آءٌ ماڻهو توڙي جانور کي چٽ ڪري ڇڏيندس؛ آءٌ هوا جي پکين کي ۽ سمنڊ جي مڇين کي، ۽ شريرن کي سندن آٿڙائڻ وارن پٿرن سان گڏ ناس ڪندس؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انسان کي زمين جي سطح تان وڍي ڇڏيندس.
۽ خداوند اوهان کي زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، سڀني قومن ۾ دربدر ڪندو، اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانهي.