Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 6:4 - Sindhi Bible

4 ۽ انهي پڪارڻ واري جي آواز جي زور تي چانئٺن جا بنياد ٿڙڪي ويا ۽ گهر دونهين سان ڀرجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 انهن جي پڪار تي هيڪل جا بنياد لڏي ويا ۽ پوري هيڪل دونهين سان ڀرجي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 6:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن قرنائن وڄائڻ وارا، ۽ ڳائڻ وارا، سڀ گڏجي هڪ ٿي خداوند جي شڪرگذاري ۽ تعريف ڪرڻ ۾ هڪڙو يڪو آواز ڪڍڻ لڳا؛ ۽ جڏهن هنن پنهنجو آواز قرنائن، ۽ جهانجهن، ۽ وڄائڻ جي سازن سان مٿي کنيو، ۽ خداوند جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اهو چڱو آهي: ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءَ واري آهي: تڏهن اهو گهر، يعني خداوند جو گهر هڪڙي ڪڪر سان ڀرجي ويو.


هن جي ناسن مان دونهون نڪتو، ۽ سندس وات مان باهہ نڪري ڀسم ڪرڻ لڳي: جنهن جي ڪري ڪوئلا ٻري پيا.


تڏهن ڪڪر جماعت واري تنبوءَ کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ عبادت جو خيمو خداوند جي جلال سان ڀرجي ويو.


۽ جڏهن هو هليا ٿي تڏهن هنن جي پرن جو آواز گهڻي پاڻيءَ جي آواز جهڙو ٿي ٻڌڻ ۾ آيو، يعني قادر مطلق جي آواز جهڙو، يا لشڪر جي گوڙ ۽ هل هنگامي جو آواز: جڏهن هو بيٺا ٿي تڏهن هنن پنهنجا پر لاڙي ٿي ڇڏيا.


۽ ڪروبين جي پرن جو آواز ٻاهرين ايوان تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو، ۽ اُهو ڄڻ تہ خدا قادر مطلق جي ڳالهائڻ جهڙو آواز هو.


چانئٺيون ۽ بند ٿيل دريون، ۽ ٽنهي طبقن جي چوڌاري ورانڊا، چانئٺ جي آمهون سامهون چوڌاري ڪاٺ سان مڙهيل هئا، ۽ اُهي زمين کان وٺي درين تائين مڙهيل هئا؛ ۽ دريون ڍڪيل هيون؛


تنهن کانپوءِ هن مون کي اُتر واري دروازي کان گهر جي اڳيان آندو؛ ۽ مون نهاريو، ۽ ڏس، خداوند جي جلال خداوند جي گهر کي ڀري ڇڏيو: تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪري پيس.


مون خداوند کي قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو، ۽ هن فرمايو تہ در جي ڇتين کي ڌڪ هڻ تہ چانئٺيون لُڏن: ۽ اُهي هنن سڀني جي مٿان ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏ، ۽ هنن مان جيڪي باقي بچندا تن کي آءٌ ترار سان قتل ڪندس: ۽ هڪڙو بہ ڀڄي نہ ويندو، ۽ ڪوبہ ڇُٽي نہ ويندو.


۽ خدا جو هيڪل، جو آسمان ۾ آهي، سو کوليو ويو؛ ۽ سندس عهد جي صندوق هيڪل ۾ ڏسڻ ۾ آئي؛ پوءِ کنوڻيون، ۽ آواز، ۽ گجگوڙيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ وڏا ڳڙا پيا.


۽ اُها پاڪ جاءِ خدا جي جلال ۽ سندس قدرت جي دونهين سان ڀرجي ويئي؛ ۽ جيسين اُنهن ستن ملائڪن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيسين ڪوبہ انهيءَ پاڪ جاءِ ۾ گهڙي نہ سگهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ