Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 6:2 - Sindhi Bible

2 هن جي آس پاس سرافيم بيٺا هئا: هر هڪ کي ڇهہ پر هئا؛ ٻن سان هر هڪ پنهنجو منهن ڍڪيو، ۽ ٻن سان هر هڪ پنهنجا پير ڍڪيا، ۽ ٻن سان هر هڪ اُڏاڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هن جي چوڌاري شعلي جيان ڀڙڪندڙ مخلوق بيٺي هئي. انهن مان هر هڪ کي ڇهہ ڇهہ پر هئا، جن مان ٻن پرن سان هنن منهن لڪايا، ٻن پرن سان پنهنجا پير ڍڪيائون ۽ ٻہ پر سندن اڏامڻ لاءِ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 6:2
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابرام جهڪي سجدو ڪيو: ۽ خدا ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ايلياہ اُهو ٻڌو تڏهن پنهنجي چوغي ۾ منهن ويڙهي ٻاهر نڪتو، ۽ غار جي منهن وٽ وڃي بيهي رهيو. ۽ ڏس، هن کي هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ اي ايلياہ، تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟


۽ هن چيو تہ انهيءَ ڪري تون خداوند جو ڪلام ٻڌ: مون خداوند کي پنهنجي تخت تي ويٺل ڏٺو، ۽ آسمان جو سارو لشڪر سندس سڄي هٿ پاسي ۽ کٻي هٿ پاسي سندس نزديڪ بيٺو هو.


۽ ڪروبي جو هڪڙو پر بہ پنج هٿ هو ۽ ٻيو پر بہ پنج هٿ هو: هڪڙي پر جي چهنبڙيءَ کان وٺي ٻئي پر جي چهنبڙيءَ تائين ڏهہ هٿ هئا.


۽ هن اُهي ڪروبي اندرئين گهر منجهہ رکيا: ۽ ڪروبين جا پر کنڊريل هئا، اهڙيءَ طرح جو هڪڙي جو پر هڪڙيءَ ڀت کي ٿي لڳو، ۽ ٻئي ڪروبيءَ جو پر ٻيءَ ڀت کي ٿي لڳو؛ ۽ هنن جا پر گهر جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان لڳل هئا،


ڇالاءِ جو ڪروبي صندوق جي جاءِ جي مٿان پنهنجا پر پکيڙيو بيٺا هئا، ۽ ڪروبي صندوق، ۽ اُن جي مٿان ٽيڪ وارين لٺين کي ڍڪيو بيٺا هئا.


تون ئي تون خدا آهين: تو آسمان، ۽ آسمانن جو آسمان، اُن جي سڄي لشڪر سميت، ۽ زمين ۽ ٻيون جيڪي شيون اُتي آهن، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي، سو سڀ تو پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن سڀني کي تون ئي قائم رکين ٿو؛ ۽ آسمان جو لشڪر توکي سجدو ڪري ٿو.


هاڻي هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا جا پٽ خداوند جي اڳيان حاضري ڏيڻ آيا، تڏهن شيطان بہ ساڻن گڏجي آيو.


ڏس، هو پنهنجن پاڪ شخصن ۾ ڀروسو نٿو رکي؛ هائو؛ هن جي نظر ۾ آسمان بہ پاڪ نہ آهن.


ڏس، هو پنهنجن ٻانهن ۾ ڪو بہ ويساهہ نٿو رکي؛ ۽ پنهنجن فرشتن کي هو بي عقليءَ جي تهمت ٿو ڏئي:


اي خداوند جا فرشتا، اوهين جي طاقتوارا آهيو، ۽ هن جي ڪلام جو آواز ٻڌي مٿس عمل ٿا ڪريو، سي کيس مبارڪ چئو.


تون پنهنجن فرشتن کي هوا وانگر ٿو بنائين؛ ۽ پنهنجن خادمن کي باهہ جا شعلا:


هو ڪروبيءَ تي سوار تي اُڏاڻو: هائو هو هوا جي پرن تي تکو اُڏاڻو.


هو اهڙو خدا آهي جو پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تعظيم جي لائق آهي؛ ۽ جيڪي سندس آس پاس آهن تن سڀني کان هو وڌيڪ هيبتناڪ آهي.


انهن ڪروبين جا پر رحمت جي پوش جي مٿان پکڙيل هجن، جيئن ڪ اهو ڍڪجي وڃي، ۽ ڪروبين جا منهن هڪ ٻئي جي سامهون، رحمت جي پوش ڏانهن هجن.


وري هيئن بہ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا، ابرهام جو خدا، اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا آهيان. تڏهن موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇو جو هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.


انهن ڪروبين جا پر رحمت جي پوش جي مٿان پکڙيل هئا، ۽ سندن منهن هڪ ٻئي جي سامهون، رحمت جي پوش ڏانهن هئا.


تڏهن سرافيم مان هڪڙو اُڏامي مون وٽ آيو ۽ سندس هٿ ۾ هڪڙو ٽانڊو هو، جو هن چمٽي سان قربانگاهہ تان کنيو هو:


۽ انهن جا منهن ۽ انهن جا پر مٿي ڌار ڌار هئا؛ هرهڪ جا ٻہ ٻہ پر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا، ۽ ٻن ٻن سان هنن جا بت ڍڪيل هئا.


۽ جڏهن هو هليا ٿي تڏهن هنن جي پرن جو آواز گهڻي پاڻيءَ جي آواز جهڙو ٿي ٻڌڻ ۾ آيو، يعني قادر مطلق جي آواز جهڙو، يا لشڪر جي گوڙ ۽ هل هنگامي جو آواز: جڏهن هو بيٺا ٿي تڏهن هنن پنهنجا پر لاڙي ٿي ڇڏيا.


۽ مون نهاريو تہ اُتر مان هڪڙي طوفان جهڙي واچ نڪتي، ۽ هڪڙو وڏو ڪڪر جنهن ۾ ڄڻ تہ باهہ ويڙهي پئي هئي، ۽ انهي جي چوڌاري روشنائي هئي، ۽ انهي جي وچان، يعني باهہ جي وچ مان عنبير رنگ جهڙي روشنائي نڪتي.


۽ انهن مان هرهڪ کي چار منهن هئا ۽ هرهڪ کي چار پر هئا.


يعني هنن جا پر هڪٻئي سان ڳنڍيل هئا؛ هلندي اُهي مڙيا نٿي؛ انهن مان هرڪو سڌو اڳتي ٿي هليو ويو.


۽ جڏهن ڪروبي هليا ٿي، تڏهن ڦيٿا بہ سندن ڀرسان ٿي هليا: جڏهن ڪروبين زمين کان مٿي چڙهڻ لاءِ پنهنجا پر ٿي کنيا، تڏهن ڦيٿا بہ انهن جي پاسي کان ٿي ڦريا.


هرهڪ کي چار چار منهن هئا ۽ هرهڪ کي چار چار پر هئا؛ ۽ انهن جي پرن هيٺان ماڻهو جي هٿن جهڙا هٿ هئا.


هن جي اڳيان هڪڙي آتشي نهر نڪري وهيو ٿي آئي: هزارن جا هزار هن جي خدمت چاڪريءَ ۾ مشغول هئا، ۽ لکن جا لک هن جي اڳيان بيٺا هئا: عدالت پئي هلي، ۽ ڪتاب کليا رکيا هئا.


هائو، اڃا مون دعا پئي گهري تہ اُهو شخص جبرائيل، جنهن کي شروعات ۾ مون رويا ۾ ڏٺو هو، سو تکو اُڏامندو، اٽڪل شام جي نذراني ڏيڻ وقت، آيو ۽ اچي مون کي هٿ لاتائين.


پوءِ هن اُهي جي سندس سامهون بيٺا هئا، تن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ هن جا گندا ڪپڙا هن تان لاهيو: ۽ هن کي چيائين تہ ڏس مون تنهنجي بدڪاري تو تان لاهي ڇڏي آهي، ۽ آءٌ توکي سهڻا ڪپڙا ڍڪائيندس.


۽ ماڻهن جي سموري جماعت لوبان ساڙڻ جي مهل ٻاهر دعا پئي گهُري.


۽ ملائڪن بابت هو چوي ٿو تہ ”هو پنهنجن ملائڪن کي هوائون ڪري ٿو ۽ پنهنجن خادمن کي باهہ جو شعلو ٿو بڻائي.“


۽ مون هڪڙو ملائڪ آسمان ۾ اُڏامندو ڏٺو، جنهن وٽ زمين جي رهاڪن، ۽ سڀ ڪنهن قوم، ۽ قبيلي، ۽ ٻوليءَ ۽ اُمت کي ٻُڌائڻ لاءِ هميشہ جي خوشخبري هئي.


۽ انهن چئني جاندارن مان هرهڪ کي ڇهہ پر هئا، ۽ چوڌاري ۽ اندران اکين سان ڀريا پيا هئا؛ ۽ اهي رات ڏينهن سدائين پيا ڳائين، قدوس، قدوس، قدوس آهي خداوند خدا، قادر مطلق، جو هو، ۽ آهي، ۽ اچڻ وارو آهي.


۽ سڀيئي ملائڪ انهي تخت، ۽ بزرگن، ۽ چئن جاندارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان جهُڪي خدا کي سجدو ڪرڻ لڳا،


۽ مون آسمان جي وچ ۾ هڪڙي عقاب کي اُڏامندو ڏٺو ۽ وڏي آواز سان هيئن چوندو ٻُڌم، تہ باقي ٽن ملائڪن جون تريون، جي اڃا انهن کي وڄائڻيون آهن، تن جي ڪري زمين جي رهڻ وارن تي افسوس، افسوس، افسوس!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ