٿا، انهي لاءِ تہ سندس خدمت ڪن، ۽ خداوند جي نالي کي پيار ڪن، ۽ سندس بندا ٿين، اهي سڀيئي جي سبت جي ڏينهن کي ناپاڪ ڪرڻ کان بچي ٿا رهن، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن؛


۽ تنهنجيءَ روشنائي تي قومون اينديون، ۽ تنهنجي اُڀرڻ جي چمڪاٽ تي بادشاهہ ايندا.


۽ خداوند جي مقبول سال، ۽ خدا جي بدلي وٺڻ جي ڏينهن جي پڌرائي ڪريان؛ ۽ جيڪي ماتم ٿا ڪن، تن سڀني کي دلاسو ڏيان.


۽ ڌاريا ماڻهو بيهي اوهان جا ڌڻ چاريندا، ۽ پرديسي اوهان جا هاري ۽ باغائي ٿيندا.


اي خداوند تون نهايت گهڻو نہ ڪاوڙج، ۽ اسان جي بدڪارين کي هميشہ تائين ياد نہ ڪر: نهار، ڏس، اسين توکي منٿ ٿا ڪريون، اسين تنهنجي اُمت آهيون.


خداوند فرمائي ٿو، تہ آءٌ انهن مان ڪي ڪاهن ۽ لاوي ٿيڻ لاءِ چونڊيندس.


تڏهن خداوند کي پنهنجي ملڪ جي لاءِ غيرت آئي، ۽ پنهنجي قوم تي رحم ڪيائين.


۽ اُهي جي پري آهن، سي اچي خداوند جي هيڪل کي ٺاهيندا، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي اوهان وٽ موڪليو آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين دل سان خداوند، پنهنجي خدا جا فرمانبردار ٿيندا، تہ اُهي ڳالهيون پوريون ٿينديون.


۽ قومون انهي جي روشنيءَ ۾ هلنديون: ۽ زمين جا بادشاهہ منجهس پنهنجو شان ۽ شوڪت آڻيندا.


۽ هو قومن جي شوڪت ۽ عزت انهي ۾ آڻيندا؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ