Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 6:13 - Sindhi Bible

13 ۽ جيڪڏهن انهيءَ ۾ ڏهين حصي جيترو رهجي ويندو هوندو، تہ اهو بہ وري کاڄي ويندو: جيئن ڪو تارپين ۽ شاهہ بلوط جو وڻ وڍجي جنهن کي وڍڻ کان پوءِ هن جو ٿُڙ بچيل هجي تيئن پاڪ نسل هن جو ٿُڙ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جيڪڏهن انهن مان ڏهين حصي جيترا بہ ملڪ ۾ رهجي ويندا، تہ اهي بہ ناس ٿي ويندا. اهي تارپين يا شاهہ‌بلوط وڻن جي ٿُڙ وانگر وڃي بچندا، جنهن کي بہ ساڙيو وڃي ٿو.“ تنهن هوندي بہ انهيءَ ٿُڙ مان ئي خداوند لاءِ مخصوص نسل جي نئين سر پيدا ٿيڻ جو اشارو ملي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 6:13
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي نسل جي وسيلي زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجو چوڻ مڃيو آهي.


ڇالاءِ جو هنن انهن جون ڌيئرون پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجن پٽن جي لاءِ ورتيون آهن؛ جنهن ڪري پاڪ نسل وارا، ملڪن جي ٻين قومن سان گڏجي پيا آهن: هائو، انهيءَ گناهہ ۾ اميرن ۽ حاڪمن جو هٿ زيادہ آهي.


۽ هاڻي ٿوري وقت لاءِ خداوند اسان جي خدا اسان کي مهرباني ڏيکاري آهي، جو اسان مان باقي بچيلن کي ڇڏيو اٿس، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان ۾ اسان کي هڪڙي ڪلي ڏني اٿس، انهيءَ لاءِ تہ اسان جو خدا اسان جون اکيون روشن ڪري، ۽ اسان جي غلاميءَ ۾ اسان کي ٿورو تازو ڪري.


جي لشڪرن جو خداوند اسان جي لاءِ ڪي ٿورا ماڻهو باقي نہ بچائي ها، تہ اسين جيڪر سدوم جهڙا ٿيون ها، اسين جيڪر عموراہ جهڙا ٿيون ها.


۽ يسيءَ جي ٿُڙ مان هڪڙو ڏار نڪرندو، ۽ ان جي پاڙن مان ڦر نڪرندو:


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو صيون ۾ بچي ويو هوندو، ۽ جيڪو يروشلم ۾ رهجي ويو هوندو، مطلب تہ جيڪو بہ يروشلم ۾ جيئرن ۾ لکيو ويو هوندو سو پاڪ سڏبو:


تنهن هوندي بہ آءٌ ڪجهہ باقي ڇڏيندس، جي اوهان مان ترار کان بچي نڪري قومن ۾ ويندا؛ ۽ انهي وقت اوهين ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندا.


ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ جنهن شهر مان هڪ هزار نڪرندا هئا، تنهن ۾ باقي هڪ سؤ وڃي بچيا آهن؛ ۽ جنهن مان هڪ سؤ نڪرندا هئا، تنهن مان اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ڏهہ وڃي بچيا آهن.


۽ اُهي ترار سان اسور جي ملڪ کي ۽ نمرود جي زمين کي اندر گهڙڻ وارين جاين تائين، ويران ڪندا، ۽ هو اسان کي اسور کان بچائيندو، جڏهن اُهو اسان جي ملڪ ۾ ايندو ۽ اسان جي سرحد ۾ پير رکندو.


پر آءٌ تنهنجي وچ ۾ هڪڙي ڏکويل ۽ غريب قوم ڇڏيندس، جا خداوند جي نالي تي ڀروسو رکندي.


۽ هيئن ٿيندو تہ سڄي ملڪ مان ٻہ حصا قتل ٿي ويندا ۽ مرندا، ۽ باقي ٽيون حصو بچي ويندو.


ڇا هن هڪڙي ئي زال پيدا نہ ڪئي، جيتوڻيڪ هن وٽ روح بچيل هو؟ پوءِ ڇو هڪڙي ئي پيدا ڪيائين؟ ڇالاءِ جو هن ديندار نسل ٿي چاهيو. انهي ڪري پنهنجي نفس کان خبردار رهو، ۽ ڪوبہ پنهنجي جوانيءَ جي زال سان بي وفائي نہ ڪري.


۽ جيڪڏهن اُهي ڏينهن گهٽايا نہ وڃن ها تہ جيڪر ڪوبہ انسان نہ بچي ها، پر چونڊيلن جي خاطر اُهي ڏينهن گهٽايا ويندا.


۽ جيڪڏهن خداوند اُهي ڏينهن نہ گهٽائي ها تہ جيڪر ڪوبہ نہ بچي ها؛ پر چونڊيل، جن کي پاڻ چونڊيو اٿس، تن جي خاطر اهي ڏينهن گهٽايائين.


۽ جسم جي لاڳاپي ڪري مسيح بہ اُنهن ئي جو آهي، جو سڀني جي مٿان هميشہ تائين سڳورو خدا آهي. آمين.


جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين، تہ پوءِ اوهين جي آسمان جي تارن جيترا هئا؛ سي گهڻو گهٽجي ويندا.


ڇالاءِ جو اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت آهيو: خداوند اوهان جي زمين جي سڀني قومن مان، اوهان کي پنهنجي خاص اُمت ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ